ڊاڪٽر سليمان شيخ جي زندگيءَ جو خاڪـو سندس زباني آءُ هڪ غريب ڪورڪي هنر سان واڳيل گڏيل خاندان ۾ 4 جون 1942ع ۾ هالا شهر ۾ اکيون کوليون .ا منهنجي والد صاحب جا ٽي ڀائر هئا ، بابا سڀني کان وڏو هو. بابا ۽ گھر جا ٻيا ڀاتي ڪپڙو اُڻيندا هئا، جڏهن ته منهنجا ٽئي چاچا پڙهيل لکيل هئا، هڪ انهن مان سرڪاري نوڪري ۾ هو، ٻيو ۽ ٽيو (ننڍو چاچو ) پاڻ ۾ گڏجي دوڪان هلائيندا هئا ۽ هي سڀ ڳوٺ کپري ۾ رهندا هئا .ا جيئن ته مان خاندان ۾ اڪيلو ٻار هئس ان سان گڏوگڏ مون تي نالو منهنجي ڏاڏي جو رکيو ويو هوانهيءَ ڪري سڀئي خاندان جا فرد مون سان تمام گھڻو پيار ۽ محبت ڪندا هئا.ڏاڏا سائين جي ادب ڪري هو منهنجو نالو نه وٺندا هئا پر ”بابا“ ڪري سڏيندا هئا. مان سڀني جو دادلو ٻار هئس. اسان جي گھر سان گڏوگڏ مائٽن جا به گھر هئا، اسين سڀ شيخ سڏبا هئاسين .ا اسانجو هڪ بزرگ جنهن جو نالو عبدالله هو ۽ عمر 100 سال هئي، ان کان مون هڪ ڏينهن شجري جي باري ۾ پڇو، هن چيو ته ”مون کي ٽن چئن پيڙهين جي خبر آهي، باقي اسان جا وڏا ڪٿان آيا اها مون کي خبر نه آهي“ـ تنهن ڪري مون کي خبر نه آهي ته اسين ڪٿان ، ڪڏهن ۽ ڪيئن شيخ بڻياسين، ٿي سگھي ٿو ته ” اسين 200 سال اڳ مسلمان ٿيا هجون“ .ا لوهاڻا به ڪپڙن اڻڻ جو ڪم ڪندا هئا، تنهن ڪري لوهاڻا به شيخ سڏائيندا هئا، جهڙي نموني سان مومن ميمڻ ٿي ويا .ا هالا ان وقت ڪچو ڳوٺ هو نه ئي اتي ڪا بجلي هئي. هالا جا 90سيڪڙو رهاڪو هنرمند ۽ ڪاريگر هئا، ان زماني ۾ ڪـورڪـو ڪـم ، ڪاشيگري، اجرڪون ٺاهڻ، وگھامل يا جنڊي جو ڪم ۽ پينهون ٺاهڻ جو ڪاروبار هلندڙ هو. انهن سڀني مان ڪپڙن جو ڪاروبار پنهنجي عروج تي هو. اهي ڌنڌا ان وقت گھڻو ڪري اسان جا هندو ڀائر ڪندا هئا. اهي هالا جي رهوسين جي ورزگار جا چٽا اڪريل عڪس هئا .ا جيئن ته آءُ اڪيلو گھر ۾ ٻار هئس ۽ گھر وارا مون کي بيحد پيار ۽ توجھ ڏيندا هئا.گھر وارن جو خيال هو ته هي ڪجھ پڙهي وٺي ، تنهن ڪري بابا مون کي گورنمينٽ پرائمري اسڪول هالا ۾ داخل ڪرايو. مون کي يادگيري آهي ته 1947ع ۾ مان ٻاراڻو پڙهڻ شروع ڪيو. ان زماني ۾ تعليم جي شروعات ٻاراڻي سان ڪئي ويندي هئي جيئن هاڻي نرسري ۽ ڪي جي کان ڪئي وڃي ٿي. منهنجي ٻاراڻي ڪلاس جو استاد هڪ ديوان هو، جنهن جو نالو مون کان وسري ويو آهي. اسان اچانڪ ٻڌوسين شهر ڇڏي هليو ويو ۽ ٻئي ڳالھ جيڪا ياد اچي ٿي ته شهر جي چوڪ تي ويهڻ جون منجون، کٽون، ڪرسيون ۽ ڪي گھر جي سينگار جون شيون وڪري لاءِ رکيون ويون هيون ، پڇا ڪرڻ تي خبر پئي ته هندو پيا لڏين ۽ اها منهنجي پاڪستان ٺهڻ جي يادگيري آهي .ا ان زماني ۾ سڄي ڏينهن جي پورهئي جي قيمت اٺ آنا يا ٻارنهن آنا هوندي هئي .ا اسين سڀ مڇي ماني وارا هوندا هئاسين، سڀ مرد ۽ عورتون ڪم ڪنديون هيون.مون کي گھر وارن چيو ته تون ڪم نه ڪر ـــ تون پڙھ ـــ مان پرائمري اسڪول پاس ڪيو .ا اڪثر اسان جا محترم استاد لڏي ويا. رهيلن مان هڪ استاد گاگن مل هو ۽ هي تمام سٺو استاد هو. آءُ پهريون درجو استاد محمّد بچل قريشي وٽ پڙهيس ۽ ٻيو درجو ان جي ڀاءُ سائين محمّد اشرف قريشي وٽ پڙهيس ۽ ٽيون درجو استاد عبدالهادي شيخ وٽ پڙهيس، سائين عبدالهادي منهنجو عزيز ۽ مهربان هو، چوٿون ۽ پنجون درجو به سائين وٽ پڙهيس. ان زماني ۾ شاگرد کي اسڪالرشپ (وظيفو) به ملندي هئي، پر ان لاءِ امتحان پاس ڪرڻ لازمي هوندو هو ۽ مان ان ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي .ا جيئن اپريل 1952ع ۾ پهريون انگريزي درجو شروع ڪيو ته 10 رپيا مهينو وظيفو ملڻ شروع ٿيو .ا مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول جيڪو 1942ع ۾ شروع ٿي چڪو هو، جنهن جو سمورو تعميراتي خرچ جناب مخدوم غلام حيدر رح پنهنجي هڙان ڪيو، ان کي اوائلي دور ۾ مدرسه هاءِ اسڪول چوندا هئا، هن عظيم درسگاھ هالا جي سماج ۾ تبديلي جي آثارن جو بنياد وڌو، سو گورنمينٽ پنهنجي تحويل ۾ وٺي چڪي هئي، مخدوم غلام حيدر صاحب تڏهن حيات هئا .ا ان زماني ۾ اسڪول جو رواج زبردست هو. اسان کي باقاعدي شام جو راند جي لاءِ اسڪول واپس وڃڻو پوندو هو ۽ راند کيڏڻ ضروري هو. مان راند کان ڊڄندو هئس، مان تمام لڄارو هوس، گھر ۾ ڪو ڀاءُ ڀيڻ به نه هو جو ڪنهن سان کيڏان ڇاڪاڻ جو مان سڪي لڌو ٻار هئس. مائٽ مون کي ٻاهر ڇڏيندا ڪو نه هئا ته متان مون کي ڪو ماري وجھي. اسان جي اسڪول ۾ ڪرڪيٽ کيڏي ويندي هئي، 1952ع ۾ اسان جي ڪرڪيٽ ٽيم هئي، ڪراچي جي ڪرڪيٽ جون ٽيمون اسان جي ٽيم سان کيڏنديون هيون .ا آءُ گھڻو نه کيڏيس ۽ جڏهن به کيڏيس ته بالن مون کي نشانو بنايو تنهن ڪري مان ڀڄي ويندو هئس .ا مخدوم صاحب جن شام جو روز ايندا هئا، راند جي ميدان تي هڪ چبوترو ٺهيل هوندو هو، اتي ويهي ٻارن جي راند دلچسپي سان ڏسندا هئا.اسان ٻارن کي هن سان ملڻ ۾ خوشي ٿيندي هئي. جيڏي مهل سانجهيءَ جي ٻانگ ايندي هئي ته پاڻ نماز پڙهائيندا هئا. اسڪول ۾ مسجد ٺهيل هوندي هئي، اها اڃا تائين موجود آهي.اهو مخدوم صاحب جو روز جو معمول هو.1954ع ۾ مخدوم صاحب جن هن فاني دنيا کي ڇڏي ابدي جهان ڏي ويا .ا مخدوم صاحب مولوي، ديوبند جو فاضل عالم هو، هو ان وقت سنڌ اسيمبلي جو ميمبر به هو ۽ سڀئي ماڻهو هن بردبار،اڪابر۽ انسان دوست کي وڏي عزت ۽ احترام وچان ملندا هئا .ا سائين محمود ابڙيجو اسان جو معزز استاد هو، اسين سڀ سائين جي عزت ۽ پيار ڪندا هئاسين، سائين اسان کي هر روز رات جو پنهنجي گھر ۾ مفت ٽيوشن پڙهائيندو هو.اسين رات جو لالٽين کڻي ويندا هئاسين ڇاڪاڻ جو اڃا بجلي نه آئي هئي. رات جو گھٽين ۾ ڪتا تنگ ڪندا هئا ۽ گھٽيون ڪچيون به هونديون هيون، تنهن ڪري اسي هڪ هٿ ۾ لٺ ۽ ٻئي ۾ لالٽين کڻي ۽ ڪتاب ڪڇ ۾ کڻي سڌو سائين وٽ ويندا هئاسين ۽ سومهڻي کانپوءِ واپس ورندا هئاسين .ا انگريزي ٽئين درجي لاءِ به جدا اسڪالرشپ هوندي هئي، آءُ امتحان ڏنو ۽ ان ۾ به ڪامياب ٿيس، مون کي چوٿين درجي تائين ساڍا ٻارنهن رپيا وظيفو هرمهيني ملندو هو .ا آءُ هر سال پهريون نمبر ڪلاس ۾ ايندو هئس تنهن ڪري استادن جو راز ۽ ڌيان مون تي رهندو هو، هر ڪو مون کي پيار ڪندو هو.ائين مان سڃاپڻ لڳس۽ پوءِ مشهور ٿي ويس، اهڙي نموني سان مان اڳتي وڌندو ويس .