دادوجي مشهور مکي بازار ( هڪ جائزو )

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏31 ڊسمبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    دادوجي مشهور مکي بازار ( هڪ جائزو )​

    خالد معظم شاه
    قدرت پنهنجي ڳجهن رازن کي پاڻ ٿي ڄاڻي، ڪائنات ۾ هر گهڙي تبديلي اچي رهي آهي. انسان، حيوان، نباتات مطلب ته هر شيءِ بدلجندي رهي ٿي. وقت ۽ زماني سان گڏ ڪيتريون ئي شيون مٽجي غائب ٿي ويون ۽ ان کان علاوه ڪيتريون نمودار ٿيون. جتي بَر هئا اتي بازارون آهن ۽ جتي رونقون هيون اتي ويرانيون آهن. دادو شهر ۾ ڪيتريون ئي بازارون آهن جن ۾ شاهي بازار، راءِ بازار، ٻٻر بازار ۽ ريشم بازار شامل آهن. انهن بازارن مان مُکي بازار گهڻي مشهور آهي. مُکي بازار پراڻي چوڪ کان شروع ٿي ڏکڻ طرف ڏاتر ڏنو ميمڻ جي دوڪان ۽ قاضين جي مارڪيٽ روڊ سان ملي ٿي. مُکي بازار ۾ ڪپڙي، ڪتابن ، بوٽن ۽ مڻيارن جا دوڪان آهن. ان کان علاوه دوائن جا اسٽور ۽ پسارين جا دوڪان پڻ موجود آهن. جن ۾ حاجي عبدالله خشڪ، سليم خشڪ، دارالنشاط دواخانو، حڪيم قادر بخش لاکي ۽ حڪيم محمد بچل ميمڻ جو دواخانو به مُکي بازار ۾ آهي.
    مُکي بازار ڪجهه فاصلي تائين ويڪري آهي پوءِ سوڙهي ٿي. اڳتي هلي پراڻي چوڪ وٽ ختم ٿئي ٿي. مُکي بازار مان ٽي ٻيون بازارون نڪرن ٿيون جن کي راءِ بازار، ريشم بازار ۽ ٻٻر بازار چيو ويندو آهي.
    راءِ بازار جيڪا پراڻي چوڪ کان نڪري ڌمالي چوڪ تائين وڃي ٿي. جتي وڏي گوشت جي مارڪيٽ هوندي هئي ۽ فائر برگيڊ جي آفيس پڻ هئي. وڏي گوشت جي مارڪيٽ هن وقت ختم ٿي چڪي آهي. جڏهن ته ريشم بازار جيڪا مُکي بازار کان نڪري ”الله والي“ مسجد کان هلي سينيما جي سامهون تائين پهچي ٿي. ان کان علاوه ٻٻر بازار جيڪا مُکي بازار جي رستي سان نڪري ٿي. جتي هڪ جديد شاپنگ سينٽر ٺهيل آهي. جتي سوٽي، اوني ۽ ريشمي ڪپڙن جا دوڪان، راندين جو سامان ۽ گهرو سامان ملندو آهي مُکي بازار کان اولهه طرف هڪ رستو نڪري ٿو جيڪو نئين چوڪ تي ختم ٿئي ٿو. هن رستي تي پڻ دوڪان، ميڊيڪل اسٽور، فروٽ ۽ ڀاڄين جا دوڪان آهن. ان کان علاوه اسلحي جو هڪ دوڪان هو، بازار جو هڪ رستو ڏکڻ اولهه طرف وڃي ٿو. جتي سيد جڙيل شاهه جو مقبرو، نوراني مسجد، عبدالله هوٽل قائم آهي. جڙيل شاهه مارڪيٽ ۾ ڀاڄي، فروٽ، ڳُڙ ۽ هتي خاص طور تي صبح شام واپارين جي هلچل رهندي آهي. هي رستو اڳتي هلي، نوراني چوڪ وٽ ختم ٿئي ٿو.
    نوراني چوڪ کان ڪافي رستا نڪرن ٿا. هڪ رستو گرلس ڪاليج طرف وڃي ٿو. ٻيو رستو ڏکڻ طرف واڌن شاهه جي مقبري ڏانهن وڃي ٿو. جڏهن ته ٽيون رستو چاندني چوڪ طرف وڃي ٿو. نوراني چوڪ جي اولهه ۾ جڳت آباد محلو آهي جيڪو تاريخي حيثيت رکندڙ آهي. هن چوڪ جي ڀرسان ڇڙهائي پيسائي جون مشينون آهن، ان سان گڏوگڏ هن ئي چوڪ تي ايڪسري، الٽرا سائونڊ مشين ۽ پرائيويٽ اسپتالون، دوڪان ۽ هوٽلون واقع آهن.
    تاج محل سينيما کان مارڪيٽ روڊ شروع ٿئي ٿو. هن روڊ تي فوٽو اسٽوڊيو، بوائز ووڪيشنل انسٽيٽيوٽ، پيرا الاهي بخش لا ڪاليج ۽ مڇي مارڪيٽ آهي. نوراني چوڪ کان هڪ رستو ڏکڻ طرف وڃي ٿو، جيڪو ڌمالي چوڪ کان سيد واڌن شاهه جي مزار کان ٿيندو مسڻ روڊ سان ملاح چوڪ وٽ ملي ٿو. هن روڊ جي ڏکڻ ۾ ميمڻ محلو، سرهيا محلو، پير تڪيا اسٽريٽ، ڪنڀار محلو ۽ اوڀر ۾ سونارا ۽ سورج آباد محلو اچي وڃي ٿو. اسٽيشن روڊ تي اَڇو جي هوٽل کان هڪ روڊ اتر طرف وڃي ٿو. هن روڊ تي تازو گلف هوٽل ۽ شاپنگ سينٽر قائم ڪيو ويو آهي. هي روڊ علامه آءِ آءِ قاضي لائبريري وٽ ختم ٿئي ٿو. هن روڊ تي ڊکڻن، لوهرن جا دوڪان، ميڊيڪل اسٽور، سِول اسپتال، ڊي پي او هائوس، ڪي جي گرلس هاءِ اسڪول، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ويلفيئر ۽ پاپوليشن ويلفيئر جي آفيس آهي
    مُکي بازار جي اولهه طرف سيدن جون حويليون هونديون هيون. جهنگل شاه جي حويلي به هت هئي. سيد جهنگل شاهه بزرگ شخصيت هو. جڏهن سيد جهنگل شاهه وفات ڪئي ته کيس اتي ئي دفن ڪيو ويو. سيد جهنگل شاهه جي عقيدت ۾ هر سال ميلو به لڳندو آهي. جنهن جي ڪري مُکي بازار تاريخي حيثيت رکندڙ آهي.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نسيم شيخ

    نسيم شيخ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏3 جنوري 2011
    تحريرون:
    6
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: دادوجي مشهور مکي بازار ( هڪ جائزو )

    دادو جادو آهي دوست توهان تي يادون تازه ڪري مونکي دادو جي مهڪ کان آشڪار ڪيو مهرباني
     
  3. عرفان علي بلوچ

    عرفان علي بلوچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 نومبر 2012
    تحريرون:
    15
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سائين، استاد چيو آهي نه ته دادو سنڌ جي دل آهي۔۔۔ دادو سان ته پنهنجو نينهن ڳنڍيل آهي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ممتاز علي وگهيو سدائين اسان سان سهڻا ونڊ ڪندو هو، خاص ڪري سنڌ ۽ سنڌ جي شخصيتن سان گڏ سنڌ جو سير به ڪرائيندو رهندو هو۔ پر هاء ڙي مذهبي بحث ۔۔۔ اسان جي هن دلي گهريي دوست کي گهڻو پري ڪري ويو ۽ اسان اهڙن معلوماتي ليکن کان وانجهيل آهيون۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو