ڇا سنڌ نڌڻڪي آهي.

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏1 جنوري 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    2010 قدرتي آفتن ۽ تباهين جو سال


    [JUSTIFY]رب پاڪ انسانن کي لا تعداد نعمتن سان نوازيو آهي. پر جڏهن اهي ئي انسان پنهنجي رب جي ڏنل نعمتن تي شڪر گذار نه ٿا ٿين ته اهي ئي نعمتون سندن لاء زحمتون بڻجي ٿيون وڃن. سال 2010 به انساني تباهي ۽ قدرتي آفتن جو سال ثابت ٿيو. زلزلا ، ٻوڏون ، بارشون ، برفباري ، آتش فشانن جو ڦاٽڻ ، پٿريليون ڇپون ڪرڻ ۽ طوفانن سبب ڪيترائي ماڻهو بي گهر ٿيا، ڪيتريون ئي انساني جانيون ضايع ٿيون ۽ لکين ماڻهون بي گهر ٿيا.

    صرف پاڪستان ۾ ئي 2 ڪروڙ ماڻهو ٻوڏ سبب بي گهر ٿيا جنهن مان گهڻو مالي نقصان سنڌ ۾ ٿيو. ماهرن جو چوڻ آهي ته هن سڄي نقصان ۾ قدرتي آفتن سان گڏ انسانن جا پنهنجا هٿ به ملوث آهن جن قدرتي ٻوڏ جي وهڪرن جي رستا روڪ ڪئي آهي. غير معياري تعميراتن جي ڪري زلزلن ۾ وڌيڪ نقصان ٿيو پوي.[/JUSTIFY]

    [JUSTIFY]
    2010 جي جنوريء ۾ هيٽيء ۾ آيل زلزلي ۾ جنهن ۾ سوا ٻه لک ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا. هن شهر ۾ ناقص ۽ ڳتيل تعميرات ڪري ايڏو وڏو نقصان ٿيو. غربت سبب ننڍن گهرن ۾ ڪيترائي ماڻهو پي رهيا.[/JUSTIFY]

    [​IMG]

    [JUSTIFY]فيبروري 2010 ۾ چليء ۾ زلزلو آيو جيڪو هيٽيء جي زلزلي کان ته پنجوڻ تي طاقتور هو پر هن شهر جي امير هجڻ ڪري ۽ بهترين تعميرات ڪري صرف هڪ هزار ماڻهن جو موت ٿيو.[/JUSTIFY]

    [​IMG]

    [JUSTIFY]
    2010 ۾ آئس لينڊ ۾ آتش فشان ڦاٽڻ ڪري يورپ جون هڪ لک اڏامون معطل ٿيون ، اسي لک مسافر پريشان ٿيا ۽ ٽي ارب ڊالرن جو معاشي نقصان ٿيو. هن آتش فشان جي راک مٿي اڏرڻ ڪري ڪيترائي ڏينهن آسمان ڪاراڻ سان ڍڪيل رهيو.[/JUSTIFY]

    [​IMG]

    [JUSTIFY]
    2010 جي مون سون جي شروعات ۾ ئي پاڪستان جي مٿين علائقن ۾ آيل تيز بارشن جنهن جي ڪنهن موسميات کاتي به اڳڪٿي ڪانه ڪئي هئي ايڏي وڏي تباهي آندي جو سوين جانين سان گڏ لکين ماڻهون ٻوڏ ڪري دربدر ٿيا. اها تباهي گلگت کا وٺي ، پنجاب ، سنڌ ۽ بلوچستان تائين پهتي . سنڌ کي تمام ڪاپاري ڌڪ لڳو ۽ سنڌ جي ساڄي ڪناري جا تقريبن سڀ ضلعا ان جي لپيٽ ۾ آيا ۽ ان جا اثر اڃان تائين موجود آهن ۽ ڪيترائي ماڻهون بي گهر آهن.[/JUSTIFY]

    [​IMG]

    [JUSTIFY]
    2010 ۾ روس ۾ رڪارڊ گرمي پئي جيڪا 44 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهتي ۽ روس جي جهنگن ۾ ان ڪري باه به لڳي وئي. ان باه ۾ 52 ماڻهو مري ويا.[/JUSTIFY]

    [​IMG]

