آ آهيان پايس آ سکر جو رهواسي آهيان۔ پهرين گذارش آهي ته رجسٽريشن مڪمل ڪرڻ کان پو بليٽن فارم تي غلطي نظر آئي مهرباني ڪري لفظ اختيارات درست ڪندا۔ مهرباني۔
جواب: اسلام و عليڪم ادا پايس ، اسان اوهان کي سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار ٿا چئون ادا توهان سکر جا رهواسي آهيو سکر جا ماڻهو ته فراخ دل هوندا آهن پر توهان تعارف ۾ ڪافي ڪنجوسي کان ڪم ورتو آهي ادا جيڪڏهن تفصيلي تعارف ڪرائيندا ته جيئن توهان جي تعليم ڇا آهي ؟ ڪهڙي واپار سان لاڳاپيل آهيو ۽ توهان کي فورم بابت ڪنهن ڄاڻ ڏني وغيره وغيره بهرحال ادا ڄاڻ اسان جو دوست سليمان وساڻ صاحب پهتو گلن جا هار کڻي اوهان لا۽ ادا اسان کي اوهان جي نڪور لکڻين جو انتظار رهندو سدائين گڏ
جواب: اسلام و عليڪم اسان پايس کي سنڌ سلامت تي دل جي گهراين سان ڀليڪار پيا چئون۔ سکر سنڌ جو خوبصورت شهر ۽ درياء جي ڪپ تي هئڻ ڪري ۽ وري سکر بئراج ڪري هن شهر جا خوبصورت نظارا ۔ سکر جو خيرپور جي ويجهو هجڻ ڪري ۽ اسان جو انٽرميڊيٽ جو بورد هئڻ ڪري گهڻو واسطو رهيو آهي۔ سکر جتي سنڌي ٻوليء جي مهان ڏاهي اياز پنهنجي زندگيء جا ڪيترائي ڪتاب لکيا۔ بهتر ٿئي ها جي اوهان پنهنجو پورو تعارف ڪرايو ها۔ پوء به اوهان کي سنڌي ٻوليء جي هن تمام وڏي اوطاق تي ٻيهر ڀليڪار۔ اميد ته اوهان سنڌ سلامت جي ساٿ ۾ اسان سان پنهنجون نڪور لکڻيون ونڊ ڪندا رهندا۔ اوهان جي ڳاله نوٽ ڪري وڏي ايڊمن تائين پهچائي آهي۔ جيڪي لفظ اختيارات جي درستگي ڪندا
جواب: اسلام و عليڪم ادا آ ايم اي سنڌي جو شاگرد آهيان ۔ اوهان جي اوطاق جو ڏس آرزوڏنو آهي ۔ٻيلي اهو (لاپيل) ڇا آهي؟
جواب: اسلام و عليڪم سائين سليمان صاحب گستاخي معاف۔ ۔ ۔ سنڌ سلامت جا مينيجنگ ايڊيٽر آهيو سنڌي لکڻ ۾ بهتري آڻيو۔ بهترين طريقي سان ڀليڪار چوڻ جي مهرباني۔ اميد ته توهان سان گڏ وقت سٺو گذرندو!
جواب: اسلام و عليڪم جي ادا اوهان جي مهرباني اوهان آيا آهيو يقينن اوهان اسان جي سنڌي سڌارڻ ۾ مدد ڪندا۔ ادا فورم جو هر رڪن اسان لاء محترم هوندو آهي، اسان جو ڀاء هوندو آهي ، سندس بهتر آڌرڀاء ڪرڻ اسان جو فرض آهي۔ انشاء الله سنڌ سلامت جي هن محبتي ميڙ ۾ اوهان جو وقت سٺو گذرندو
جواب: اسلام و عليڪم الاهي ڇو پايس صاحب ادا سليمان لاء ائين لکڻ جي زحمت ڪئي ته سنڌي لکڻ ۾ بهتري آڻيو ۔ مونکي اڃان تائين اها ڳاله سمجه ۾نه آئي۔
جواب: اسلام و عليڪم ادا سليمان جي تحريرن تي ڪجه چوڻ، ڳالهائڻ، بحث ڪرڻ يا ڪمينٽس ڏيڻ سج کي ڏيئو ڏيکارڻ جي برابر آهي۔
جواب: اسلام و عليڪم سائين ڀلي ڪري آيا۔ اسان طرفان دلي طور خوش آمديد۔ سائين اوهان جهڙن اديبن جي اهم گهرج آهي جيڪي سنڌ واسين کي اسلامي، ديني، ۽ دنيوي تعليمات کي سٺي ادبي انداز ۾ نئين نسل تائين پهچائين۔ انشاءالله اوهان ان فريضي کي بهتر طريقي سان انجام ڏيندا۔
جواب: اسلام و عليڪم سائين سائين سائين ۔ ۔ ۔ ۔ مون ته صرف هلندڙ گفتگو جي باري ۾ پئي لکيو توهان سج چنڊ جي چڪر ۾ ڇو پئجي ويا آهيو؟
جواب: اسلام و عليڪم ادا قاسم مهرباني۔ پر سائين اسان اديب ڪونه آهيون ۽ نه ئي وري ڪو تجربو آهي ۔ اسين آهيون شاگرد ماڻهو ، جيڪو حال آهي توهان جي سامهون رکبو۔
جواب: اسلام و عليڪم ادا اسان به سادا سودا ۽ اوهان جهڙا عام ماڻهو آهيون۔ بس اهو سنڌ سان عشق ۽ اوهان ڀائرن جي محبت ئي آهي جيڪا لکرائيندي آهي۔ اسان جون تحريرون به عام آهن۔ هتي سنڌ سلامت تي هر ڪنهن کي راء ڏيڻ جو ، مثبت تنقيد ڪرڻ جو ۽ تصحيح ڪرڻ جو پورو پورو حق آهي. اها الڳ ڳاله آهي ته ڪنهن به ڳاله کي چوڻ جو يا تصحيح ڪرڻ جو يا تنقيد ڪرڻ جو انداز ادبي ۽ ڏاهپ وارو به ٿي سگهي ٿو پر ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو پاڻ کي ٻين کان مٿانهون سمجهندو آهي ته پوء هو لفظن کي شائستگي سان پيش ڪرڻ وساري ويهندو آهي. پوء به هت سڀ سنڌي آهيون ، منهنجي نظر ۾ سڀ برابر آهيون ، سڀني کي هڪجهڙو حق آهي . اسان کي ته دوستن جي خوبصورت تحريرن جو انتظار رهندو آهي.
جواب: اسلام و عليڪم وعليڪم السلام ادا پايس bhali kareaya اسان جي هن اوطاق تي توهان جي اچڻ سان اسان جون اکيون ٿڌيون ادا ڀلي آيا جي آيا۔ باقي رهي گالهه غلطين جي ته اهي پاڻ سڌارڻ لا ته گڏ ٿيا آهيون اسين ئي ته هڪ ٻي جي رهنمائي ڪنداسين ته بهتري ايندي خير گڏيا پيا آهيون suhnan saan sadayeen gud sindhsalamatsaathsal @};- اوهان جي لا نويد احمد ڪلوڙ
جواب: اسلام و عليڪم سائين سليمان صاحب ٻيهر معافي طلب۔ گڏ رهڻ جي لا ٻيهر گذارش۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ته سائين جيڪڌهن توهان کي منهنجو انداز گفتگو مناسب نه لڳو آهي ته توهان مون کي چئي پئي سگهيا پر توهان نه چيو ۽ هاڻي پنهنجو اظهار را ڏنو۔ آ سمجهي نه سگهيس ته توهان جي را ڇا آهي؟