ڪراچي شهر ۾ وڌندڙ ماحولياتي گدلاڻ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏31 ڊسمبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ڪراچي شهر ۾ وڌندڙ ماحولياتي گدلاڻ​

    [​IMG]
    گل حسن ڪلمتي
    ڪراچي جيڪو ورهاڱي کان اڳ دنيا جي صاف سٿرن شهرن ۾ شامل هوندو هو. جمشيد نسروانجي مهتا جڏهن ڪراچي جو ميئر هو ته ان جا رستا روزانو پاڻي سان ڌوپچندا هئا، جڏهن بجلي نه هئي ته رستي تي لڳل روشني لاءِ فانوسن ۾ ناريل جو تيل استعمال ڪيو ويندو هو ته جيئن ماحول ۾ دونهون نه ٿئي. ڪراچي جي آبهوا ۽ ماحول ماضي ۾ انساني زندگيءَ لاءِ انتهائي فائديمند ۽ صحت لاءِ بهتر هو، جنهن جو وڏو ۾ وڏو سبب هي هو ته هي شهر ماحولياتي گدلاڻ کان پاڪ هوندو هو. ملير، لياري نديون ۽ ٻيا برساتي ڍورا اڃا گٽر نالن ۾ تبديل نه ٿي چڪا هئا. انهن ۾ صاف ۽ شفاف پاڻي وهندو هو. شهر جا ماڻهو پيئڻ لاءِ اهو پاڻي استعمال ڪندا هئا. آس پاس جي جابلو سلسلن ۾ گهاٽا جهنگ هوندا هئا، برساتي نئين جي ڪنارن تي آبادي ڪئي ويندي هئي، جنهنجي ڪري هتي خوبصورت باغ هوندا هئا. ماڻهو تفريح لاءِ انهن جابلو ٽڪرين ۽ باغن جو رخ ڪندا هئا. جتي هاڻي قائداعظم جو مقبرو آهي انهيءَ ٽڪري تي موڪل واري ڏينهن ميلو لڳو پيو هوندو هو.
    بندرگاهه وارو شهر هجڻ جي باوجود هي شهر خوبصورت هوندو هو. ورهاڱي کان پوءِ جڏهن لڏ پلاڻ جي نالي ماڻهن جي ٻوڏ هن شهر جو رخ ڪيو ته ڏسندي ئي ڏسندي سنڌ جي گادي وارو هي شهر سياسي، سماجي ۽ ثقافتي طرح گدلو ٿي ويو. آباديءَ جي غير فطري واڌ، بي ترتيب ڪچين آبادين، بنا ڪنهن پلاننگ جي ٺهندڙ صنعتي علائقن، زرعي زمينن ۽ ٽڪرين تي بي ترتيب گهرن جي ٺهڻ سان هن شهر جي بدقسمتي شروع ٿي.
    ٻين انيڪ مسئلن ۽ خطرن سان گڏ هي شهر سڀ کان وڌيڪ جنهن مسئلي ۽ خطري جو شڪار آهي اهو ماحولياتي گدلاڻ جو خطرو آهي. هر قسم جي ماحولياتي گدلاڻ جو جنم هن شهر ۾ ڪنهن نه ڪنهن نموني موجود آهي. ماحولياتي گدلاڻ جو اجگر هن شهر جي سونهن، ثقافت، قدرن ۽ انسانن کي ڳڙڪائي رهيو آهي. حڪومتي ادارا خود ان گناهه ۾ برابر جا شريڪ آهن. قانون، آڊريننس آرڊر سڀ خوبصورت فائيل ۾ بند آهن. اهڙو ڪو به قانون هن شهر ۾ ڪٿي به نظر نٿو اچي. هڪ ئي شهر ۾ 36 کان مٿي حڪومتي ادارا هڪ ٻئي کان لاتعلق ۽ هن شهر کي ٺاهڻ ۽ سنوارڻ بجاءِ هن کي لٽي، بدصورت بڻائي رهيا آهن.
    دنيا جو هي ارڙهون وڏو شهر شديد ترين ماحولياتي گدلاڻ جي گهيري ۾ آهي. سنڌ جي گادي وارو هي شهر اقتصادي ۽ صنعتي سرگرمين ڪري وچ ايشيا، عرب ملڪن جو ڪنهن قدر اقتصادي انحصار هن شهر تي آهي.
