سنڌ ۾ وڏيرن جا جرڳا سسٽم ۽ قبائلي جهيڙا ۽ فسادات اڄ جي سنڌ جنهن ڳنڀير ۽ خطرناڪ صورت حال کي منهن ڏئي رهي آهي ان کي غلاميءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه نالو ڏئي نه ٿو سگهجي. اها صورت حال نه ته هڪ ڏينهن ۾ پيدا ٿي آهي، نه ڪو هڪڙو مسئلو ان جو سبب بڻيو آهي ۽ نه ئي ڪو هڪڙو گروهه يا طبقو ان صورت حال جو ذميوار آهي. سنڌ جون مصيبتون گهڻ طرفيون آهن، سنڌ جا مسئلا بيشمار آهن ۽ انهن جي پويان محرڪ قوتون، گروهه ۽ ٽولا مختلف شڪلين ۽ مختلف نالن سان ڪم ڪندڙ آهن ، ڪجهه ڏينهن پهرين سنڌ جي هڪ ڏاهي محترم سوڀو گيانچنداڻي صاحب سنڌ ۾ قبائلي جهيڙن ۽ جرڳا سسٽم ۾ ناانصافين کي ختم ڪرڻ لاء هڪ ريلي پڻ ڪدي هئي، انهيء سلسلي ۾ سنڌ جي هڪ سنڌي ٽي وي چينل ڪي ٽي اين هڪ پروگرام نشر ڪيو هو جنهن ۾ ڪامريڊ ايڊوڪيٽ شبير شر صاحب ، صحافي ۽ ڪالم نگار نثار کوکر صاحب شرڪت ڪئي ۽ سنڌ ۾ وڏيرا ڪلچر ۽ جرڳا سسٽم بابت هڪ بحث ٿيل آهي، جيڪو سنڌ سلامت جي ساٿين لاء پڻ پيش ڪجي ٿو۔ http://www.youtube.com/watch?v=PVsk2aPqswM http://www.youtube.com/watch?v=Od0ecNRjglE جرڳائي جهالت جو شڪار ٿيندڙ معصوم نياڻيون هميران علواڻي ڪالهوڪين اخبارن ۾ اها خبر ڇپي آهي ته شڪارپور لڳ ڊکڻ ٿاڻي جي حد ۾ جرڳي جي فيصلي تحت11 سالن جي وزيران ۽ 9 سالن جي نورجهان کي ٻن وڏيءَ عمر جي پوڙهن سان ڪارو ڪاريءَ جي الزام ۾ چٽيءَ طور پرڻايو ويو آهي. خبر موجب ٻه مهينا اڳ ڳڙهي صاحب خان ويجهو گلزار شر پنهنجي ڀائٽيءَ کي اسد شر سان ڪاري ڪيو هو، جنهن جي زندگي بچائڻ لاءِ جرڳي فيصلي ۾ ڇوڪري جي خاندان مان ٻن نياڻين ”وزيران ۽ نورجهان“ کي عيوضي ۾ ٻن وڏيءَ عمر جي مردن جي نڪاح ۾ ڏنو ويو آهي. جرڳائي نظام هن وقت تائين جيڪي انسان دشمن فيصلا پئي ڪيا آهن، هي فيصلو به انهن منجهان ئي هڪ آهي. هڪ ڇوڪري تي ”ڪارَي“ جي الزام جو عيوضو ٻن نياڻين جي زندگين جي تباهي ڪهڙو انصاف آهي؟ سڱ چٽيءَ ۾ چئن پنجن سالن جون نياڻيون ڏيڻ کي ڪو به انساني سماج توڙي قانون چڱو چئي نٿو سگهي. حيرت آهي ته جرڳي ۾ فيصلي لاءِ ويهندڙ ماڻهو فقط انسان ٿي به نٿا سوچن. ڇا اهي اهو به سوچين ٿا ته انهن معصوم نياڻين سان انهن گهرن ۾ ڇا ورتاءُ ڪيو ويندو، جتي اهي ”ڏنڊ“ يا ”چٽيءَ“ ۾ پرڻايون پيون وڃن؟ ڇا کين جسماني، جنسي ۽ ذهني تشدد جو شڪار نه بڻايو ويندو؟ هن قسم جو فيصلو غلامانه دور جي ياد ٿو ڏياري، جنهن جي نتيجي ۾ غير انساني سلوڪ جي انتها نظر اچي ٿي. ٿي سگهي ٿو ته اهڙو فيصلو سرپئنچن اڪيلي سر نه ڪيو هجي ۽ مائٽن به پنهنجي پٽ جي زندگيءَ لاءِ ڌيئرن جو ٻليدان ڏنو هجي، پر سوال اهو به آهي ته ڇا ڪنهن کي به پنهنجي اولاد (ٻارن) جي زندگيءَ جو ان نموني فيصلي ڪرڻ جو حق يا اختيار به حاصل آهي؟ ڇا مذهب، قانون، علم، رياست، انسانيت يا اخلاقيات سميت ڪير به ان جي اجازت ڏئي ٿو؟ پکي ۽ پسون به پنهنجي اولاد کي مٺو رکندا آهن. ڇا اسان انسان جانورن جي درجي کان به هيٺ هليا ويا آهيون، جو پنهنجي نياڻين کي هٽ جي سودي وانگر ڏئي ٿا ڇڏيون؟ هاڻ ته هر فيصلي ۾، هر ڏوهه جي عيوض يا ڏنڊ ۾ نياڻين جا سڱ ئي ڏنا وڃن ٿا. سنڌ ۾ جرڳائي سرشتو عورت دشمنيءَ تي ئي بيٺل آهي، جنهن جو شڪار نياڻيون ئي ٿينديون آيون آهن. نياڻين جي زندگين جي تحفظ لاءِ هن نظام جو خاتمو لازمي آهي. ڇو ته هن نظام تحت ئي ماڻهو مخالفن ۽ دشمنن کي پنهنجي اولاد جهڙي مٺي شيءِ ڏيڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا. سمورا ماڻهو ته اهڙا فيصلا دل سان نه ڪندا هوندا. ڪيترن جون دليون ته اهڙي ڪنهن اعلان تي ڳڀا ڳڀا به ٿينديون هونديون. ان جي باوجود هي نظام قائم آهي. نيٺ هي ڪهڙيون رسمون ۽ رواج آهن، جن کي اسان نسل در نسل منتقل ڪري رهيا آهيون. اها رسم يعني جرڳن ۾ نياڻين جا سڱ چٽيءَ ۾ ڏيڻ دراصل نياڻين کي جيئري ئي ماري ڇڏڻ برابر آهي. ڇو ته جيڪا ڇوڪري ڏنڊ يا چٽيءَ ۾ ايندي آهي، اها مڙسن ۽ ٻين ڀاتين هٿان هر روز رسوا ٿيندي آهي، طعنا سهندي آهي ۽ روز جيئندي مرندي آهي. گذريل اٺن سالن کان نئين صديءَ جو آغاز ٿيو آهي. هڪ نئين دنيا جنم ورتو آهي، جنهن ۾ عورت مرد جي برابر بيٺل آهي ۽ سمورن شعبن ۾ ان وانگر ئي ملڪ جي معاشيات جو حصو آهي. ايران جهڙي اسلامي ملڪ ۾ به عورت کي اهو ئي مان ۽ مرتبو حاصل آهي، جتي آباديءَ جو 70 سيڪڙو عورتون ملڪ جي معيشت کي اڳتي وڌائڻ لاءِ گهرن کان ٻاهر نڪري سرڪاري ۽ نجي ادارن ۾ پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪن ٿيون. اسان اڃا تائين 14هين صديءَ کان ٻاهر نه نڪري سگهيا آهيون. سنڌ ۾ ته صورتحال تهائين تشويشناڪ آهي. هتي گذريل 8 سالن دوران برادري تڪرارن ۾ هزارين ماڻهو اجل جو شڪار ٿي چڪا آهن. اپر سنڌ جا ڪجهه علائقا ته نو گو ايريا بڻيل آهن. انهن تڪرارن ۽ جهيڙن جي ڪري مقامي توڙي ٻاهريان سيڙپڪار سنڌ کان پري ڀڄڻ لڳا آهن. دهشت ۽ ڏهڪاءَ واري ان جرڳائي نظام سنڌ کي معاشي حوالي سان به پيڙي ڇڏيو آهي. سوچڻ اهو به گهرجي ته آخر هن جرڳائي نظام جي ختم نه ٿي سگهڻ جا ڪهڙا ڪارڻ آهن ۽ نيٺ به ڇو حڪومت اهڙي نظام جي مهندارن کي قانون جي گهيري ۾ نٿي آڻي؟ دراصل اهڙي ڪاروبار ۾ علائقن جا چڱا مڙس ۽ سردار ئي ملوث آهن، جن جو سڄو ڪاروبار اهڙن جهيڙن تي هلي ٿو. جڏهن به ٻه ڌريون پاڻ ۾ وڙهنديون آهن ته پوءِ علائقي يا ضلعي جي وڏيرن جو ڪٺ، جرڳو يا ٽياڪڙي ٿيندي آهي، جن جا امين اهي ئي سردار يا ڀوتار هوندا آهن. سندن دهشت ۽ ڏهڪاءَ سبب غريب ماڻهو سندن سمورا غلط فيصلا مڃڻ تي مجبور هوندو آهي. اهڙا فيصلا فقط هڪ ٻن ماڻهن نه بلڪ سموري برادريءَ جي ماڻهن مٿان لاڳو ٿيندا آهن. ان نموني هر ضلعي ۾ ڀوتارن جي پنهنجي به رياست قائم آهي ۽ اهي پنهنجي وڏيرڪي نظام وسيلي هر قسم جا سياسي ۽ معاشي فائدا حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿين ٿا. جيڪڏهن جائزو وٺبو ته اڪثر ضلعن ۾ اهي سردار يا چڱا مڙس پاڻ ناظم، سندن ڀاءُ وزير، پٽ صلاحڪار، ڀائٽيو تعلقي ناظم نظر ايندو. هاڻ اهڙيءَ صورت ۾ کين ڪير ڇا ڪري سگهندو. جرڳا ۽ ڪٺ کين سياسي طور وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو ذريعو آهن. برادرين کي پاڻ ۾ ويڙهائي ۽ ورهائي، پاڻ وڌيڪ مضبوطي حاصل ڪيو ويٺا آهن. گذريل 7 سالن ۾ 10 ڀيرا مهر- جتوئي تڪرار جا جرڳا سرڪاري سرڪٽ هائوس کان وٺي ارباب رحيم جي دور ۾ وزير اعليٰ هائوس ۾ به ٿيا. پر ان جي باوجود نه تڪرار ختم ٿي سگهيو ۽ نه ئي علائقي ۾ امن قائم ٿي سگهيو. نيٺ ڇو؟ دراصل اهي ڀوتار جيڪي صرف ذات برادريءَ جو نالو استعمال ڪري ۽ ڏوهاري عنصرن جي مدد سان ڪاميابي ماڻي اسيمبلين تائين پهتا آهن، سي پنهنجيءَ ذات ۽ راڄ وارن ڏوهارين کي پوليس حوالي ڪيئن ڪندا؟ اهي ته ووٽن جي لالچ ۽ ٻيهر ڪامياب ٿيڻ جي لالچ ۾ رهندو اهڙن ڏوهارين جي پٺڀرائي ڪن ٿا ۽ ڪئين معاملن ۾ سندن ساٿ ڏين ٿا. اتر سنڌ ۾ سمورين چورين، ڦرن ۽ ڀنگ لاءِ اغوائن پويان اهڙا ئي ڀوتار ۽ سردار نظر ايندا. ان صورت ۾ اهي ڏوهه به گهٽجڻ بجاءِ وڌندا رهن ٿا. جرڳن، ڪارو ڪاري ۽ سڱ چٽيءَ ۾ پڻ انهن ئي وڏيرن ۽ بااثر ماڻهن جو هٿ آهي. جيستائين انهن کي گرفتار ڪري، قانون موجب سزا نٿي ڏني وڃي، تيستائين اهي مسئلا حل ٿي نه سگهندا. حڪومت کي کپي ته جرڳائي سسٽم کي غير قانوني قرار ڏيندي، جرڳا ڪندڙن، نياڻين جي زندگين جا غير قانوني ۽ غير انساني نموني فيصلا ڪندڙن، ڪاروڪاريءَ جي ڪيسن ۾ انساني جانين سان کيڏندڙن خلاف قانون سازي ڪري ۽ جرڳن تي ڪورٽن جي لڳايل پابنديءَ تي سختيءَ سان عمل ڪرايو وڃي. ان جي باوجود جيڪڏهن ڪي جرڳا ٿين ته انهن جي ذميوارن خلاف فوجداري ڪيس داخل ڪري، کين سزا ڏني وڃي. اسان جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ان ڳالهه جو به جائزو وٺڻ کپي ته آخر اتر سنڌ جي ويڙهاڪ برادرين وٽ ايترو غير قانوني هٿيار ڪيئن ٿو پهچي ۽ ان ڪروبار ۾ ڪير ڪير ملوث آهي. برادري جهيڙن، ڪاروڪاري، جرڳن سميت اهڙين سمورين سماجي برائين پٺيان يقينن اهي اثر رسوخ رکندڙ ماڻهو ئي آهن، جن جي پٺڀرائيءَ جي نتيجي ۾ ڏوهاري عنصر سموري سماج کي يرغمال بڻايو ويٺا آهن. هن سموريءَ صورتحال جو وڌ ۾ وڌ خراب اثر سنڌ جي عورتن تي ئي پوي ٿو، جيڪي بنا ڪنهن ڏوهه جي سڱ چٽيءَ جي نالي ۾ پنهنجون زندگيون ڏئي رهيون آهن. خصوصن اتر سنڌ ۾ ته عورتن جي حالت تمام گهڻي تشويشناڪ آهي، جتي هن ايڪيهين صديءَ ۾ به عورتن جا بنيادي انساني حق معطل آهن. رڳو گذريل سال 2007ع دوران سنڌ ۾ 102 عورتن کي جرڳن، عيوضي يا چٽيءَ ۾ ڏنو ويو آهي. سنڌ جي نياڻين تي ٿيندڙ ظلم ۽ تشدد تنهن کان سواءِ آهي. شائسته عالماڻي، ڊاڪٽر شازيه خالد، نسيمه لٻاڻو، ڪائنات سومرو وغيره انصاف لاءِ ٻاڏائينديون رهيون، پر ڪنهن کي به انصاف نه مليو. انهن جا احتجاج ۽ انصاف لاءِ ٻاڏائڻ واريون ڪهاڻيون ڪنهن کان به لڪل نه آهن. اسان جي سرداري، قبيلائي ۽ جرڳائي نظام ۾ هر ڏوهه جو ازالو ڏنڊ ئي سمجهيو وڃي ٿو ۽ اهو ڏنڊ به گهڻو ڪري ته سڱ چٽيءَ جي صورت ۾ ئي هوندو آهي، جنهن سبب وري به نياڻيون ئي عذاب ڀوڳينديون آهن. هن سموري جرڳائي بادشاهت کي قائم يا برقرار رکڻ ۾ خود انتظامي سگهه، ڏهڪاءَ ۽ دهشت کي به استعمال ڪيو ويندو رهيو آهي. انتظاميه هر دور ۾ ڀوتارن سان اهڙي گناهه ۾ شريڪ رهي آهي. ڇاڪاڻ ته ڀوتارن ۽ سردارن جي پهچ رڳو ڳوٺ، پاڙي يا شهر تائين ناهي هوندي، پر اسيمبلي ۽ ايوانن تائين به هوندي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران 2004ع ۾ جرڳن تي هنيل پابنديءَ باوجود وزيرن، مشيرن، پوليس جي اعليٰ عملدارن جي سربراهيءَ ۾ به جرڳا ٿيندا رهيا آهن. اهڙن جرڳن ۾ ڊي پي او کان وٺي ڊي آءِ جي تائين عملدار موجود نظر ايندا آهن. اهڙن ڪئين جرڳن ۾ نياڻين جي حياتين ۽ عزتن جا فيصلا سڱ چٽيءَ ذريعي ڪيا ويا، پر پاڻ کي ايماندار ۽ فرض شناس سڏائيندڙ آفيسر ان وقت به ڀوتارن جي ڀر ۾ ويٺل نظر آيا. ڇاڪاڻ ته اهڙا آفيسر پاڻ ٽرانسفر ۽ پوسٽنگ لاءِ انهن ڀوتارن جا محتاج هوندا آهن. اها به حقيقت آهي ته ڪو به ڏوهاري ڀلي ڪيڏو به مضبوط هجي، پر ڪڏهن به رياست کان مضبوط ٿي نٿو سگهي. ان صورت ۾ نيٺ به اهي ڪهڙيون مجبوريون آهن، جو اسان ڏوهارين کي قانون جي گهيري ۾ آڻڻ کان لاچار آهيون؟ موجوده حڪومت اهو پڪو ارادو ڪيو آهي ته ڏوهاري چاهي ڪيترو به مضبوط ڇو نه هجي، چاهي ڪهڙي به سياسي وابستگي رکندو هجي، پر عوام جي جان، مال، عزت ۽ سنڌ جي امن کان مٿانهون نه آهي. ان ڪري اميد آهي ته جلد سنڌ جي نياڻين کي به سڱ چٽيءَ واري آزار مان آجپو حاصل ٿيندو. بشڪريه ڪاوش