وري به نئون سال مبارڪ
وري به نئون سال مبارڪ

نه چاهيندي به اوهان سڀني کي سال 2011 جي مبارڪباد ٿو ڏيان. ڇوته نئين سال جي مبارڪباد ڏيڻ هاڻي اسان جي فارملٽيز ۾ شامل ٿي وئي آهي۔ سال 2010 سنڌ کي مايوسين کانسواء ڪجه به نه ڏئي ويو. تعليم جي شعبي م ڪابه بهتري ڪانه آئي ، صحت جي شعبي ۾ ڪابه بهتري ڪونه آئي ، روزگار لاء ڪابه بهتري ڪونهي ، ماڻهو بکن تي مجبور آهن ، پنهنجي جگر جي ٽڪرن پنهنجي ٻارن کي وڪڻڻ تي مجبور آهن. ڪارو ڪاري ۽ قبيلائي جهيڙن ۾ سوين بيگناه معصوم نياڻيون ، گلڙن جهڙا ٻار ، جوڌا ۽ جوان پُٽ پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا آهن.
روزانه ڪيترائي ماڻهو اغوا ٿا ڪيا وڃن ، سنڌ جي واڻين لاء روئيندڙ انهن مفڪرن کي ڪير سمجهائي ته روز سنڌ جا ديوان اغوا ٿا ٿين ، ڇو اوهان جا قلم خاموش آهي ؟؟ ڇو اوهان ڪا تحريڪ ڪونه ٿا هلايو ؟؟ ڇو اخبارون ۽ ميڊيا ان تي خاموش آهي ؟؟
رهي سهي ڪسر سنڌ ۾ آيل ٻوڏ پوري ڪري ڇڏي . ماڻهو دربدر آهن. ڪيمپن ۾ سيء وگهي معصوم ٻارڙا پنهنجون حياتيون وڃائي رهيا آهن. بک وگهي ماڻهو مري رهيا آهن. اسان پنهنجيء ۾ پورا آهيون. اسان جو معاشرو تباه ٿي ڇڪو آهي. اسان پنهنجون ريتون ، پنهنجا قدر وڃائي رهيا آهيون. اسان جا ضمير مري چڪا آهن، اسان سوچڻ ۽ بهتري ڏانهن پير پائڻ ڇڏي ڏنو آهي.
قومپرست سڏائيندڙ ڌريون ڪيترن ئي ڌڙن ۾ ورهايل آهن، هر ڪنهن کي پنهنجا مفاد عزيز آهن ، گڏجي ويهڻ لاء تيار ڪونهن. مذهبي ڌريون به لاتعداد ڌڙن ۾ ورهايل ، اسلام جي اصلي روح کي ڇڏي ننڍين ننڍين ڳالهين تي جهيڙا...
خبر ناهي ڇو من ۾ عجيب اڻ تڻ آهي، آنڌ مانڌ متل آهي. ٻاهر نڪران ٿو به سڀ ڪجه ڦِٽل ۽ اڻوڻندڙ ٿو لڳي. روڊ تي نڪران ٿو ، ٽي وي ڏسان ٿو ، اخبار پڙهان ٿو پر ڪٿان به سنڌ جي آجپي ۽ سنڌ جي ڀلائيء جي ڪا ڳاله نظر ئي ڪانه ٿي اچي. ڪٿي سنڌي مهاجر جو جهيڙو ته ڪئي سنڌي ۽ پٺاڻ جو جهيڙو. ڪٿي چانڊي ۽ مري جو جهيڙو ته ڪٿي ڪنهن ٻين قومن جو.
ان هوندي به آئون گذريل سال ۾ مليل چڱاين کي ڀليڪار ڪندي کيس الوداع ٿو ڪريان ۽ ايندڙ سال جي سج جي پوندڙ ڪرڻن جي دل جي گهراين سان آجيان ٿو ڪريان. اسان اڃان به اميد جو دامن نه ڇڏيو آهي. نئين سال لاء نيون اميدون رکيو ويٺا آهيون. رب پاڪ جي در دعا آهي ته سهڻيء سنڌ کي شاد ۽ آباد رکي.

سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار
دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين
دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين
ان هوندي به آئون گذريل سال ۾ مليل چڱاين کي ڀليڪار ڪندي کيس الوداع ٿو ڪريان ۽ ايندڙ سال جي سج جي پوندڙ ڪرڻن جي دل جي گهراين سان آجيان ٿو ڪريان. اسان اڃان به اميد جو دامن نه ڇڏيو آهي. نئين سال لاء نيون اميدون رکيو ويٺا آهيون. رب پاڪ جي در دعا آهي ته سهڻيء سنڌ کي شاد ۽ آباد رکي.
هن اخبار کي سال مبارڪ، گورن کي ناتال مبارڪ
ڪارن کي ’يوم ڊيم بلڊ ّ فول‘ لقب في الحال مبارڪ
هارين کي هَرَ بَٺون بيگر، ڪوڏر قحط ۽ ڪال مبارڪ
زور زميندارن تي ڏاڍا، ضبطيون ظلم زوال مبارڪ
اهل اسلام جي لئي ڏک ڏاڍا، ڳڻتيون آل عيال مبارڪ
ڌڪا ڌوڻا سهڻا مهڻا، قرض جا رنج ملال مبارڪ
بي علمي ۽ جهيڙا جهٽا، جام ٿيا جنجال مبارڪ
انگلش مئن کي جاڪٽ پاڪٽ، صابڻ برش ٽوال مبارڪ
ناچ تماشا، نچڻ ٽپڻ، ڪرڪٽ ۽ فٽ بال مبارڪ
افسر عالي کي ٿيو اڄڪلهه، دورو ۽ پرتال مبارڪ
مرغيون ماکيون مصريون ميوا، بيضا ميدا مال مبارڪ
ڪوڙا ڪيس ۽ ڪوڙا شاهد، فتوا ٿي في الحال مبارڪ
واه وڪيل ڪفيل لچن جا، ڌوڌ دليل دلال مبارڪ
ممتحنن جي موت معما، سخت جواب سوال مبارڪ
اخبارن جا ٺهڪا ڦهڪا، تيز تعصب تال مبارڪ
قومي جهڳڙا جهيڙا جهٽا، چالاڪين جي چال مبارڪ
حملاهوڏون طعنا تنڪا، ڪوڙ بدوڙ ڪمال مبارڪ
آهه رفارم جي ٿي رين رين، حال نه آهي قال مبارڪ
ڪالج ڪلب مدرسا ميڙا، صدها سال بسال مبارڪ
سروس لاءِ سدائين سوالي، ٻاڪارن ٻر حال مبارڪ
حاڪم ڪين پڇن ٿا تن کي، ڪن ٿا ٽالم ٽال مبارڪ
خشڪ جواب دلاسا دلبا، تَرڪٽ تال پخال مبارڪ
پروانا انعام عطائون، لُنگيون پوتيون شال مبارڪ
خاطن جي خوشخبري خاصي، عمدا حال احوال مبارڪ
ٽِنڊ ُو ٽوٻڻ لَنڊي ٻُوٽي، شعر جو شغل اشغال مبارڪ
حيف، زمانو آهه مقابل، شينهن سان شاهه شغال مبارڪ
محبوبن کي ناز ڪرشمو، جلوو جوڙ جمال مبارڪ
مشتاقن کي پِٽڪو کُٽڪو، وائي هجر وصال مبارڪ
آخوندن کي مسجد حجرو، صوفي وجد ۽ حال مبارڪ
”بلبل“ کي گل مضمون رنگين، گل کي شاخ نهال مبارڪ