ا چوٿين ۽ پنجين درجي ۾ اسانجو هيڊ ماستر سائين غلام رضا ڀٽو صاحب ٿيو، سائين جن تمام هڪ برجستو پرنسپال ثابت ٿيا، هي اسان جي ڳوٺ جو هو ۽ ان دور ۾ رضا صاحب اسڪول ۾ ڏاڍي دلچسپي ورتي ۽ هو اسان کي والدين وانگي سنڀاليندو هو .ا منهجو والد صاحب خاندان ۾ سخت ماڻهو هو۽ اسان سڀني تي هن جو رعب هوندو هو. جيڪي به اڻ وڻندڙ ڪا ڳالھ پاڙي ۾ ٿيندي هئي ان جو فيصلو بابا سائين ڪندو هو. شهر ۾ به چڱو خاصو بيٺل هوندو هو.ان وقت ميونسپل ڪاميٽي جو ميمبر رهيو ۽ هو ننڍا ننڍا ڪچي جي زمين جا ٺيڪا کڻندو هو.ان زماني ۾ اسان هڪ گھوڙو ورتو ۽ مون ان تي سواري سکي، اهو گھوڙو ڏاڍو خوبصورت ۽ وڻندڙ هوندو هو .ا ا 1952ع ۾ اسان جا ڏينهن ڪجھ بدليا .چاچي ڪاٽن جي فيڪٽري کولي.اسان وٽ جيپ اچي وئي ۽ اسان مڊل ڪلاس جا ٿي وياسين.بابا 1949ع ۾ حج تي ويو .ا مون کي مطالعي جو ڏاڍو شوق هوندو هو تنهن ڪري ڪتاب مون کي ڏاڍا پسند هئا.منهنجو وڏو چاچو(حاجي احمد خان مرحوم) بي اولاد هو ۽ ان کي به ڪتاب پڙهڻ جو شوق هو، هو اردو رسالا ڏاڍي شوق سان پڙهندو هو.ان زماني ۾ هو تپيدار هو.هو جيڪي به رسالا آڻيندو هو ، سو مون کي ڏيندو هو. چاچي کي ڏيپلائي جا ڪتاب ڏاڍا وڻندا هئا. ڏيپلائي ان زماني ۾ ننڍا ننڍا ناول ۽ پيرن جي خلاف لکندو هو.1952ع ۾ مون کي جيڪو ياد آهي ته ٻه رسالا نڪرندا هئا. جيڪي باقاعدي آءُ پڙهندو هئس، انهن مان هڪ ته نئين زندگي ۽ ٻيو ته اسان جي ڳوٺ مان فردوس نڪرندو هو ۽ هي رسالو حضرت مخدوم طالب المولا جي سرپرستي ۾ نڪرندو هو. انهيءَ زماني ۾ الزمان پرنٽنگ پريس لڳي ۽ ان مان ڪافي رسالا ۽ ڪتاب نڪرندا هئا.ان سان گڏوگڏ ٻه هفتيوار اخبارون هڪ ڪوثر ۽ ٻئي الزمان نڪرندي هئي. اهي سڀ ادبي ۽ علمي اخبارون هونديون هيون .ا ان زماني ۾ هالا علمي ادبي لحاظ کان زبردست شهر هو.انهيءَ ڪري منهنجو تعليم سان گڏوگڏ ادبي رجحان به وڌيو .ا ا 1952ع ۾ بزم گلستان جو پايو ٻن ڀائرن مرحوم غلام مرتضٰي ڀٽي ۽ مقبول ڀٽي وڌو.بزم گلستان جو دائرو جڏهن ٻين شهرن ڏانهن وڌيو ته مان هالن ۾ ان جو ميمبر ٿيس۽پوءِ هلندي هلندي جوائنٽ سيڪريٽري ٿيس.ائين اسان کي ننڍيون ننڍيون بزمون ٺاهڻ جو شوق جاڳيو ۽ اسان ان شوق کي وطن دوست ڪلب سان پورو ڪـيو.پوءِ اهو سلسلو وڌندو ويو .ا اسان پاڻ ۾ دوست ڪتاب گڏ ڪري هڪ ليڊنگ لائبريري جو بنياد وڌو، گڏوگڏ ادبي مشاعرن جو اڻ کٽ سلسلو شروع ڪيوسين. مضمون نويسي جو مقابلو ڪرائيندا هئاسين جڏهن ته اسان جا وڏا مخدوم هالن ۾ باقاعده مهيني ۾ ڪو نه ڪو مشاعرو ڪرائيندا هئا.ان ۾ هالن جي ڀلوڙ شاعرن سان گڏ سنڌ جا سٺا شاعر پڻ اچي گڏ ٿيندا هئا.مون کي ياد پئي ٿو ته 1954 يا 1955ع ۾ هڪ وڏو مشاعرو ٿيو هو، جنهن جي صدارت مخدوم طالب المولا ڪئي هئي. مخدوم طالب المولا پاڻ هڪ عوامي شاعر هو، انهيءَ ڪري به هالا ۾ گھڻيون بزمون ٺهيون.بزمي رفيق ان جي ڪڙي هئي جيڪا باقاعدي هر مهيني ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان ڪا نه ڪا گڏجاڻي منعقد ڪـندي هئي. جيئن شعبان جي مهيني ۾ نعتيه مشاعره،رمضان شريف ۾ مولود ڪانفرنس ٿيندي هئي.ان ۾ به سنڌ جا چوٽيءَ جا عالم ۽ نعت خوان حصو وٺندا هئا.ربيع الاول مهيني ۾ عيد ميلاد النبي جا وڏا جلسا به بزم رفيق ڪرائيندي هئي.هنن سڀني ڪانفرنسن ۾ اسان کي رضاڪارانه طور تي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو، پوءِ ڏسندي ڏسندي آرگنائيزيشن جو شوق جاڳيو ته جيڪڏهن جلسو ڪجي ته ڪيئن ڪجي، ان جي ڪارروائي ڪيئن هلائجي .ا اسين کجي جا ڦر پٽي ننڍا ننڍا پيچرا ٺاهيندا هئاسين انهن ڦرن تي وري ڦُلا جن تي اسين مختلف رنگ ڏئي چمبڙائيندا هئاسين ۽ رات جو گولن جي روشني تي تارن وانگر ٽمڪندا هئا. اسان کي ان مان ڏاڍو اتساھ ۽ خوشي محسوس ٿيندي هئي ڄڻ ان کان وڌيڪ ٻي ڪا خوشي ڪا نه هئي .ا رمضان شريف ۾ ختم شريف ٿيندا هئا، اسين ان ۾ مولود شريف پڙهندا هئاسين، تراويحون پڙهندا هئاسين. رمضان جي آخري ڏهاڪي ۾ حافظ سڄي رات قرآن شريف پڙهندا هئا ۽ اسين اهو سڀ ٻڌي صبح جو روزو رکي پوءِ اچي سمهندا هئاسين .ا مشاعرن ۾ هالن جا سڀ سٺا شاعر ايندا هئا ، تن ۾ مولانا جان محمّد اضعف صاحب ۽ ان جا سڀئي شاعر پٽ (اڃا تائين منصور ويرڊگي صاحب حيات آهي) ۽ ڀائر عبدالرحيم بيدل، عبدالله بيوس ۽ عبدالقادر ، منور ايندا هئا. اهي سڀئي ڀلوڙ شاعر ۽ هڪ خاندان جا ڀاتي هئا.ان کان علاوه وري ٻيو خاندان انصاري هو هي سڀ ڀلوڙ شاعر هئا.ٽيون خاندان سليم هالائي وارن جو هو ، ان جا ڀائر انور هالائي ۽ شوڪت ابڙو ۽ ٻيا هئا.اهي سڀ هڪڙي هڪڙي خاندان مان 8 ۽ 10 شاعر هئا غلام رسول ابڙو، (غلام هالائي) هڪ سٺو استاد هو، سٺو ڳائڻ ۽ گھڙي وڄائڻ ۾ ماهر هو، ان سان گڏوگڏ استاد شعراءِ هو ، هن جا ڪافي شاگرد هئا. ان جو ڀاءُ عبداللطيف ساقي پڻ وڏو شاعر ۽ حڪيم هو. خليفو محمد عمر اختر هالائي صاحبِ بيان شاعر هو .ا اسانجو پراڻو استاد انجم هالائي پڻ اخوند ۽ شاعر هو . هي سڀئي هالا جي مجلسن ۽ ڪانفرنسن جي سونهن ۽ سرهاڻ هوندا هئا. ۽ ٻاهريان ٽکڙ شريف جا شاعر ايندا هئا تن مان امداد حسيني شاعر وڃي بچيو آهي. هن جا سڀئي چاچا مخدوم صاحب جا مريد هئا .ا غلام محمد گرامي صاحب تڏهن مهراڻ رسالو ڪڍندو هو .ا مخدوم غلام حيدر صاحب 1952ع ۾ ڪاليج ٺهرايو .ا اسدالله شاھ ، بيخود حسيني ۽ فقير راحت جيڪو سائنٽسٽ به آهي، محبوب سروري ، ڪشمور جو شعبان بخت جنهن سان تازو ملي آيو آهيان ۽ محمد صديق دلبر موري جو آهي. سڀ اسانجي ننڍپڻ واري زماني جا شاعر هئا ۽ پوءِ گھڻا مشهور شاعر ٿيا .ا انهن مان ٻيا به الاهي ڪردار هئا پر انهن جا نالا ذهن ۾ نه ٿا اچن. .ا مخدوم طالب المولا پاڻ به وڏو شاعر هو ۽ سندس اولاد امين فهيم ۽ خليق الزمان سٺا شاعر آهن .ا اسان وٽ خانداني شاعري هوندي هئي، مان به گھڻي ڪوشش ڪئي ته شاعري ڪريان پر شاعر نه ٿي سگهيس، مون ۾ اها ڏات نه هئي جو مان شاعري ڪريان، باقي لکڻ جو شوق جاڳيو، ٿوريون گهڻيون ڪهاڻيون ۽ مضمون لکياسين.اسڪول جو ڪم ڪار ڏاڍي شوق سان ڪندو هوس، اهو سبب هو جو مان هر ڪلاس ۾ مانيٽر رهيس. پوءِ 1956ع ۾ يونين ٺاهيسين ائين کڻي چئو ته اسين انڊر ٽريننگ هئاسين، انهن ڏينهن ۾ جيڪي تحريڪ جنم وٺندي هئي ان ۾ شامل ٿيندا هئاسين. جيئن ون يونٽ جي زماني ۾ سنڌي ادبي سنگت چيو ته ون يونٽ خلاف صحيح مهم هلايو ۽ اسين ڏاڍا متحرڪـ ٿياسين انهيءَ جي ڪري (سي آءِ ڊي ) وارن پڪڙيو پر ننڍي عمر جي ڪري ڇڏي ڏنو .ا ننڍي لاڪر مون کي تقرير ڪرڻ جو شوق ڏاڍو هوندو هو سو مان چاهيندو هوس ته تقرير ڪريان پوءِ ڪلاس ۽ اسڪول ليول جي تقريري مقابلن ۽ مذاڪرن ۾ حصو وٺندا هئاسين.جيئن 23 مارچ ، پاڪستان جو ڏينهن، اقبال ڊي، شاه لطيف جي ڏينهن ۾ جيڪي جلسا ۽ جلوس ٿيندا هئا انهن ۾ اسين گھڻي ڀاڱي حصو وٺندا هئاسين .ا هن رجحان جي ارتقا جو سبب اسان جا استاد هئا جن اسان کي پڙهائڻ، همٿ ڏيڻ ۽ تياري ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. اهي سڀ ڏاڍا سٺا استاد هئا.اسان جي ڏاڍي ڪمپني هوندي هئي، اسين سڀ دوست انجمنون ٺاهي گڏ گھمندا هئاسين. عبدالغفار ابڙو، يوسف ابڙو پاڙيسري هئا.ان کان پوءِ الياس پيرزادو هاڻي هو وفات ڪري ويو آهي. عبدالقيوم صاحب جن حيات آهن ، هاڻي حڪمت ڪندو آهي.عبدالحميد صاحب وڏو شاعر ۽ پرنسپال گورنمينٽ ڪمرشل ڪاليج هئا. ۽ رٽائر آهن. سائين محبوب علي چنا جا پٽ شفيق الرحمٰن چنه، اسان سان گڏ پڙهندا هئا.احمد علي قريشي اسان کان هڪ سال سينئر هو . تنهن زماني ۾ استاد به ڏاڍا سٺا هوندا هئا ۽ انهن مان ڪي يادگار استاد به آهن. انهن مان جيڪي ياد اچن ٿا تن مان سائين باغ علي سهاڳ دادو جو (سائين حيات آهن ۽ هڪ اسڪول هلائي رهيا آهن). مرحوم استاد عبداللطيف ميمڻ صاحب، مرحوم سائين الله ڏنو شيخ صاحب، هن اسان کي سائنس پڙهائي ۽ هن ئي ماڻهو اسان کي تيار ڪيو ته آءُ سائنس جي سبجيڪٽن جي پيپرن جو انگريزي ۾ جواب ڏيان. سائين مون کي انگريزي ۾ جواب لکڻ جي لائق بڻايو. منهنجي بابا جو مامو سائين احمد خان جنهن ممبئي مان ميٽرڪ ڪئي هئي ۽ پوءِ انگريزي جو استاد ڍينگھاڻ ڀرڳڙي ۾ مقرر ٿيو. سائين جڏهن موڪلن ۾ ايندا هئا ته مون کي انگريزي سيکاريندا هئا ۽ جيڪا ڪمزوري هئي سا سائينءَ ختم ڪرائي.مان جيئن ته لاڏلو ٻار هئس ، اڪيلو هئس ٻيو ڪم ڪار نه هوندو هو راند مون کي ايندي نه هئي، سو اڪثر ڪري پڙهڻ ۾ وقت کپائيندو هئس. اسڪولي نصاب پڙهڻ کانپوءِ ، ناول، رسالا پڙهندو هئس. جيڪي به ان وقت 1952ع کان رسالا نڪرندا هئا مون وٽ انهن جي سٺي ڪليڪشن هوندي هئي.اهي اڃا تائين مون وٽ موجود آهن، جيڪي هاڻي مون جلدن ۾ ٻڌرايا آهن. آءُ سمجھان ٿو ته اهو دور منهنجي سکيا جو دور هو . سائين غلام رضا جنهن ان دور ۾ ايم اي پئي ڪئي ۽ انهيءَ لاءِ ٿيسز پئي لکي ، جڏهن ته ٿيسز لاءِ ڪنهن به انگريزي ناول جو سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻو پوندو هو ۽ اها سائين جن جي ٽاپڪ هئي، جڏهن هو ڪتاب لکندو هو ته اسان کان ان کي فيئر ڪرائيندو هو ڇاڪاڻ ته اسان جا اکر سٺا هوندا هئا ۽ ٽائيپنگ وغيره ڪا نه هوندي هئي، ائين اسان کي انگريزي ناول پڙهڻ جو شوق ٿيو ۽ ان سنڌي ترجمي پڙهڻ جو اشتياق جاڳيو ۽ ائين شوق جاڳندا رهيا اسان کي سائين غلام رضا صاحب تمام گھڻي رهنمائي ڪندو هو ۽ ان کان تمام گھڻو ڪجھ سکيوسين .ا ائين اسان ميٽرڪ پاس ڪئي، امتحان جي رزلٽ سنڌ يونيورسٽي مان ايندي هئي، اسان کي ميٽرڪ ۾ شڪسپيئر جا 5 ڊراما پڙهائيندا هئا. اهي ڊراما سائين غلام رضا صاحب جن پاڻ پڙهائيندا هئا. شاعري به مشهور انگريز شاعرن ورڊس ورٿ، شيلي ۽ ملٽن جي پڙهائيندا هئا.عمر خيام جي 20 رباعين جي انگريزي ترجمو اسان تي پڙهڻ لازمي هو ، جيڪي شاعري اسان ميٽرڪ ۾ پڙهي اها هاڻي ايم اي ۾ پڙهائي ٿي وڃي . سنڌي ۾ سر سارنگ پڙهڻ اسان تي لازم هوندو هو ، هي ان دور جي پڙهائي جو اسٽينڊرڊ هو.ان زماني ۾ سائين عبدالرحيم بيدل پڙهائيندو هو سائين سنڌي گرامر تي ڪتاب به لکيا آهن، هاڻي اسا ن ۾ نه آهن، پر هو وڏو سٺو استاد هو .ا اهي سڀ ڏاڍا سٺا ۽ متاثر ڪندڙ استاد هئا.هو جڏهن به ڪلاس ۾ ايندا هئا ته تياري سان ايندا هئا، پوءِ ڪلاڪ جو پيرڊ ائين گذري ويندو هو هو خبر ئي ڪانه پوندي هئي.اتان ائين شاھ لطيف سان محبت شروع ٿي .ا ميٽرڪ ڪرڻ کانپوءِ اسان کي ڪجھ ٽائيم فارغ مليو ته ڪجھ دوست گڏجي ڪري انجمن فروغ ادب هالا قائم ڪئي، ان جو اسٽرڪچر عجيب رکيوسين ته ، ان جو هڪ نگران اعلٰى ۽ چار نگران مقرر ڪيا .نگران اعلٰى لاءِ سائين محبوب علي چنه صاحب کي عرض رکيوسين، جيڪـو سرور ڪـاليج هالا جو پرنسپال هو، پاڻ وڏو عالم، محقق ۽ ڄاڻو ماڻهو هو . هن ايم اي علي ڳڙھ مان ڪئي هئي، سو انهن وٽ شام جو گھر ويندا هئاسين، نگرانن لاءِ اسين گذارش ڪئي سون سائين مرحوم پروفيسر احمد خان ميمڻ جنهن جي سنڌي ۾ ايم اي ٿيل هئي. سائين ان وقت پاڻ ڪاليج ۾ پروفيسر هئا. انور هالائي صاحب، عبداللطيف ساقي صاحب ۽ سائين عبدالرحمان قريشي صاحب جن پوءِ سنڌي ۾ (پي ايڇ ڊي) ڪئي. اهي سڀ اسان جا ادبي ڪوچ هئا .ا استاد صاحبان اسان کي ڪـو به عنوان ڏيندا هئا ۽ اسان ان فرمان جي تعميل عقيدتمندي سان ڪندا هئاسين. مون کي ياد آهي ته منهنجو پهريون مضمون هو ته ” زندگي ڇا آهي“ اها اسان جي تربيتي ورڪشاپ هئي، جتي اسين اکرن جو جٽاءُ، گرامر،مضمون نويسي جا ڪارگر ۽ نوان اکر ٺاهڻ هي سڀ اهي عمل آهن جن سان توهان ٻولي خوبصورت نموني سان ڳالهائي ۽ لکي سگھو ٿا. آءُ انجمن فروغ ادب جو جنرل سيڪريٽري ٿيس ۽ اتان مون کي خبر پئي ته ميٽنگ جي ڪـاروائي ڪيئن لکجي.هر اجلاس جي ڪـاروائي لکندو هوس ۽ اهو سڀ تاريخي رڪارڊ مون هاڻي سنڌالاجي کي ڏئي ڇڏيو آهي جيڪي هنن منهنجي ڪليڪشن ۾ رکي ڇڏيا آهن .ا پهريون ڪتاب منهنجو هن تنظيم ڇپايو ۽ اهو ” اکڙيون اڃايون“ جي نالي سان 1964ع ۾ ڇپيو.انجمن فروغ ادب جي پليٽ فارم تان 1959ع ۾ خليفي محمد عمر اختر هالائي جي پهرين ورسي ملهائي وئي. خليفي صاحب 1958ع ۾ وفات ڪئي، 1960ع ۾ جشن هالا منعقد ڪيو ويو .ا جشن هالا جي صدارت مخدوم طالب المولا ڪئي ، مخدوم طالب المولا هڪ تمام وڏي شخصيت هئي.ان وقت مخدوم صاحب سنڌي ادبي بورڊ جا چيئرمين هئا.ان کان علاوه پارليامينٽ جا ميمبر هئا .ا انجمن فروغ جي جنرل سيڪريٽري جي حيثيت سان مان هن پروگرام جي نظامت ڪئي، ان وقت منهنجي عمر ننڍي هئي، هر ڪو سمجھي پيو ته هي ڪيئن ڪارروائي هلائي سگھندو، پر منهنجو شوق ۽ اڳتي وڌڻ جي جستجو منهنجي رهنمائي ڪئي. مون ڪاميابيءَ سان نظامت جا فرض سرانجام ڏنا.هي ئي منهنجي وڏي ميڙ جي سامهون اچڻ جي شروعات هئي .ا جشن هالا جيڪو ٽن ڏينهن تائين ملهايو ويو جنهن جو مقصد هو ته هالا جي متعلق تاريخ ۽ جاگرافي تي روشني وجھڻ ، ان وقت جي اديبن ۽ شاعرن جي مجموعن جي نمائش ڪرڻ، محققن جون ٿيسز گڏ ڪرڻ ۽ ان جي نمائش ڪرڻ هئي .ا محترم عبدالرحمان قريشي صاحب جشن هالا تي مضمون لکيو جيڪي نئين زندگي رسالي ۾ ڇپيو هو اها ببليوگرافي 1961ع ۾ ڇپي هئي .ا مخدوم غلام حيدر صاحب 1954ع ۾ وفات ڪئي انهيءَ کي ڪنهن به ياد نه ڪيو. پوءِ اسان ان جي ورسي ملهائي سون، اسان ان کي هالا جو جديد معمار ڪري ياد ڪيوسين .ا مخدوم صاحب جي ڪري هالا جا هنرمند ماڻهو پڙهي لکي ڪري اڳتي وڌيا.ان اسڪول کوليو ۽ پوءِ ڪاليج ڪيو. انهيءَ ڪري هالا ۾ نئون ڪلچر ۽ مڊل ڪلاس آيو ۽ مخدوم صاحب انهيءَ جو باني هو.ان کان پوءِ علم ادب جو چرخو مخدوم طالب المولا هلايو ۽ ان سان به اسان شام ملهائي ته جيئن سلسلو روان دوان هجي ، اهو سڀ ڪجھ جشن هالا جو تسلسل هو. .ا هن ئي وقت ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد وجود ۾ اچي چڪو هو. انهن پروگرام رڪارڊ ڪيو. 10 منٽن جي ڊاڪيومينٽري ٺاهي ۽ ان زماني ۾ اسان کي ٽيپ رڪارڊ نه هو جو اسين ان کي رڪارِڊ ڪريون هان، پر اسان کي يادگيري آهي ته اسان جو آواز ريڊيو تان نشر ٿيو هو. اهي سڀ پروگرام اسان سڀئي همدردن کان، دڪاندارن کان چندي ۽ اسان جي پنهجي جمع پونجين جي مدد سان هليا. ائين آهستي آهستي اسانجو سماج سان واسطو جڙيو. هالن ۾ ان وقت ڪاليج ۾ سائنس نه پڙهائي ويندي هئي، تنهن ڪري انٽر لاءِ حيدرآباد وياسين .ا آءَ پهريون ڀيرو 1959ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪري حيدرآباد ويس. منهنجي دوست محمد سومار کي ميونسپل ۾ ڪلرڪ جي ملازمت ملي. فارغ ٽائيم ۾ مان هن ڏانهن ويندو هئس، هڪ ڏينهن مان هن کي چيو ته منهنجي ڄم وارو رجسٽر ڏسون، جڏهن 9 فيبروري جي تاريخ ۾ مهنجو نالو نه هو، پر 4 جون 1942ع تي بابا جي صحيح سان منهنجو نالو لکيل هو. مون ڪڏهن ان کي ظاهر نه ڪيو پر الائي ڪنهن هن ڳالھ کي اخبار ۾ شايع ڪرايو. هاڻي سڀ دوست گھر ڀاتي مون کي هن ڏينهن تي مبارڪـ ڏيندا آهن .نه ته سرڪـاري طور منهنجي ڄم جي تاريخ 9 فيبروري آهي. ا انٽرميڊيٽ وارو زمانو به ڏاڍو سٺو رهيو، سڀئي سبجيڪٽ انگريزي ۾ هوندا هئا.مون ته ميٽرڪ جا سڀئي سبجيڪٽ انگريزي ۾ ڏنا هئا سو انگريزي ٻولي ڏاڍي سٺي ٿي وئي هئي. ان زماني ۾ فرسٽ ايئر جا امتحان نه ٿيندا هئا سڌو انٽر جو امتحان ٿيندو هو .ا حيدرآباد آيس ته آبهوا جي بدلجڻ جي ڪري مان بيمار ٿي پيس هنن ڏينهن ۾ مان ڏاڍو تقرير بازٿي چڪو هئس. سنڌي ڊبيٽر ڪلب جو ميمبر ٿيس، ڪافي ٽرافيون کٽيون، منهنجي ڪاليج ۾ امتيازي ڊبيٽ جي لحاظ کان سڃاڻپ هوندي هئي ۽ جڏهن مان انٽر ۾ ٿيس ته لطيف مجلس جو سيڪـريٽري چونڊيو ويس.ا اسان جو هڪ محترم استاد سائين عبدالعلي قلباڻي جيڪو سنڌي جو استاد سنڌي ڊبيٽ ڪلب جو به انچارج ۽ هاسٽل جو پڻ وارڊن هو. ان سان واقفيت ۽ ملاقات ٿي ته اسين سڀ دوست مرحوم ڊاڪٽر شريف، ڊاڪٽر اسد الله قاضي جيڪو اسرا يونيورسٽي جو وائيس چانسلر رهي چڪو آهي. دادو جو رهواسي منير راهوجو منهنجو ڪلاس ميٽ هو ، هن کي به ڏاڍو تقرير ڪرڻ جو شوق هو ۽ هاڻي وڪيل آهي. شمس قاضي ،گل حسن قاضي ڪيمسٽري جو رٽائرڊ پروفيسر ، هن يونيورسٽي آف سنڌ ۾ به ڪم ڪيو آهي.گڏ ٿيندا هئاسين ۽ اسان سڀني کي ڊبيٽ جي شوق ئي دوست ڪيو هو، اڳتي هلي شاھ لطيف مجلس ۾ اچي وياسين.دوست چوندا هئا ته تون سڄو ڏينهن ٿو تقريرون ڪرين، واندو آهين، ڇو نه تو کي ڪلاس جو سي آر چونڊرايون. مهنجي انڪا ر تي ڊاڪٽر ڪـامل راڄپر کي بهاريوسين، ٻئي سال ۾ مسعود نوراني ٿي ويو۽ اسين يونين ۾ نه آياسين .ا جيئن ته مان انٽر ۾ بيمار ٿي پيو هئس ۽ امتحان مٿان هيا سڀني دوستن چيو ته ڳوٺ وڃ پر مان چيو ته سڄي سنگت امتحان ڏي ۽ مان رهجي وڃان، امتحان ڏبو پوءِ الله سائين مالڪ آهي، پوءِ ڏٺو ويندو.الله تعالى جي مهرباني سان مارڪون سٺيون آيون ۽ سڀني کي گوءِ ڏئي ويس .ا ان وقت پاڪستان ۾ ٽوٽل 7 ميڊيڪل ڪاليج هوندا هئا. هڪ ڄامشور، ڪراچي، ملتان،لاهور، پشاور ۽ هڪڙو ڇوڪرين جو ايف جي ۽ ستون ڊاڪا ميڊيڪل ڪاليج هو .ا ون يونٽ جو زمانو هو. اسين ويسٽ پاڪستان ۾ هئاسين رڳو ڊويزنون هونديون هيون. اسان کي حيدرآباد جو ڊوميسائيل هو پر داخلا اوپن ميرٽ تي ئي ٿيندي هئي. مان لياقت ميڊيڪـل ڪـاليج ڄامشوري ۽ دائو ميڊيڪل ڪاليج ۾ اپلاءِ ڪيو هو .ا انٽر جي امتحان ۾ سڄي سنڌ مان 4 شاگرد فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ٿيا هئا. حيدرآباد بورڊ جو قيام ٿي چڪو هو. مان صرف 7 مارڪن تان فرسٽ ڪلاس مان رهجي ويس. ائين پوءِ منهنجي ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا ٿي وئي.ا بشڪريه ذاتي ويب ڊاڪٽر سليمان شيخ ڊاڪٽر سليمان شيخ جي هڪ وڊيو http://www.youtube.com/watch?v=OnmutkYxCbs
جواب: ڊاڪٽر سليمان شيخ جي زندگيءَ جو خاڪـو سندس زباني ڊاڪٽر سليمان شيخ جي شخصيت تي ڇا لکجي۔ [justify]جبل جيڏي شخصيت جنهن جو حوصلو هماليه جيڏو ، جنهن جي جدوجهد اڻٿڪ ، جنهن جو سنڌي معاشري جي ڀلائيء لاء ڪيل ڪم ڪنهنکان لڪل ناهي۔ سندس شخصيت ڪنهن تعارف جي مهتاج ناهي۔ سنڌ ۾ جڏهن به سماجي ڪم ۽ اين جي اوز جو ذڪر ايندو ته ڊاڪٽر سليمان جو نالو سڀ کان مٿانهون هوندو۔ مان خوشنصيب آهيان جو اسان کي ڊاڪٽر صاحب سان گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو آهي۔ سندس شخصيت مان گهڻو ڪجه پرايو آهي۔ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ۾ رهندي کانئس گهڻو ڪجه سکيو آهي.[/justify] مهرباني ممتاز جو اوهان بهترين ونڊ موڪليو آهي۔
جواب: ڊاڪٽر سليمان شيخ جي زندگيءَ جو خاڪـو سندس زباني ادا ونڊ کي پسند ڪرڻ لاء اوهان جون نوازشون ۽ قرب