سياستدانن ۽ ميڊيا جو ڪرندڙ معيار !!؟

'مختلف موضوع' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏31 ڊسمبر 2010۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    نوٽ ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون...

    سياستدانن ۽ ميڊيا جو ڪرندڙ معيار !!؟

    زرار پيرزادو

    [justify]ٽيون ڏينهن مسلم ليگ (ن) ۽ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن هڪ ٻئي جي پارٽي اڳواڻن خلاف جيڪا ڪِريل ۽ ذاتي تنقيد ڪئي آ تنهن تي نه صرف افسوس ۽ حيرت جو اظهار ڪري سگهجي ٿو پر ضرورت ان ڳالهه جي به آهي ته ان انتها پسند سياسي رويي تي به ٽيڪا ٽپڻي ڪجي ۽ ميڊيا جي ڪردار جو به جائزو وٺجي ته ان جي به ڪا ذميواري يا اخلاقيات آهي يا نه؟

    هونئن ته سياست جي به اخلاقيات هوندي آهي. سياست جا به ڪي اصول ۽ قائدا هوندا آهن. اوهان ڪنهن پارٽي توڙي ان جي نظرئي، منشور پاليسي يا طريقي ڪار تي سياسي، پارلياماني ۽ اڪيڊمڪ تنقيد ته ڪري سگهو ٿا پر ذاتي نه. ائين ميڊيا کي به گهرجي ته اُها ٽاڪ شو ۾ انهن شخصيتن جي چونڊ ڪري جيڪي ڳالهائڻ جي آدابن ۽ اخلاقيات کان واقف هجن.

    ميڊيا تي ٻيو هڪ عجيب لاڙو اهو به ڏٺو ويو آهي ته ٽاڪ شوز ۾ مختلف سياسي پارٽين جي نمائندن کي گهرايو وڃي ٿو جيڪي ظاهر آهي ته جائز يا ناجائز نموني پنهنجي پارٽي، پنهنجي قيادت ۽ پنهنجي پاليسيءَ جي حمايت ئي پيا ڪندا آهن جنهن نتيجي ۾ عوام کي گهربل معلومات نه ملي سگهندي آهي. ٿيڻ ائين گهرجي ته ڪرنٽ افيئرز جي پروگرامن ۾ هڪڙن غيرجانبدار مبصرن، دانشورن، صحافين ۽ تجزيي نگارن کي آڻن گهرجي جن جو سياسي پارٽين سان ڪو ڳانڍاپو نه هجي. اهي ئي ميرٽ وارو ۽ غيرجانبداراڻو تجزيو ڪري سگهن ٿا.

    اهڙي نموني سياسي پارٽين کي به گهرجي ته اهي پنهنجن ماڻهن جي سياسي تربيت لاءِ ”اسٽڊي ڪلاس يا پروگرام“ هلائين. پاڻ وٽ ماضي ۾ نظرياتي پارٽيون باقاعدي اسٽڊي ڪلاس هلائينديون هيون، جن ۾ پنهنجن ڪارڪنن کي سياسي لٽريچر پڙهايو ويندو هو پر هاڻي اهو سلسلو به هڪڙين سٺين سياسي روايتن جيان تقريبن موڪلائي چُڪو آهي.

    اسٽڊي سياسي ڪلاسن نه هلڻ جي معنيٰ اها آهي ته نظرياتي ۽ سائنسي نوعيت جي سياست جو تصور به ختم ٿي ويو آهي. هاڻي پاڻ وٽ سياست هڪ ڪاروبار، ڪمرشل، مافيا، قبضا گيري ۽ ڏاڍ مڙسي جو روپ اختيار ڪري وئي آهي.

    هٿن ۾ ڪتابن بدران هاڻي رڳو هٿيار ۽ جهنڊا ئي نظر اچن ٿا. زبانن تي دليل بدران ڌمڪيون آهن. ڌمڪيون تڏهن زبان تي اينديون آهن جڏهن دليل ناهي هوندو ته پوءِ ماڻهو گارين ڏيڻ ۽ وڙهڻ تي لهي ايندا آهن.

    سياستدانن جي ڪِريل ٻولي ۽ ذاتي تنقيد کي ڏسي ڪري احساس ٿئي ٿو ته انتهاپسند صرف طالبان ئي ناهن پر طالبانن واري انتهاپسندي سياستدانن ۾ به شامل ٿي وئي آهي.

    هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته پنهنجي ملڪ جي سياست ۽ موجوده سياستدانن توڙي ميڊيا جو معيار آخر ڇو ڪري پيو آهي؟. انهيءَ حوالي سان نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته درست ماڻهو جيڪڏهن درست جڳهه تي نه هوندا آهن ته پوءِ ڪم به درست انداز ۾ ناهن ٿي سگهندا.[/justify]

    روزانه عوامي آواز جي ٿورن سان
     
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سياستدانن ۽ ميڊيا جو ڪرندڙ معيار !!؟

    ادا لاجواب ونڊ آهي .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو