سر راڻي مان هڪ خوبصورت ڪلام (ظامن علي جو آواز ) راڻي مومل جو قصو ته پندرهين صدي جو هڪ مشهور قصو آهي، ،قصي ۾ اچي ٿو ته گجر ذات جو هڪ راجه هو جنهن کي نوِ نياڻيون هيون، ۽ انهن مڙني ۾ وري سڀ کان وڌيڪ خوبصورت ۽ وڻندڙ هئي مومل ۔۽ سندس ڀيڻ وري سومل سياڻپ ۾ موچاري ۽ عقل مند هئي۔ ۽ سومل جادو جي فن ۾ ماهر هئي، خير انهيء سڄي قصي کي سنڌ جي سدا حيات شاعر ۽ مفڪر حضرت شاه عبدالطيف ڀٽائي رح تمام سهڻي نموني ڳايو آهي، ۽ راڻي مومل جي محبت کي هڪ عجيب انداز ۾ پيش ڪري کين امر ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو ڪو مثال ئي ڪونهي۔ سنڌ سلامت جا ساٿيو هت شاه صاحب جي سر مومل راڻي مان هڪ ڪلام کي ظامن علي پڻ سهڻي انداز م ڳايو آهي جنهن کي توهان سڄڻن لاء پڻ پيش ڪجي ٿو۔ http://www.youtube.com/watch?v=RaArBhhOibQ http://www.youtube.com/watch?v=Dl2spV3PY-o