[JUSTIFY]سنڌ سلامت جي جاکوڙي دوست محترم طاهر سنڌي کي نئين سال سان گڏ سندس جنم ڏينهن جون وڌايون پنهنجي پاران ۽ ساري سنڌ سلامت سٿ پاران ڏيان ٿو ۽ دعا ٿو ڪريان ته الله سائين سندس وڏي ڄمار ڪري شل ڪو ڏکيو ڏينهن نه ڏسي سدائين پنهنجي پيارن سان آباد هُجي شاد هُجي۔ آمين[/JUSTIFY] ادا طاهر سنڌي کان علاوه محترم دوست وسيم ۽ ادا زاهد منگسي کي به سندن جنم ڏينهن جون دل جي گهرائين سان واڌايون.
جواب: طاهر سنڌي کي سندس جنم ڏينهن جون واڌايون سائين مهرباني جو اوهان اسانجي دوستن کي ياد ٿا رکو۔ سنڱت کي اسان طرفان به جنم ڏينهن جو مبارڪون۔۔۔۔۽ بارگاھ ۾ هٿ مٿي۔۔۔۔
جواب: طاهر سنڌي کي سندس جنم ڏينهن جون واڌايون http://www.123greetings.com/birthday/happy_birthday/birthday139.html ادا اوهان دوستن کي دل جي گهرائين سان جنم ڏينهن جون واڌايون shal judy hujeen sindhsalamatsaathsal دعا ۾ ياد
جواب: طاهر سنڌي کي سندس جنم ڏينهن جون واڌايون سائين طاهر سنڌي کي دل جي گهراين سان سالگراهه مبارڪ۔۔۔۔۔۔۔۔ الله کيس وڏي ڄمار ڏيئي آمين۔۔۔!
جواب: طاهر سنڌي کي سندس جنم ڏينهن جون واڌايون محترم دوست طاهر سنڌي صاحب کي هن ناچيز ممتاز علي وگهيو طرفان به دل جي گهراين سان جنم ڏينهن مبارڪ هجي۔ دعا آهي ته رب پاڪ صحت سان گڏ عمر دراز عطاء ڪري ۽ سنڌ ۽ سنڌي علم ادب جي خدمت ڪرڻ جو موقعو ڏئي۔ طاهر صاحب سنڌ سلامت جو هڪ جاکوڙي دوست آهي پاڻ هڪ سلڇڻا ۽ علم ادب سان چاهه رکندڙ علم دوست آهن، پاڻ هميشه علم جي ڳولا لاء پاڻ پتوڙيندا رهندا آهن۔ طاهر صاحب سان پنهنجي هڪ ملاقات آهي اها به ابن سينا اسپتال ڪراچي ۾ ٿي ، جنهن ۾ تمام سٺي ڪچهري ۽ ڳالهيون ٿيون۔ جنهن کانپوء پاڻ موبائل تي به روح رهاڻيون ڪندا رهندا آهن، اهي سندن وڏا وڙ چئبا۔
جواب: طاهر سنڌي کي سندس جنم ڏينهن جون واڌايون ادا مان نه ٿو سمجهان ته ادا طاهر سنڌي يا ٻين دوستن جي اڄ سالگرهه جو ڏينهن هوندو، ٿي سگهي ٿو ته 1 جنوري جو آپشن انهن کي پروفائل ٺاهڻوقت سولو لڳو هجي ۽ انهن غلط انٽري ڪري ڇڏي هجي۔۔۔ جيئن هڪ دوست جي عمر 100 سال ڏسڻ ۾ پئي اچي يعني جهوني فقير کان به جهونو ڏسڻ ۾پيو اچي۔۔۔ پر ٿي سگهي ٿو مون کان سمجهڻ۾ غلطي ٿيندي هجي۔۔۔
جواب: طاهر سنڌي کي سندس جنم ڏينهن جون واڌايون مونکي ته سنڌ سلامت جي هيٺين رڪنن جي ڄم تاريخ نظر ٿي اچي ۽ ڪيڪ سلامت نظر اچي رهيو آهي ۔۔ علي علي طاهر سنڌي وسيم زاهد مگسي هاڻ ادي مست تي فڪر ۾ وجهي ڇڏيو آهي پر جيڪڏهن انهن دوستن جي ڄم تاريخ آهي ته به جي نه ته به ”اسانجي طرفان سڀني دوستن جي لاءِ دعائون ۽ نيڪ تمنائون ته رب العالمين سندن جي ڄمار ايمان سلامتيءَ سان گذاري ۽ رزق حلال ۾ برڪت عطا فرمائي ۔۔۔ کين صحت ڪامله عطا ڪري ۔۔۔ آمين“
جواب: طاهر سنڌي کي سندس جنم ڏينهن جون واڌايون السلام عليڪم دا طاهر سنڌي صاحب جهوني شينهن اوهان جي کي مبارڪباد سان گڏ جنم ڏينهن تي مبارڪباد جا ڪيترا گفٽ ڏئي ويو آهي ۔ اهي قبول پون ان سان گڏ اسان جهونا فقير به اوهان جي زندگي لاء دعا ڪندي اوهان کي جنم ڏينهن جو مبارڪون هي ۽ ڪيڪ پيش ڪيون ٿا ۔
جواب: طاهر سنڌي کي سندس جنم ڏينهن جون واڌايون ادا طاهر کي منهنجي طرفان به جنم ڏينهن جون واڌايون۔ مان سمجهان ٿو اسان کي دوستن کي الڳ ڌاڳن ۾ جنم ڏينهن جي مبارڪ ڏيڻ کپي۔ ايڏي ڪنجوسي به سٺي ڪونهي۔ سنڌ سلامت وارن جون دليون ڪشاده آهن۔ مست ڇا به چوي پر پاڻ کي انهن کي مبارڪ ڏيڻ ئي کپي۔
جواب: طاهر سنڌي کي سندس جنم ڏينهن جون واڌايون ادا طاهر منهنجي طرفان به جنم ڏينهن جون کوڙ ساريون واڌايون۔ الله شل توهان کي وڏي ڄمار ڏئي سڀ کان پهريائين ڪيڪ کائو ان کان پوء هي گفٽ وٺو
جواب: طاهر سنڌي کي سندس جنم ڏينهن جون واڌايون ادا طاهر سنڌي صاحب توهان کي هن فقير طرفان به دل جي گهراين سان سالگره مبارڪ هجي ۽ ڌڻي در دعا آهي ته الله پاڪ توهان کي وڏي حياتي ۽ صحت ڪاملا عطا فرمائي ادا فقير طرفان هي گفٽ قبول ڪجو سدائين گڏ
جواب: طاهر سنڌي کي سندس جنم ڏينهن جون واڌايون ھڪ دفعي مون ڪنھن دوست کي پھرين اپريل ڏينھن سالگرھ ھجڻ تي مبارڪ ڏني .. ھمراھ اصل ڪاوڙجي پيو.. ته اھو گھٽ مذاق آھي جو پرائمري اسڪول جي ھيڊ ماستر منھنجو جنم ڏينھن اپريل فول تي رکيو آھي مٿان وري تو واري مبارڪ به ان ئي ڏينھن تي .. ھاڻي ان کي مبارڪ سمجھان يا مذاق... مون کي ته لڳي ٿو ان ساڳئي ھيڊماستر مٿين سمورن دوستن سان مذاق ڪئي آھي... پر مان بلڪل به مذاق نه ٿو ڪريان ... کين سندن جنم ڏينھن تي کوڙ ساريون واڌايون...
جواب: طاهر سنڌي کي سندس جنم ڏينهن جون واڌايون سائين طاهر سنڌي توهان کي به جنم ڏينهن سان گڏ گڏ نئين سال جون به مبارڪون .