2010 قدرتي آفتن ۽ تباهين جو سال
رب پاڪ انسانن کي لا تعداد نعمتن سان نوازيو آهي. پر جڏهن اهي ئي انسان پنهنجي رب جي ڏنل نعمتن تي شڪر گذار نه ٿا ٿين ته اهي ئي نعمتون سندن لاء زحمتون بڻجي ٿيون وڃن. سال 2010 به انساني تباهي ۽ قدرتي آفتن جو سال ثابت ٿيو. زلزلا ، ٻوڏون ، بارشون ، برفباري ، آتش فشانن جو ڦاٽڻ ، پٿريليون ڇپون ڪرڻ ۽ طوفانن سبب ڪيترائي ماڻهو بي گهر ٿيا، ڪيتريون ئي انساني جانيون ضايع ٿيون ۽ لکين ماڻهون بي گهر ٿيا.
صرف پاڪستان ۾ ئي 2 ڪروڙ ماڻهو ٻوڏ سبب بي گهر ٿيا جنهن مان گهڻو مالي نقصان سنڌ ۾ ٿيو. ماهرن جو چوڻ آهي ته هن سڄي نقصان ۾ قدرتي آفتن سان گڏ انسانن جا پنهنجا هٿ به ملوث آهن جن قدرتي ٻوڏ جي وهڪرن جي رستا روڪ ڪئي آهي. غير معياري تعميراتن جي ڪري زلزلن ۾ وڌيڪ نقصان ٿيو پوي.
صرف پاڪستان ۾ ئي 2 ڪروڙ ماڻهو ٻوڏ سبب بي گهر ٿيا جنهن مان گهڻو مالي نقصان سنڌ ۾ ٿيو. ماهرن جو چوڻ آهي ته هن سڄي نقصان ۾ قدرتي آفتن سان گڏ انسانن جا پنهنجا هٿ به ملوث آهن جن قدرتي ٻوڏ جي وهڪرن جي رستا روڪ ڪئي آهي. غير معياري تعميراتن جي ڪري زلزلن ۾ وڌيڪ نقصان ٿيو پوي.
2010 جي جنوريء ۾ هيٽيء ۾ آيل زلزلي ۾ جنهن ۾ سوا ٻه لک ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا. هن شهر ۾ ناقص ۽ ڳتيل تعميرات ڪري ايڏو وڏو نقصان ٿيو. غربت سبب ننڍن گهرن ۾ ڪيترائي ماڻهو پي رهيا.

فيبروري 2010 ۾ چليء ۾ زلزلو آيو جيڪو هيٽيء جي زلزلي کان ته پنجوڻ تي طاقتور هو پر هن شهر جي امير هجڻ ڪري ۽ بهترين تعميرات ڪري صرف هڪ هزار ماڻهن جو موت ٿيو.

2010 ۾ آئس لينڊ ۾ آتش فشان ڦاٽڻ ڪري يورپ جون هڪ لک اڏامون معطل ٿيون ، اسي لک مسافر پريشان ٿيا ۽ ٽي ارب ڊالرن جو معاشي نقصان ٿيو. هن آتش فشان جي راک مٿي اڏرڻ ڪري ڪيترائي ڏينهن آسمان ڪاراڻ سان ڍڪيل رهيو.

2010 جي مون سون جي شروعات ۾ ئي پاڪستان جي مٿين علائقن ۾ آيل تيز بارشن جنهن جي ڪنهن موسميات کاتي به اڳڪٿي ڪانه ڪئي هئي ايڏي وڏي تباهي آندي جو سوين جانين سان گڏ لکين ماڻهون ٻوڏ ڪري دربدر ٿيا. اها تباهي گلگت کا وٺي ، پنجاب ، سنڌ ۽ بلوچستان تائين پهتي . سنڌ کي تمام ڪاپاري ڌڪ لڳو ۽ سنڌ جي ساڄي ڪناري جا تقريبن سڀ ضلعا ان جي لپيٽ ۾ آيا ۽ ان جا اثر اڃان تائين موجود آهن ۽ ڪيترائي ماڻهون بي گهر آهن.

2010 ۾ روس ۾ رڪارڊ گرمي پئي جيڪا 44 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهتي ۽ روس جي جهنگن ۾ ان ڪري باه به لڳي وئي. ان باه ۾ 52 ماڻهو مري ويا.

2010 ۾ ئي عربي سمنڊ ۾ اٿيل طوفان عمان سان ٽڪرائڻ کانپوء بلوچستان جي گوادر ، لسٻيله ، پسني ۽ سنڌ جي ساحلي پٽيء ۾ تيز طوفاني بارشون پيون جن بلوچستان جي 36 هزار خاندانن کي بي گهر ڪيو ۽ اتي راشن جي به کوٽ پئجي وئي.

2010 جي آخر ۾ برطانيه ، جرمني ۽ فرانس سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ برفباري سبب زندگي بيهجي وئي ۽ رڪارڊ برفباري پئي. جنهن سبب ڪيتريون ئي اڏامون ، ريل سروس ۽ روڊ سروس معطل رهي .

جيتوڻيڪ ان تباهيء ۾ انسان جو به گهڻو هٿ آهي جنهن فطرتي عملن کي روڪي ، ماحولياتي گدلاڻ ۽ گرين هائوس گيسن جي واڌاري ڪري ماحولياتي تبديليون آنديون آهن.
سنڌ اڃان نڌڻڪي پئي لڳي، ماڻهون اڃان دربدر آهن۔ ڪي اڃان خيما بستين ۾ پيا رهن ، ڪي کاڌي لاء پريشان آهن ڪي اجهي لاء پريشان آهن
پوء به رب پاڪ جي در دعا آهي ته سال 2011 انسانن لاء خوشيون جا خزانه کڻي اچي.