    [JUSTIFY]
    2010 ۾ ئي عربي سمنڊ ۾ اٿيل طوفان عمان سان ٽڪرائڻ کانپوء بلوچستان جي گوادر ، لسٻيله ، پسني ۽ سنڌ جي ساحلي پٽيء ۾ تيز طوفاني بارشون پيون جن بلوچستان جي 36 هزار خاندانن کي بي گهر ڪيو ۽ اتي راشن جي به کوٽ پئجي وئي.[/JUSTIFY]

    [​IMG]

    [JUSTIFY]
    2010 جي آخر ۾ برطانيه ، جرمني ۽ فرانس سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ برفباري سبب زندگي بيهجي وئي ۽ رڪارڊ برفباري پئي. جنهن سبب ڪيتريون ئي اڏامون ، ريل سروس ۽ روڊ سروس معطل رهي .[/JUSTIFY]

    [​IMG]

    [JUSTIFY]
    جيتوڻيڪ ان تباهيء ۾ انسان جو به گهڻو هٿ آهي جنهن فطرتي عملن کي روڪي ، ماحولياتي گدلاڻ ۽ گرين هائوس گيسن جي واڌاري ڪري ماحولياتي تبديليون آنديون آهن. [/JUSTIFY]

    سنڌ اڃان نڌڻڪي پئي لڳي، ماڻهون اڃان دربدر آهن۔ ڪي اڃان خيما بستين ۾ پيا رهن ، ڪي کاڌي لاء پريشان آهن ڪي اجهي لاء پريشان آهن

    پوء به رب پاڪ جي در دعا آهي ته سال 2011 انسانن لاء خوشيون جا خزانه کڻي اچي.
     
  2. غلام مرتضى وساڻ

    غلام مرتضى وساڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    191
    ورتل پسنديدگيون:
    26
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: 2010 قدرتي آفتن ۽ تباهين جو سال

    سنڌ کي هن ٻوڏ ڪيئي سال پوئتي ڪري ڇڏيو آهي۔
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڇا سنڌ نڌڻڪي آهي.

    رب العالمين اسانکي معاشرتي فهم عطا فرمائي ته جيئن اسين گدلاڻ کان آجي زندگي گذاري سگهون اسانجي درياهه جي ٻوڏ به ايترو نقصان نه ڪري ها يا وري ڪري به ها ته سنڌ ايتري ڏکاري نه هجي ها جيڪڏهن ملڪ ۾ انصاف هجي ها، جيڪڏهن قومي ڦرلٽ جي بازار گرم نه هجي ها، جيڪڏهن اسانجون دوستيون انسان دشمنن سان نه هجن ها ته ممڪن اسين اهڙا ڌڪ برداشت ڪري وڃون ها ۽ ڦٽ سڪي وڃن ها ۔۔۔

    رب جي در تي دعا آهي ته؛

    سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪـــار،
    دوست، مٺا، دلدار! عالم سڀ آباد ڪرين۔
     
  4. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: ڇا سنڌ نڌڻڪي آهي.

    ادا توهانجي مهرباني جو سٺي نموني ڪارائتي معلومات ڏني

    ادا توهان جي ڳالهه بلڪل صحيح آهي، انسان کي پهنجن عملن جي سزا
    هن دنيا م ئي ملي ويندي آهي۔

    ادا ٻوڏ جيڪا تباهي آندي ان مان اسانکي سبق حاصل ڪرڻ گهرجي
    پر مان توهان کي اهو بڌائيندو هلان ته انهن علائقن جي ماڻهن جا ساڳيا افعال آهن
    جنهن ۾ اسان جو علائقو پڻ شامل آهي۔

    ادا انهن ماڻهن تي ڄڻ ڪو فرق ئي نه پيو هجي
    الله تعالي جو خوف ئي نه آهي ۔ اهوئي مسجدون ويران
    اهوئي هوٽل ڀريا پيا آهن،۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    اسان ڪڏهن سبق سکندا سين۔۔۔۔ ادا اسان وٽ ديني و دنياوي تعليم
    نه هجڻ جي برابر آهي، جيڪڏهن آهي ته وري تميز ڪون آهي۔۔

    هن قوم ۾ شعور پيدا ڪرڻو آهي، جيڪو توهان ء اسان سڀهني جو فرض آهي
    اچو ته هن پليٽفارم تان گڏجي ڪري ان ستل شعور کي بيدار ڪريون

    من هڪ مون ۾ اها سمجهه اچي ء هڪ ڏئي مان ٻيو ڏيو ء پوء
    اها لاٽ ٻرندي رهي۔۔۔۔ جوت جلندي رهي
    من ڪا باک فٽي

    اميدن تي دنيا قائم آهي

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: 2010 قدرتي آفتن ۽ تباهين جو سال

    سائين اوهان جي ڳاله بلڪل صحيح آهي پر همت ناهي هارڻي۔ اسان کي ئي سنڌ کي ٺاهڻو آهي
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڇا سنڌ نڌڻڪي آهي.