    ماحول ۾ انسان، جانور، آبي حيات، آبهوا، زمين، پکي پکڻ، جيت جيوڻ، وڻ ٽڻ، سمنڊ، دريا، جبل سڀ اچي وڃن ٿا. ماحولياتي سائنس مطابق روشنيءَ جو مقدار، گرمي پد، هوا جو دٻاءُ، پاڻي جا بخار، ڪشش ثقل ۽ زمين جي جسم ۾ موجود قدرتي عنصرن جي موجودگي ۽ سمنڊ جي فطري رواني، دريائن جي قدرتي وهڪرن سرگرمين جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ ڪيفيت کي ماحول چئبو آهي. ماهرن موجب ڪنهن به هڪ عنصر جي مناسب مقدار ۾ هيرڦير ۽ گهٽ وڌائي سبب ماحول ۾ بگاڙ پيدا ٿئي ٿو ۽ ماحولياتي گدلاڻ انهيءَ بگاڙ جو سبب بڻجي رهيو آهي. هر شئي جو قدرت هڪ ٻئي تي دارو مدار رکيو آهي. انسان سميت سمورا جاندار، وڻ ٽڻ جيئن ته ماحول سان جڙيل آهن، تنهن ڪري ماحول ۾ ايندڙ ننڍي ۾ ننڍي تبديلي سڌوسنئون يا اڻ سڌو انهن تي اثر انداز ٿئي ٿو. ان جي بقا جو دارومدار ”توازن“ ۾ رکيو ويو آهي.
    ورهاڱي وقت ڪراچي شهر جي آبادي چار لک هئي، جيڪا هن وقت هڪ ڪروڙ 60 لک آهي ۽ هن ۾ هر سال غير فطري طور ڇهه سيڪڙو واڌ ٿي رهي آهي. ڪراچي شهر ملڪ جي معاشي ترقي ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪرڻ ڪري پوري ملڪ جي معاشي ترقي ۽ بنيادي ڪردار ادا ڪرڻ ڪري پوري ملڪ ۽ ٻاهر کان آيل غير قانوني ماڻهو روزگار لاءِ ڪراچي جو رخ ڪري رهيا آهن. ٻئي پاسي ڪجهه گروهه ڪراچي جي سياست ۽ هن جي زمين تي مالڪيءَ جي حق جتائڻ لاءِ به غير قانوني آيل بنگالين، بهارين، برمين، افغانين ۽ ڪشميرين کي قانوني تحفظ ڏيئي انهن کي مختلف ڪچين آبادين ۾ بي ترتيبي طريقي سان وسائي هن شهر جي قدرتي حسن ۽ ثقافتي ورثي کي تباهه ڪري رهيا آهن.
    گذريل اڌ صدي کان اسان جي اها ڌرتي ماحولياتي اثرن جي زد ۾ آهي. قدرتي وسيلن جي حد کان وڌيڪ استعمال اسان جي قدرتي ماحولياتي نظام کي تباهي جي ڪناري تي پهچايو آهي. وڌيڪ آبادي سڀ کان پهرين زمين ۽ ٻيلن تي ٻوجهه وڌو. وڌيڪ خوراڪ ۽ گهرن ۽ فيڪٽرين لاءِ زمين ٻيلن جي ڪٽائي ۽ جابلو سلسلن کي ختم ڪرڻ جا سبب بڻيا، جنهنجي ڪري جهنگلي جيوت، پکي پکڻ ۽ جانور دربدر ٿي جلا وطن ٿي ويا. وڌيڪ اپت جي لالچ زهريلي دوائن ۽ هٿرادو ڀاڻ جي استعمال کي شروع ڪيو ته زمين مرده ٿي وئي ۽ انهن جي استعمال سان اسان پنهنجي صحت کي به داءُ تي لڳائي ڇڏيو. هوس جي بيلغام گهوڙي بي لغام صنعتي ترقي جون منزلون طئي ڪيون ته صنعتن مان نڪرندڙ زهريلي ڪيميائي مادي ۽ گئسن نه فقط فضا کي گدلو ڪيو پر فضا ۾ Co2 جي مقدار ۾ واڌارو ڪيو. ٻئي پاسي صنعتن جي قيام ڪري ٻين علائقن جي مزدورن انهن علائقن جو رخ ڪيو. رهائش اختيار ڪئي ته ثقافتن جي ٽڪراءَ ڪري ثقافتي ۽ سياسي گدلاڻ ۾ واڌارو ٿيو. انهن سڀني اثرن موسمن کي بي ترتيب ڪري ڇڏيو. خطرناڪ هٿيارن جي ڊوڙ، سمنڊ ۾ ميزائل ۽ ٻين هٿيارن جي تجربن گرمي پد ۾ واڌارو آندو جنهن سان ڪٿي طوفان، ڪٿي سونامي، ڪٿي قطرينا، ڪٿي ٻوڏن، ڪٿي زلزلن، ته ڪٿي ڏڪر انسانيت جو مقدر بڻجي وئي. اڄ انسانيت پنهنجي هٿان پنهنجي بربادي جي نئين ڪهاڻي لکي رهي آهي.
    ماحول انساني زندگي تي گهرو اثر ڇڏيندي آهي. هوا، پاڻي زمين ان ماحول جا لازمي جزا آهن، صاف سٿري ماحول ۾ پيدا ٿيندڙ هن دنيا تي انسانن پنهنجن هٿن سان پنهنجن مقصدن خاطر گدلو ڪري ڇڏيو، جيڪڏهن فطرت سان هٿ چراند جو اهو سلسلو جاري رهيو ته ايندڙ وقت ۾ وڏيون تباهيون اينديون ۽ هي دنيا رهڻ جي قابل نه رهندي. اسلامي ميٿالوجي ۾ قيامت جو اچڻ به ته انهيءَ جو سبب آهي. اهي خطرا خود هن ڌرتي لاءِ جديد سائنس جي ترقي پيدا ڪيا آهن. ماحولياتي توازن زمين تي انسانن ۽ حيوانن جي بقا ۽ زندگي جي ضمانت آهي. ڪراچي شهر جيڪو وڏين جاين، بي پناهه ٽريفڪ، ٻن بندرگاهن، ڪراچي پورٽ، بند قاسم پورٽ ۽ بي ترتيب ڪچين آبادين ڪري شديد گدلاڻ جو شڪار آهي. ڪراچي شهر جي هڪ خوش قسمتي اها به آهي جو هن کي سامونڊي ڪنارو نصيب آهي، جيڪو پوري شهر جي زهر کي گند جي صورت ۾ پاڻ ۾ اوتي رهيو آهي ۽ خود تباهه ٿي رهيو آهي. ڪراچي جي ساحلي ڪناري تي تمر جي ٻيلن جو هجڻ به ڪراچي لاءِ خوش قسمتي جي علامت آهي. چينا ڪريڪ ڪنهن وقت تمر جي ٻيلن جو مرڪز هو. 10 ڪلوميٽر تي ٻڌل اهو علائقو هاڻي تمر جي ٻيلن سان تيزيءَ سان خالي ٿي رهيو آهي.
    ڪراچي پاڪستان جي سامونڊي ڪناري تي ڳتيل آبادي وارو شهر آهي. ڪراچي جو ساحل ڪنهن دور ۾ پنهنجي خوبصورتي، آبي جيوت، تمر جي ٻيلن ڪري نهايت دل کي وڻندڙ هو، پر ترقياتي منصوبن جي نالي اسان جي سامونڊي ڪنارن کي تباهه ڪيو ويو. ڪراچي جي ساحل انهيءَ ترقي جي نالي جيڪا رهائشي ترقي، ساحلي تفريح ترقي، صنعتي ترقي جي صورت ۾ جاري آهي. هن ترقي ۾ ماحوليات جي ڪنهن اصول کي مدنظر نٿو رکيو وڃي جنهنجي ڪري ماحولياتي گدلاڻ ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي.
    بشڪريه عوامي آواز

    ڪراچي شهر جي هڪ وڏو نالي جو ڏيک​

    http://www.youtube.com/watch?v=j5_4RN4DR5A
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو