چيني ڪهاوتون
مترجم ـ رشِيد زهراڻي
مترجم ـ رشِيد زهراڻي
* گل تڏهن پٽجي جڏهن اهو پچي تيار ٿي ويو هجي.
* جيڪڏهن توهان شينهن جي چر ۾ نه گھرندو ته پوءِ ڀلا ان جا ٻچا ڪيئن هٿ ڪندو.
* جڏهن به ٻاهرين ملڪ وڃو ته اتان جي رسمن کان واقفيت حاصل ڪيو.
* توهان پنهنجي بنيادي خاصيتن کي تبديل نه ٿا ڪري سگھو.
* توهان جي پاڙيسريءَ جي زال توهانکي پنهنجي گھر واريءَ کان وڌيڪ خوبصورت لڳندي آهي.
* جيڪڏهن توهان ڪنهن پهاڙِيءَ جي چوٽيءَ تي چڙهي ويندو ته اتي به توهان جو ڪنهن شينهن سان مهاڏو ٿي سگھي ٿو.
* هزارين ڪوه ڊگھي سفر جي شروعات هميشه هڪڙي ننڍڙي قدم سان ئي شروع ٿيندي آهي.
* ان کان نه گھٻرايو ته توهان نهايت ئي سست رفتاريءَ سان ڪم ڪري رهيا آهيو، پر ان ڳالھ کان ڊڄندا ڪيو ته توهان ڪجھ ڪيو ئي نه ٿا.
* ڪنهن ڏاهي ماڻهوءَ سان ٽيبل تي ويهي هڪ دفعو ڪچهري ڪرڻ مهينن جي مطالعي کان وڌيڪ قيمتي آهي.
* اونداھ کي پاراتا ڏيڻ مان ڪهڙو فائدو، توهان ڪوننڍڙو چراغ ئي ڇو نه ٿا ٻاريو.