ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا.. ڌرتيءَ جو مهَان شاعر شيخ اياز

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ رضوان گل۔ طرفان آندل موضوعَ ‏31 ڊسمبر 2010۔

  1. رضوان گل۔

    رضوان گل۔
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    67
    ورتل پسنديدگيون:
    33
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    رضوان گل


    ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا..
    ڌرتيءَ جو مهَان شاعر

    شيخ اياز


    [​IMG]

    [justify]ڌرتيءَ جي سونهن نظارن ۽ آسمان تي اڏامندڙ پکين کان ويندي ڪائنات جي وسعتن تائين هر روز ڪيترائي سوال ذهن ۾ اڀرن ٿا، سوال جيڪي سوچڻ تي مجبور ڪن ٿا ۽ سوچون جيڪي ئي انسان کي شعور بخشن ٿيون، انهن سوچن جي سفر تي ڪي ڏاها ڏات ڌڻي ايترو ته اڳاهان نڪري ويندا آهن جن لاءِ زندگيءَ جي هر موڙ تي سوال ئي سوال هجن ٿا، اهڙا سوال جن جي جوابن لاءِ هو رات ڏينهن سوچن جي گِهري سمنڊ ۾ گم رهن ٿا ۽ پوءِ انهن سوچن جي سمنڊ مان جڏهن ڪي موتي کين ملن ٿا ته اهي خوبصورت لفظن جي صورت ۾ شاعريءَ جو روپ ڌاري اچن ٿا. جيڪي شاعر اهڙا شعر سرجن ٿا جن سان قومون بيدار ٿين ٿيون منجهن جرئت، همت ۽ حوصلي سان گڏ نئون ولولو پئدا ٿئي ٿو اهي ئي دراصل حقيقي طور عام ماڻهوءَ جي دلين جي ترجماني ڪندڙ هجن ٿا، اهڙا شاعر ئي تاريخ ۾ امر ٿي وڃن ٿا ۽ اهڙن ئي امر انسانن ۾ مهَان ڪوي شيخ اياز جو نالو تمام گھڻي اهميت وارو آهي جنهن تي لکڻ جي جرئت ڪرڻ جي به ڪنهن امتحان کان گھٽ نه آهي جو درياهه کي ڪوزي ۾ سمائڻ ڪو چرچو ناهي. ڇا لاءِ ته جيڪي ماڻهو دنيا کي بدلائڻ جا حوصلا رکن ٿا سي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا ۽ اهڙن ماڻهن لاءِ اياز خود به چيو:[/justify]
    ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا
    گھايل ڌرتيءَ جي سيني جي
    اهڙي گِهري چيخ ٿين ٿا
    جا هر ڪنهن کي جاڳائي ٿي
    جا دنيا کي بدلائي ٿي
    [justify]ڪير آهي جيڪو اياز جي عظمت جو انڪاري هجي، سندس مهانتا ۽ مانَ جو گواهه ته هر شخص آهي. پر شيخ اياز فقط هڪ شخص نه هو، پنهنجي وجود ۾ هو هڪ تحريڪ هو، سندس شاعريءَ جي فڪري لاٽ مان نڪرندڙ روشنيءَ جي ڪرڻن کيس جيون ۾ ئي اها مڃتا ڏياري جنهن لاءِ خاص طور اسان جهڙن سماجن ۾ صديون پراڻو ٿيڻ شرط هوندو آهي. بر صغير جي عظيم ترقي پسند شاعر فيض احمد فيض هڪ تقريب ۾ روسي سفارتڪار کي چيو هو ”شيخ اياز مون کان به وڏو شاعر آهي“، تنهن تي هن وراڻيو: ”فيض صاحب توهان اها ڳالهه ته اوهان رات به ڪئي هئي“ فيض چيو ” ها! اها ڳالهه مون رات به ڪئي هئي پر وري ان ڪري ورجايان ٿو جو متان تون سمجھين ته فيض رات نشي ۾ هو، هن وقت آءٌ هوش ۾ آهيان ۽ چوان ٿو ته اياز مون کان وڏو شاعر آهي“
    سنڌي شاعريءَ ۾ شيخ اياز جيڪا جدت ۽ نواڻ آندي سا تازي هوا جي جھوٽي مثل هئي، ڪابه نئين تخليق جڏهن ڪو تخليقڪار سرجي ٿو ته سندس اها خواهش هجي ٿي ته اها لکڻي مڃتا ماڻي، پر اصل مڃتا ۽ دائميت ان ئي تخليق کي ملي ٿي جا پنهنجي اندر معيار ۽ ڪشش رکندڙ آهي، ان جي معياري هئڻ جو دليل اهو ئي هوندو ته اها پڙهندڙن وٽ موجود رهندي جيئن اياز جي هڪ هڪ سٽ اڄ به اسان پنهنجي هينئين سان هنڊايون ٿا، محفلن، ڪانفرنسن، سيمينار، عوامي جلسن جلوسن کان ويندي ادبي ميڙاڪن تايئن اياز جي شعرن جي گونج اڄ به هر هنڌ موجود آهي ۽ جھر جھنگ ۾ شيخ اياز جي گيتن کي ڳاتو وڃي ٿو ۽ اها ئي تخليق جي دائميت آهي جنهن سان خود تخليقڪار به زنده رهي ٿو، جيڪا لکڻي وقت جي دز جي ور چڙهي وڃي سا تخليقڪار جي موت سان گڏ ئي دفن ٿي وڃي ٿي.
    سنڌ جي ناليواري برک دانشور ۽ اياز جي ساٿي محمد ابراهيم جويي لکيو ته: ”اياز جي شاعري سنڌي ٻوليءَ جو ڪرشمو آهي، ٻولين جا اهڙا ڪرشما جڳن کانپوءِ ظاهر ٿيندا آهن ۽ جڏهن ٿيندا آهن، تڏهن اهي ٻولين سان گڏ پنهنجي پنهنجي دؤر جي ڪايا پلٽ جا دائي ۽ اٽل سبب بنبا آهن“.
    شيخ اياز انساني جذبن، امنگن ۽ احساسن جي ڳالهه ڪندي انساني ويساهن جي ڳالهه به ڪيڏي نه خوبصورت انداز ۾ ڪئي آهي، جو چيائين:[/justify]
    جي تون وڙهندي ماريو ويندين،
    هن وستيءَ تان واريو ويندين،
    دودا ! تنهنجو ساهه ته ويندو،
    پر ماڻهوءَ جو ويساهه نه ويندو.
    [justify]سن 1965ع ۾ سنڌ جي حقن جي جاکوڙ واري ڏوهه ۾ کيس گرفتار ڪري سکر جيل ۾ قيد ڪيو ويو، ان بعد 1968ع ۾ هن ساهيوال جيل موڪليو ويو جيستائين ايوب جي حڪومت هئي تيستائين اياز قيد ۾ رهيو. 1970ع ڌاري پاڻ شيخ مجيب الرحمان جي عوامي ليگ ۾ شامل ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ شيخ مجيب جي گرفتاري ۽ بنگلاديش ٺهڻ تائين اياز کي مسلسل جيل اندر قيد رکيو ويو. شيخ اياز جي پهرين شادي بيگم زرينا سان ٿي. جنهن مان کيس ٻه پٽ انيس ۽ سليم ۽ 3 ڌيئرون ياسمين، نگهت ۽ روحي پيدا ٿيون. ٻي شادي بيگم اقبال سان ڪيائين، جنهن مان به کيس 3 ٻار مونس، سرمد ۽ وينگس ڄايا.
