حسرتن جو خون (ڪهاڻي)

'ڪهاڻيون' فورم ۾ رضوان گل۔ طرفان آندل موضوعَ ‏31 ڊسمبر 2010۔

  1. رضوان گل۔

    رضوان گل۔
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    67
    ورتل پسنديدگيون:
    33
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    رضوان گل


    (ڪهاڻي)


    حسرتن جو خون​



    [justify]رات جي سانت ۾ ڪشادي گهر جي هڪ اونڌاهي ڪمري مان مسلسل پوڙهي شخص جي کنگهڻ جو آواز.
    سندس پٽ ايئر ڪنڊيشن واري ايئر ٽائيٽ روم ۾ پنهنجي گهر واريءَ جي ڀاڪر ۾ ستل، جيڪو پيءُ جي خراب طبعيت جي ڄاڻ هوندي به.....!!
    پوڙهو شخص مسلسل کنگهي رهيو هو...
    اسٽور روم مان نوڪرياڻي اٿي اچي ڪمري جي بتي ٻاري کيس پاڻيءَ جو گلاس ڀري پيئاري ٿي.
    بابا ! دوا جو وزن کاڌو اٿئي؟
    پوڙهي پنهنجو ڏڪندڙ ڪنڌ هاڪار ۾ ڌوڻيو، سندس اکين ۾ پاڻي تري آيو هو ۽ جسم ڪنبي رهيو هوس.
    ڏڪندڙ آواز سان پڇيائين، ڌيءَ اسد آيو آهي؟
    ها! بابا، اسد صاحب ۽ بيگم صاحبه ڪمري ۾ آهن.
    پوڙهو وري کنگهڻ لڳو. هاڻي سندس اها کنگهه پاڻيءَ جا ڍڪ پيئڻ سان جهڪي ٿيڻ واري نه هئي. انهيءَ دائمي کنگهه سندس جسم کي کوکلي پڃري جيان بڻائي ڇڏيو هو جنهن ۾ سندس ساهه ڪنهن ڪمزور ۽ مجبور پنڇيءَ جيان قيد هو.
    مسجد مان اصلوات خيرمنننوم _ اصلوات خيرمنننوم جو آواز بلند ٿيو، گهر جي لان واري وڻ ۾ جهرڪين جي چون چون ڪانون جي ڪان ڪان ۽ ٻين پکين پنهنجون ٻوليون ٻولڻ شروع ڪيون ۽ هر رات جيان هڪ ٻي رات به گذري وئي.
    اسد صبح ٿيڻ سان ئي آفيس جي تياري ۾ لڳي ويو، پينٽ،شرٽ،ٽاءِ ۽ پوءِ ڪوٽ پائي ناشتي تي ڊائننگ تيبل تي ويهندي ... وڏي پيار مان گهر واريءَ کي سڏيائين.
    بيگم پليز جلدي اچو.. مونکي دير پئي ٿي.
    ۽ بيگم پنهنجا آلا وار ٻنهي ڪلهن تي رکي جلدي اچي اسد جي ڀر واري ڪرسيءَ تي ويٺي.
    پهريون گرهه بيگم صاحبه کي پنهنجي هٿ سان کارائي ناشتو شروع ڪيائين.
    اسد ! پٽ اسد ! والد جو جهيڻو آواز سندس سماعتن سان ٽڪرائجي ٿو. پر ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري گهر واريءَ سان گفتگوءَ ۾ مصروف ٿي وڄي ٿو.
    نوڪرياڻيءَ بريف ڪيس گاڏيءَ ۾ رکيو.
    اسد گهر مان نڪرندي آخري دفعو آئيني تي ٽاءِ سيٽ ڪندي اچي ٿڌيءَ گاڏيءَ ۾ ويٺو.
    ڊرائيور گاڏي اسٽارٽ ڪئي، پهريون فرسٽ گيئر پوءِ سيڪنڊ ۽ ٿرڊ کانپوءِ فورٿ گيئر ۾ گاڏي ويڪري روڊ تي ڊوڙڻ لڳي.
    ڪوٽ جي اندرئين کيسي ۾ رکيل موبائيل ۾ پهريون وائبريشن ٿي ۽ پوءِ بيل وڄڻ لڳي.
    هيلو.
    سائين اسد صاحب؟
    جي ڳالهايان پيو.
    عرفان صاحب جو والد رات وفات ڪري ويو آهي سندس اڄ 12 بجي تدفين ٿيندي.
    ٺيڪ آ. اسد موبائيل کي ڀرسان سيٽ تي رکي ڇڏيو.
    اسد اها خبر ٻڌي پنهنجي والد بابت سوچڻ لڳو....
    کيس سندس پيءُ جو هر هڪ ڳالهه ۾ دخل ڏيڻ، بغير پڇڻ جي مشورا ڏيڻ،ڳالهه ڳالهه جو ورجائي پڇڻ ۽ سندس گهر واريءَ جي آزاديءَ سان گهمڻ تي ٽوڪڻ ۽ روڪڻ وارو انداز چڙ ڏياريندو آهي، اهڙين ئي ڳاليهن جي ڪري هن پيءُ کي گهر ۾ پيل ڪنهن پراڻي ۽ بي جان شيءِ جيان وساري ڇڏيو آهي!!
    اسد آفيسريءَ جي نشي ۽ زال جي خوشامند ۾ پنهنجي پيءُ کي پل پل اذيت ناڪ عذاب ڏيندو ۽ سندس حسرتن جو خون ڪندو رهيو.
    ڪيترن ئي بيمارين جي ور چڙهيل سندس پوڙهو پيءُ زندگيءَ جي تتل صحرا ۾ ڀٽڪي رهيو هوڪنهن لاوارث جيان.
    اسد شام جا پاڇا لڙڻ کان ٿورو اڳ گهر پهتو.. پيءُ جي کنگڻ جا آواز ۽ اسد.. اسد ..! جي پڪار ٻڌي. کيس هڪ لمحي لاءِ خيال آيو ته انهيءَ اونڌاهي ڪمري ڏانهن وڃان ۽ پيءُ کي ڏسان، پر ائين نه ڪيائين ۽ تڪڙو تڪڙو پنهنجي ٿڌي بيڊ روم ڏانهن وڌي ويو.
    جتي سندس گهر واري ويڪري بيڊ تي سمهي ڪنهن سهيليءَ سان وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي فون تي ڳالهائي رهي هئي.
    اسد جو والد اڄ اهي سڀئي ماضيءَ جي يادن جا ورق اٿلائي اندر ئي اندر ۾ جُهري پيو هو، لڙڪن جو سيلاب سندس اکين جا بند ڀڃي ٻاهر نڪري پيو هو. کيس ياد اچي رهيو هو....
    جڏهن اسد جي ڄمڻ جي باس باسي هئائون، پوءِ آهسته آهسته کيس وڏو ٿيندي ڏسي دل ئي دل ۾ سپنا سانڍيا هئائون، سٺي تعليم ۽ تربيت ڏيڻ جا ۽ وڏو آفيسر ٿيڻ جا. هي پاڻ ته سرڪاري آفيس ۾ ننڍڙو ملازم هو پر هڪڙي سڪي لڌي پٽ جي آسائش لاءِ ڏاڍو پاڻ پتوڙيو هئائين، پرئيويٽ انگلش ميڊيم اسڪول کانپوءِ سائنس ڪاليج ۽ انجنيئرنگ يونيورسٽي تائين سندس تعليم جو خرچ آفيس ۾ اوور ٽائيم ڪري به پورو ڪندو هو، پاڻ ته پراڻا ڪپڙا پائي گذارو ڪندو هو پر اسد کي نئين ڊريس ضرور سبرائي ڏيندو هو. اسد جي ماءُ جي گذاري وڃڻ بعد هن ئي کيس ماءُ ۽ پيءُ واري شفقت ۽ محبت ڏني.
    ننڍي هوندي جڏهن اسد کانئس هڪ ئي سوال ڏهه ڀيرا پڇندو هو ته هي کيس ڏهه ئي ڀيرا جواب ڏيندو هو، پر اڄ ...!! کيس ڪلهي تي ويهاري گهر جي پڌر ۾ گهمائيندو ۽ ڳلن،ٻانهن ۽ هٿن تي مٺيون ڏيندو هو، بيمار ٿيندو هو ته هي ٻه ٻه ويلا ماني به نه کائيندو هو. ٻانهن ۽ مٿي تي زور ڏيندو هوس ۽ دعائون گهرندو هو سندس صحتيابي جون.
    اسد جڏهن انجنيئرنگ جي ڊگري وٺي گهر موٽيو هو ته سندس لاءِ يونيورسٽيءَ ۾ گڏ پڙهندڙ هڪ امير زاديءَ جو رشتو آيو هو، هن ته انڪار ڪيو پر اسد جي زِدَ ۽ خوشيءَ خاطر اهو رشتو ڪرڻ تي مجبور ٿيو، کيس ڪهڙي خبر ته انهيءَ نئين رشتي جي ڪري اسد پنهنجا سڀئي رشتا وساري ڇڏيندو! انهيءَ امير زاديءَ جي طفيلي ئي هي تمام وڏي ڪمپنيءَ ۾ انجنيئر ته ٿي ويو... پر کانئس اهي سڀئي پل ڪنهن پراڻي پڙهيل سبق جيان وسري ويا جنهن کي ٻيهر ورجائي پڙهڻ جي ڪا ضرورت ئي ناهي پوندي.
    پوڙهو دل ئي دل ۾ اسد کي اولاد ٿيڻ لاءِ دعائون گهري رهيو هو.. کيس اچانڪ ئي هڏڪين مٿان هڏڪيون اچڻ لڳن ٿيون. نوڪرياڻي ۽ نوڪر هڏڪين جي زوردار آواز تي پوڙهي جي ڪمري ۾ اچن ٿا، سندس بگڙيل حالت ڏسي اسد جي ڪمري واري در کي زور زور سان کڙڪائڻ لڳن ٿا ۽ هوڏانهن پوڙهي جي هڏڪين سان گڏوگڏ اسد..! اسد! جا لفظ به ورجائجڻ لڳن ٿا.
    ڪمري جي اندران بيگم صاحبه جو آواز اچي ٿو.
    اسد باٿ روم ۾ آهي شور نه مچايو، مان فون تي پئي ڳالهايان.
    پوڙهي آخري هڏڪي ڏني ته سندس زبان مان اَس.. اَس..... نڪرندي رهجي ويو، ان وقت جسم جي زندان مان سندس روح ڪنهن پکيءَ جيان ڀڙڪو کائي اڏري ويو...
    [/justify]
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: حسرتن جو خون (ڪهاڻي)

    محترم سائين! بيشڪ هي اسانجي ۽ انساني معاشري جي هڪ اڻوندڙ حقيقت آهي ۽ جڏهن والدين پنهنجون سڀ سگهون استعمال ڪري قربانيون ڏئي پنهنجي اولاد کي ڪنهن منزل تي رسائن ٿا ته اولاد انکي انهن پوڙهن والدين جو فرض چئي منهن موڙي وٺن ٿا ۽ انهنکي انهن جي قسمت تي ڇڏي ڏين ٿا ۔۔۔۔ ايئن ٿئي ٿو ۽ ٿيندو رهندو جو انسان تمام لالچي ۽ ڪريل به ٿئي ٿو، انسان جڏهن انساني درجي تان ڪري اسفل سافلين ۾ وڃي ٿو ته انکان انجا سڀ انساني رتبا رسي وڃن ٿا ۽ هو وحشي ٿي پوي ٿو ۔۔۔

    ڪي وحشي جهنگلي ته وري ڪي وحشي ۽ درندا پڙهيل لکيل، سڌريل معاشري جا رڪن هجن ٿا، ٻنهي جو طريقه واردات ساڳيو آهي ۔۔۔ ظلم

    رب العالمين اسانکي صراط المستقيم تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي ۔۔۔ آمين​
     
  3. نويد احمد ڪلوڙ

    نويد احمد ڪلوڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    468
    ورتل پسنديدگيون:
    206
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    ڪنٽري مينيجر، سماجي ورڪر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي سنڌ
    جواب: حسرتن جو خون (ڪهاڻي)

    ادا ڪهاڻي جو پسمنظر ته بلڪل هن وقت جي حالاتن جي مطابق ئي آهي ۽ اسان جي سماج ۾ اها برائي ۽ بد فضيلتي وڌي وئي آهي۔

    خدا سڀن کي هدايت اتا فرمائي

    آمين

    سدائين گڏ
     
  4. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: حسرتن جو خون (ڪهاڻي)

    جي سائين بلڪل تمام بهترين ونڊ آهي .
     
  5. رضوان گل۔

    رضوان گل۔
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    67
    ورتل پسنديدگيون:
    33
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: حسرتن جو خون (ڪهاڻي)

    پيارن دوستن نثار ابڙو، نويد احمد ۽ رياض گلال جي مهرباني
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: حسرتن جو خون (ڪهاڻي)

    ادا رضوان مهرباني

    خبر ناهي ڇو اسان مان روايتون ۽ قدر گهٽبا ٿا وڃن ۽ اسان والدين کي مان ڏيڻ گهٽائي ڇڏيو آهي۔

    دعا آهي ته اسلام جي روح کي سمجهندي اسان پنهنجي والدين ۽ وڏڙن سان نيڪي ۽ ادب سان پيش اچون
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو