جواب: نئون سال مبارڪ۔۔۔ دوست مهرباني۔ اوهان جي بهترين ڊزائن ڪيل سٽن جي ڪهڙي ڳاله ڪجي پر اسان اوهان لاء دعائون ٿا ڪيون ته شال هي سال اوهان لاء انيڪ خوشيون کڻي اچي ۽ اوهان خوش گذاريو
جواب: نئون سال مبارڪ۔۔۔ ادا آرزو تنهنجي هن شاعري ۾ جيڪو اوسيئڙو آهي اهو ڪمال جو آهي، تون پنهنجي پيارن طرفان هميشهه جيان هر سال جي شروعات تي موڪليندڙ نت نون نڪور ڏُکن جي اُڪير پيو ڪرين۔ زبردست اصل غذب جي آهي هي تنهنجو آزاد نظم۔ ادا ان مان اهو به ثابت ٿيو ته تون لطيف سائين جي اُن لازوال بيت جو صحيح معنا ۾ رکوالو آهين ته پريان سندي پار جِي مڙوئِي مٺائِي ، ڪانهي ڪڙائي چکين جي چيت ڪري (شاهه سائين)
جواب: نئون سال مبارڪ۔۔۔ تعريف لا لک مهربانيون سائين نثار صاحب جو اسان جي بي معني ونڊ تي ٽائيم ڪڍي ڪجهه همٿ ڀريا لفظ لکو ٿا۔۔۔ مهربانيون۔۔۔