    سائين نثار سلام

    دعا ئي ڪري سگهون ٿا ته رب پاڪ اسان ۾ ٻڌي ۽ اتفاق پيدا ڪري۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ باقي واڪا ڪري مري وينداسون

    واڪا ڪرڻ مون وس ، ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو
     
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڇا سنڌ نڌڻڪي آهي.

    [justify]
    دوست وساڻ، لطيف سرڪار چيو آهي ته؛

    هلندي هوت پنهل ڏي کهجن کي کوٽيون ۔۔۔

    مطلب ته اسان دوستن کي حق ۽ سچ جي پرچار جاري رکڻ گهرجي ۔۔۔ اسانکي پنهنجي وس آهر پنهنجو قومي فرض نڀائڻو آهي ۽ ان ڪم ۽ فرض نڀائڻ جي دوران اسانکي دل شڪسته يا همٿ هارڻي ناهي، ۽ پنهنجي ڪم جي نتيجي جي پرواهه کان بغير اڳتي وڌڻو آهي ۔۔۔

    ڇاڪاڻ قومن جي تقدير بدلجڻ ۾ صديون به لڳي وينديون آهن، پر آواز هميشه صديون اڳيون گونجندو آهي ۽ انجي موٽ ۽ انجو جواب صدين کان پو به ملندو آهي ۔۔۔ رب االعالمين کان دعا آهي ته سنڌ جو جلد ڇوٽڪارو ٿئي پر پو به اسانکي پنهنجي آخري ساهه تائين پنهنجي آواز کي منجهائڻو ناهي ۔۔۔

    رب العالمين اسانکي همٿ ۽ سگهه عطا ڪري ته اسين مرندي گهڙي تائين حق ۽ سچ جي راهه تي هلندا رهون ۔۔۔ آمين
    [/justify]
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڇا سنڌ نڌڻڪي آهي.

    ادا عرس اسان کي احساس آهي

    ڇو ته اوهان سميت سنڌ جي ڪيترن ئي مارن ، ڀائرن ، پٽن ، ڌيئن ۽ ٻچڙن جا گهر برباد ٿيا آهن ، اڻ کُٽ ماڻهو دربدر ٿيا آهن۔ اسان جي تعليم متاثر ٿي آهي، اسان معاشي طور پوئتي ڌڪجي ويا آهيون۔
    خبر ناهي اسان هن ننڊ مان ڪڏهن سجاڳ ٿينداسون۔

    پوء به اسان کي روشني ڏانهن ڏسڻو آهي، اميدن جو دامن ڇڏڻو ناهي۔
     
  9. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ڇا سنڌ نڌڻڪي آهي.

    ادا اهڙي معلومات ڏيڻ لاء اوهان جي مهرباني۔ بس دعا آهي ته رب پاڪ هن سال 2011ع ۾ پوري دنيا تي پنهنجو رحم و ڪرم ڪري ۽ تمام مصيبتن ۽ آفتن کان پنهنجي پناهه ۾ رکي آمين۔ بقول شاه صاحب ته ۔۔۔۔ ( جيڏو تنهنجو نانءُ ٻاجهه به اوڏيائي مڱيان ) ۔۔۔ ادا وساڻ صاحب رب کان هر وقت بس رحم جي گهر ڪجي، دنيا جو سمورو وهنوار انهيء ربِ ڪائنات جي هٿ وس آهي باقي ته بس هر شيء لاچار ۽ بيوس ۽ فنا ٿيندڙ آهي، بس رهندو وڃي انهيء الله جو نالو جيڪو ازل کان قائم ۽ دائم آهي، ۽ قائم ۽ دائم رهندو۔
    http://www.youtube.com/watch?v=r3iNDzLodOM
     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڇا سنڌ نڌڻڪي آهي.

    مهرباني ادا ممتاز

    رب پاڪ جي در اسان سڀ دعاگو آهيون ته شال هي سال اسان سنڌين کي خوشيء جون گهڙيون ڏي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو