نثارناز
سينيئر رڪن
محترم سنڌ سلامت جا دوستو اڄ هڪ اهڙو نظم کڻي آيو آهيان ، جنهن جي تقريبن پوري سنڌي ادب ۾ الاهي ساري کوٽ آهي، ته ڳالهه ڪريان پيو ٻاراڻي ادب جي، دنيا جي سڀني قومن پنهنجي ايندڙ ۽ اُڀرندڙ مستقبل جي نشو نماءُ لاءِ گهڻو ڪُجهه ڪيو آهي، پري ڪونه ٿا وڃون اسان صرف پاڪستان ۾ اردو ادب ڏانهن نظر وجهنداسين ته کوڙ سارا ٻاراڻي ادب جا رسالا اسانکي ملندا، اسان جي سنڌي سائٽن ۾ سوا سنڌي ادبي بورڊ واري سائٽ جي ٻاراڻي ادب واري شعبي کي ڇڏي باقي ٻاراڻي ادب جو مواد ڪنهن به سنڌي سائٽ ۾ ڪو ورلي نظر ايندو۔ اڄ هڪڙو نظم ” هي ٻار ته آهن ننڍڙا گُل“ لکيو اٿم ، مون ڪو تير ڪونه ماريو آهي، پر حضرت يوسف جي خريدار واري ڳالهه جي مصداق ٻاراڻي ادب ۾ ٻاراڻي شاعري لکي ان لسٽ ۾ نالو ضرور لکايو اٿم، سائين رشيد سمون کي گُذارش آهي ته پليز ٻارن جي شعبي جو سنڌ سلامت ۾ اضافو ڪري سنڌ جي لکين معصوم ٻارن جون دليون کٽيون وڃن ۽ مُنهنجو هي نظم ان شعبي ۾ براءِ مهرباني ٽرانسفر ڪيو وڃي في الحال ڊيزائن شاعريءَ ۾ پنهنجي هي نظم سڀني سنڌي دوستن سان شيئر ڪريان ٿو۔توهان جي مفيد مشورن ۽ راين جو شدت سان انتظار رهندو