    سن 1976 ڌاري شيخ اياز کي ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت دوران سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو ۽ جتي هن چئن سالن تائين ڪم ڪيو. ۽ انهن ئي چئن سالن ۾ اياز کي زندگيءَ جا ڪيترائي اهڙا تجربا به ٿيا جي هو ٻين هنڌن تي شايد ائين حاصل ڪري نه سگهي ها، يا وڪالت واري شعبي ۾ ڪم ڪندي کيس اهڙا مشاهدا ٿي نه سگھن ها، ان دؤران کانئس ڪيترائي ويجھا دوست يار به ناراض ٿيا ڪي نوڪريون نه ملڻ تي ته ڪي خود وائيس چانسلر واري آڇ قبولڻ تي. سن 1962 ۾ اياز جا شعري ڪتاب ڀونر ڀري آڪاس ۽ ڪلهي پاتم ڪينرو، 1963 ۾ خطن جو ڪتاب ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي 1963، 1964ع ۽ 1968 ۾ وقت جي آقائن پاران ضبط ڪيا ويا پر انهن اڻ ڄاڻن کي اها ڄاڻ ئي نه هئي ته خوشبو تي پابنديون مڙهڻ بيوقوفي کان وڌيڪ ڪجهه به نه هوندو آهي. ڪنهن به وڏي شاعر جي لکڻين جو گهرائيءَ سان مطالعو ڪرڻ بعد ئي سندس تخيليق ڪيل شعر جي روح تائين پهچي سگھبو آهي ۽ پوءِ ئي ان تي ڪا به حتمي راءِ قائم ڪري سگھبي آهي، آفاقي شاعريءَ جو مفهوم هر شخص وٽ پنهنجو پنهنجو هجي ٿو پر مجموعي طور تي آفاقيت جي معنى کي مختصر طور سمجهجي ته اها لکڻي جيڪا ڪنهن خاص سماج يا ملڪي حدن جي محتاج نه هجي ۽ ان ۾ هر خطي جي ماڻهن جي جذبن جي نمائندگي نظر اچي ته اها ئي لکڻي امرتا ماڻي ٿي. اياز چيو:[/justify]
    اسانجون وفائون نه ساحل نه ڪشتي
    اوهانجون ادائون نه ٻوڙيو نه تاريو
    زمين جا ستارا هئا لڙڪ پنهنجا
    اسان رات روئي پرهه کي پڪاريو
    ڪٿي آهين تون اي نظامِ محبت
    صديون ساهه منهنجي سڪي توکي ساريو
    تو ڳوڙهن ۾ ڳوڙهو وڃي ڏس ته توکي
    پتو پئي اسانکي آ ڪنهن مُرڪ ماريو
    [justify]اردو ادب جي ناليواري ليکڪا فهميده رياض لکيو ته: ”اياز جي شاعريءَ کي اوهان جيڪڏهن پورو پڙهي وٺو ته توهان چئي سگھو ٿا ته بر صغير ۾، رڳو پاڪستان ئي نه بلڪه پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ پوري بر صغير ۾ ان جي مختلف زبانن ۾ جيڪي شاعر پئدا ٿيا آهن، غالبن اياز جي مقابلي جو، هن جي جوڙ جو ٻيو ڪوبه شاعر پئدا نه ٿيو آهي“
    شيخ اياز جنهن جو اصل نالو مبارڪ علي هو غلام حسين شيخ جي گھر ۾ 2 مارچ 1923 تي شڪارپور ۾ پئدا ٿيو، پرائمري تعليم هندو سنڌي اسڪول شڪارپور ۽ سيڪنڊري تعليم شڪارپور نيو ايريا هاءِ اسڪول مان حاصل ڪئي، بعد ۾ سي اينڊ ايس ڪاليج ۾ داخلا ورتائين جتي ان وقت ڪاليج مان نڪرندڙ مئگزين جي سنڌي شعبي جو شاگردن مان چونڊيل ايڊيٽر هو، اتان فارغ ٿي قانون جي ڊگري ايل ايل بي ورتائين جنهن جي بنياد تي وڪالت اختيار ڪيائين. کيس لکڻ واري ڪرت ننڍي هوندي کان ئي هئي جو هن ابتدائي ڪلاسن ۾ پڙهندي به پنهنجي استادن کان شاعريءَ ۾ رهنمائي پي ورتي، سندس پهريون غزل بعنوان ”مردِ خدا“ شڪارپور مان شايع ٿيندڙ رسالي ماهوار ”سدرشن“ ۾ شايع ٿيو. شيخ اياز اهو شاعر هو جنهن روايتن کي ٽوڙي نوان بنياد وڌا اهڙا بنياد جن سان ادب جي ديوار کي هڪ نئون رنگ ۽ ڍنگ مليو، اياز صرف گذريل صديءَ جو شاعر نه پر هو ايندڙ ڪيترين ئي صدين تائين ڇانيل رهندو ڇا لاءِ ته سندس تخليق ۾ ساهه آهي سندس لفظ جيئرا آهن سندس احساسن جي ڪوملتا ۽ لفظن جي خوشبوءَ کي هر ماڻهو محسوس ڪري ٿو ۽ اهو ئي سندس فن ۽ تخيل جو ڪمال آهي.
    شيخ اياز جي ڇپيل ڪتابن ۾: ”ڀؤنر ڀري آڪاس“، ”ڪلهي پاتم ڪينرو“، ”ڪي جو ٻيجل ٻوليو“، ”وڄون وسڻ آيون“، ”ڪپر ٿو ڪُن ڪري“، ”لڙيون سج لڪن ۾“، ”پتڻ ٿو پور ڪري“، ”ٽڪرا ٽٽل صليب جا“، ”پن ڇڻ پڄاڻان“، ”واٽون ڦلن ڇائنيون“، ”چنڊ چنبيلي ول“، ”رڻ تي رم جھم“، راڄ گھاٽ تي چنڊ“، ”جھڙ نيڻا نه لهي“، ”سُر نارائڻ شيام“، ”الوداعي گيت“، ” ڪاري ڪهنگ“، ”مينهن ڪڻيون“، گيڙو ويس غزل“، ”ڪونجون ڪُرڪن روهه تي“، ”گھاٽ مٿان گھنگھور گھٽا ۾“، ”چنڊ ڳليون“، ”هرڻ اکي ڪيڏانهن“، ”سورج مکي سانجھ“، ”سر لوهيئڙا ڳڀيا“، ”ننڊوليون“، ”ڪتين ڪر موڙيا“، ”هينئڙو ڏاڙهون گل جيئن“، ”اڀر چنڊ پس پرين“، ”اٿي اور الله سان“، ”اڪ جون ڦلڙيون ڀيڄ ڀني“، ”بڙ جي ڇانون اڳي کان گھاٽي“، ”اڪن نيرا ڦليا“، ”جر ڏيئا جھمڪن“، ”تون ڇپر تون ڇانون“ ۽ ٻيا ڪيترائي مجموعا شامل آهن. ساڳي طرح سندس ڪهاڻين، آتم ڪهاڻين، ڊائري جي ورقن ۽ اردو شاعريءَ جا به ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن جن ۾: ”سفيد وهشي“ ڪهاڻيون، ”پنهل کانپوءِ“ ڪهاڻيون ۽ خط، ”بوءِ گل نالائي دل“ اردو شاعري، ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ خط، جڳ مڙيوئي سپنو“ آتم ڪهاڻي، ”ساهيوا جي جيل ڪهاڻي“ ڊائري، ”ڀڳت سنگهه کي ڦاسي“ منظوم ڊرامو، ”انٽرويو ۽ تقريرون“ (ٻه ڀاڱا)، ”ڪراچيءَ جا ڏينهن ڪراچيءَ جون راتيون“ ڊائري، ”حلقه ميري زنجير“ اردو شاعري، ”رساله شاهه عبداللطيف“ ترجمو، ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر“ آتم ڪهاڻي (پنج ڀاڱا) ۽ ٻيا شامل آهن.
    شيخ اياز تي گھڻو ڪجهه لکيو ۽ ڳالهايو ويو آهي پر مستقبل ۾ هن تي اڃا به گھڻو لکيو، ڳالهايو ويندو جو ايندڙ دؤر اياز جو دؤر آهي. نامياري محقق ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي اياز تي راءِ ڏيندي لکيو: ”شيخ اياز جر شاعريءَ تي موجوده دؤر جي سڀني شاعرن کان گھڻو لکيو ويو آهي، هو هن دؤر تي گھڻو اثر به ڪري رهيو آهي، اياز سنڌي شاعريءَ جي روايت سان، پنهنجي جدت سميت جَڙيل آهي. ڪلاسيڪي ۽ جديد شاعريءَ جا سڀ رنگ فقط اياز ۾ نظر اچن ٿا. اياز هڪ پرگو شاعر آهي. هن جو جيڪو ڪائنات جو اڀياس آهي، سو کيس انهيءَ قابل بنائي چڪو آهي، جو هو پوپٽ جو پيرو کڻي اهو ٻڌائي سگھي ٿو ته ان جي زندگيءَ ۾ ڪهڙا ڪهڙا گل آيا.“
    نامياري ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ ڪالم نگار قمر شهباز لکيو آهي ته: ”جيڪڏهن مون تي جذباتيت جو الزام نه هنيو وڃي، ته جيڪر مان حقدار کي حق ڏيڻ خاطر اهو چوڻ جي جسارت ڪريان ته ڀٽائيءَ کانپوءِ اياز تائين سنڌ ڪوبه اهڙو راڳي پئدا نه ڪيو، جو سنڌ واسين جي دلين جي تارن کي اهڙي شدت سان جھنجھوڙي جو تن تن تڙپي اٿي، من من ماندو ٿي وڃي، ماڻهو ماڻهو مچلي پوي. شاهه جي وسايل چڻنگ کي ڀنڀٽ ۾ بدلائڻ صرف ئي صرف اياز جو ئي ڪمال آهي“
    اياز سنڌ جي جديد شاعريءَ واري آسمان تي چنڊ مثل آهي. هن جا بيت، نظم، آزاد نظم، دوها، ڏيڊ سٽا، وايون، گيت، هائيڪا ۽ نثر ۾ ڪهاڻيون، خط وغيره اڄ به سندس آواز بڻجي اسان سان مخاطب آهن جنهن لاءِ سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ماڻهو اياز جا ڳڻ ڳائيندا رهندا جو هن سڄي عمر سنڌيت لاءِ پاڻ ارپڻ واري جذبي تحت جاکوڙيو ۽ هر ميدان تي کلي مزاحمت ڪئي، راتين جون ننڊون ڦٽائي قومي سجاڳيءَ لاءِ سڏ ڪيا، جديد سنڌي شاعريءَ ۾ شيخ اياز جو نالو انتهائي معتبر، مٿاهون ۽ مانائتو آهي جنهن کي تاريخ ثابت ڪري چڪي آهي پر اياز کي سٺيءَ ريت سمجھڻ ۽ پرکڻ لاءِ اڃا وقت کپي، مستقبل ۾ اياز تي اڃا به گھڻو ڪم ٿيڻو آهي جو هيل تائين اسان اڃا شيخ اياز جي عظمت جو ڪاٿو ئي ناهيون ڪري سگھيا، هن جي شاعريءَ تي ايندڙ دؤر جا محقق ريسرچ ڪري سندس لڪل خوبين تي روشني وجهندا ته هو ڪيترو عظيم هو ۽ ان جي عظمت کي اسان ڪيتري حد تائين ڄاتو آهي، هن پنهنجي حياتيءَ جو گھڻو وقت سکر ۾ گذاريو، آخري ڪجهه سال ڪراچي پرنس ڪامپليڪس ۾ وڃي ترسيو جتي دل جي بيماري سان به جنگ جوٽيندو رهيو. اياز 28 ڊسمبر 1997ع تي لاڏاڻو ڪيو، کيس 29 ڊسمبر تي ڀٽ شاهه ۾ ڪراڙ جي ڪناري مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.[/justify]
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا.. ڌرتيءَ جو مهَان شاعر شيخ اياز

    ادا رضوان گل مهرباني

    سنڌ جي مهان ڏاهي تي لکيل ڄاڻ وارو مضمون آهي۔ شيخ اياز جي خاصيت آهي جو هن شاعريء سن گڏ نثر ۾ به گهڻو ڪجگ لکيو آهي۔ سندس نثري نظم ، خط ، ڪهاڻيون ، جيل جي ڊائري لکڻ جو انداز به ٻين کان نرالو ۽ تجسس سان ڀرپور۔

    ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا
    گھايل ڌرتيءَ جي سيني جي
    اهڙي گِهري چيخ ٿين ٿا
    جا هر ڪنهن کي جاڳائي ٿي
    جا دنيا کي بدلائي ٿي


    اياز جو فڪر واقعي تبديلي ۽ انقلاب وارو آهي جيڪو دنيا کي بدلائي سگهي ٿو پر خبر ناهي ڇو اسان سنڌي ماڻهن سندس ڏاهپ مان گهٽ فائدو ورتو آهي۔
     
  3. رضوان گل۔

    رضوان گل۔
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    67
    ورتل پسنديدگيون:
    33
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا.. ڌرتيءَ جو مهَان شاعر شيخ اياز

    اياز جنهن پاڻ ئي چيو هو:

    اڄ هر ڪنهن جو هي رايو آ تو نينهن اياز نڀايو آ
    تو ڳاتا گيت بغاوت جا تو لاٿا زنگ ضميرن جا

    ايندڙ دور اياز جو دور آهي اچو ته پنهنجي عظيم انسانن جي عظمت کي سلام پيش ڪري کين مانُ ۽ مهانتا ڏيون۔۔۔ جيڪو اسان سڀني جو اخلاقي فرض آهي


    ڀا سليمان اوهانجي وڏي مهرباني
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا.. ڌرتيءَ جو مهَان شاعر شيخ اياز

    سائين محترم رضوان، تمام سهڻو ليک لکيو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي ڏاهي ۽ مفڪر کي سهڻو خراج عقيدت پيش ڪيو ويو آهي ۽ سنڌ کي انجي عظمت جي آسمان ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ۔۔۔

    بيشڪ شيخ اياز هڪ مها ڪوي ۽ هڪ مها انسان هو، جنهن پنهنجي پوري فڪر سان سنڌ ۽ سنڌ جي معاشرت کي پنهنجو موضوع ڪري اهڙا ته اڻ ملهه نقطا ٻڌائي ويو جو هوند انهن اصولن ۽ نقطن کي سنڌ اپنائي ته سنڌ ۽ سنڌيت جو مان مٿاهون ٿي وڃي ۔۔۔

    عمر ساري سنڌ ۽ سنڌيت کي ڳائيندڙ، سنڌ جي معاشري کي آزاد ۽ خودمختيار ڏسڻ لا صعوبتون برداشت ڪرڻ واري ڏاهي انسان کي اسانجو سرخ سلام ۔۔۔

    ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔
     
  5. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا.. ڌرتيءَ جو مهَان شاعر شيخ اياز

    سائين بهترين ونڊ آهي .
     
  6. رضوان گل۔

    رضوان گل۔
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    67
    ورتل پسنديدگيون:
    33
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا.. ڌرتيءَ جو مهَان شاعر شيخ اياز

    وڏي مهرباني پيارا نثار ابڙو ۽ ڀا رياض حسين گلال
     
  7. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي

هن صفحي کي مشهور ڪريو