
ڊسمبر تون وري آئين
عمر قاضي
ڪجهه لفظ پنهنجي معنيٰ يا پنهنجي تلفظ کان هٽي صرف پنهنجي ان تاثر سبب وڻندا آهن، جيڪو انسان جي يادگيرين ۾ دور دور تائين وڇايل هوندو آهي. اها ٿي هڪ ڳالهه! ۽ ٻي ڳالهه اها آهي ته سال جا سمورا مهينا پنهنجي پنهنجي مزاج سبب مختلف هوندا آهن پر منهنجي دل الائي ڇو ان آخري مهيني جي نالي ۾ اٽڪيل هوندي آهي، جنهن جي حوالي سان منهنجي من جون مڙئي يادون اداسيءَ جي ورقن وانگر ورنديون وينديون آهن.
هن ڀيري منهنجي من ۾ هو ته سال جي آخري مهيني کي پنهنجي پرديسي دوست حسن مجتبيٰ جي ان نظم سان الوداع چوان، جنهن جو عنوان آهي ”ڊسمبر تون وري آئين!“ ان نظم جي روانيءَ کي اوهان سان شيئر ڪرڻ لاءِ مان اهو سمورو نظم اتاري رهيو آهيان، جنهن ۾ حسن مجتبيٰ لکي ٿو ته:
” ڊسمبر تون وري آئين
وري ھيءَ برفباري آ
وري ڪا يارو ياري آ
وري ڪا عشق بازي آ
وري ڪا شعر و شاعري آ
وري ڪي گھوٽ گھائل ٿيا
وري ڪي سونھن سائل ٿيا
وري ڪا ياد تنھنجي جي وري موسم
وري ڪا پيار تنھنجي جي چري موسم
وري ڪا ولھه جي موسم
وري ڪا باھ جي موسم
وري ڪا چاھ جي موسم
وري ڪا مڌ جي موسم
وري ڪا سڌ جي موسم
وري ڪا منڌ جي موسم
وري ڪا سنڌ جي موسم سڏي ٿي پيئي
اڏي ٿي پيئي ڪي تنھنجي سڪ جا پکڙا
اھا پر دل ته اوڏن جو لڏو آھي
جڏو آھي ھي من توکان سواءِ او من !
مان ته توکان سواءِ بس ڇڻيل ڪو پن رستي تي
اڏامي ٿو ۽ ڀٽڪي ٿو سوا تنھنجي
وڏو ڪو وڻ بس آھين سدا سائو اھو جان بھاران تون
وسين تون ديس پنھنجي ۾
انھيءَ پرديس پنھنجي ۾
پکي مان ڪو انھيءَ وڻ تي سکي ويٺل
يسوع جي جنم جھڙي تون
مريم جي پيار جھڙي تون
انھيءَ جي ٻار جھڙي تون
تون درياهه شاھ جھڙي آن
مٺي تون ساھ جھڙي آن
ڊسمبر ۾ اڙي جانان
صفا ڪا باھ جھڙي آن
پکيءَ جا پيرڙا آھين برف تي تون
وڃن ٿا من منھنجي ڏانھن
ڊسمبر تون وري آئين
جدائي يار جاني ڄڻ يروشلم آهي
ڊسمبر تون وري آئين
وري ڪي ڦٽ اکلي پيا
وري سڀ درد جا درياهه اٿلي پيا
وري ھو سونھن زخمي ٿي
وري پيو عشق اوساري
وري سڀ قلم ٽڪرا ٿيا
وري سڀ علم ليڙون ٿيا
وري ڪو درد جو آنگاس اوچو ٿيو
وري ھيءَ زندگي ڪو باھ جو ماتم
وري ھيءَ سنڌ ثابت شاھ جو ڪو مرثيو ٿي پيئي
ڊسمبر تون وري آئين“
وري ھيءَ برفباري آ
وري ڪا يارو ياري آ
وري ڪا عشق بازي آ
وري ڪا شعر و شاعري آ
وري ڪي گھوٽ گھائل ٿيا
وري ڪي سونھن سائل ٿيا
وري ڪا ياد تنھنجي جي وري موسم
وري ڪا پيار تنھنجي جي چري موسم
وري ڪا ولھه جي موسم
وري ڪا باھ جي موسم
وري ڪا چاھ جي موسم
وري ڪا مڌ جي موسم
وري ڪا سڌ جي موسم
وري ڪا منڌ جي موسم
وري ڪا سنڌ جي موسم سڏي ٿي پيئي
اڏي ٿي پيئي ڪي تنھنجي سڪ جا پکڙا
اھا پر دل ته اوڏن جو لڏو آھي
جڏو آھي ھي من توکان سواءِ او من !
مان ته توکان سواءِ بس ڇڻيل ڪو پن رستي تي
اڏامي ٿو ۽ ڀٽڪي ٿو سوا تنھنجي
وڏو ڪو وڻ بس آھين سدا سائو اھو جان بھاران تون
وسين تون ديس پنھنجي ۾
انھيءَ پرديس پنھنجي ۾
پکي مان ڪو انھيءَ وڻ تي سکي ويٺل
يسوع جي جنم جھڙي تون
مريم جي پيار جھڙي تون
انھيءَ جي ٻار جھڙي تون
تون درياهه شاھ جھڙي آن
مٺي تون ساھ جھڙي آن
ڊسمبر ۾ اڙي جانان
صفا ڪا باھ جھڙي آن
پکيءَ جا پيرڙا آھين برف تي تون
وڃن ٿا من منھنجي ڏانھن
ڊسمبر تون وري آئين
جدائي يار جاني ڄڻ يروشلم آهي
ڊسمبر تون وري آئين
وري ڪي ڦٽ اکلي پيا
وري سڀ درد جا درياهه اٿلي پيا
وري ھو سونھن زخمي ٿي
وري پيو عشق اوساري
وري سڀ قلم ٽڪرا ٿيا
وري سڀ علم ليڙون ٿيا
وري ڪو درد جو آنگاس اوچو ٿيو
وري ھيءَ زندگي ڪو باھ جو ماتم
وري ھيءَ سنڌ ثابت شاھ جو ڪو مرثيو ٿي پيئي
ڊسمبر تون وري آئين“
ڊسمبر جي آجياڻي تي لکيل مجتبيٰ جي ان نظم ۾ اهو سمورو تاثر موجود آهي، جيڪو نوجوانيءَ جي ڏينهن ۾ ڏٺل ان رشين فلم ۾ هو، جنهن ۾ هڪ خوبصورت ڇوڪري سيڪنڊ ورلڊ وار ۾ وڃايل محبوب جي ڳولا ۾ پنهنجو پاڻ کان به وڇڙي ٿي وڃي.
پر هي ڪالم ته ان مهيني کي الوداع چوڻ جي لاءِ لکي رهيو آهيان. سو سال جو اهو مهينو جو خاموشيءَ سان وڇڙي ويو آهي، ڇا ان مهيني جي سيني ۾ ڪا دل آهي؟ جيڪڏهن آهي ته اهو ڄاڻي سگهندو ته اهو مهينو اسان لاءِ وڇوڙي جو مهينو ٿي رهيو. اهو مهينو جنهن ۾ پروين شاڪر جهڙي پياري شاعره اسلام آباد جي هڪ حسين رستي تي حادثي جو شڪار ٿي وئي. اڄ به جڏهن مان پروين شاڪر جي نالي واري روڊ تان گذرندو آهيان ته ڇڳل گهنگهروئن جهڙن وکريل پنن مان هن جي انهن شعرن جو پڙلاءُ ايندو آهي، جيڪي هوءَ اسلام آباد جي هن سخت سرد مهيني ۾ ان انداز سان لکندي هئي ته:
”ڪڇ تو هوا ڀي سرد ٿي
ڪڇ ٿا تيرا خيال بهي!
دل ڪو خوشي ڪي ساٿ ساٿ
هوتا رها ملال ڀي!“
ڪڇ ٿا تيرا خيال بهي!
دل ڪو خوشي ڪي ساٿ ساٿ
هوتا رها ملال ڀي!“
ان غزل جو اهو شعر ته منهنجي دل ۾ ڪنهن درد وانگر پيهي ويندو آهي ته:
”بات وه آدهي رات ڪي
رات وه پوري چاند ڪي
چاند ڀي عين چيت ڪا
اس پر تيرا جمال ڀي“
رات وه پوري چاند ڪي
چاند ڀي عين چيت ڪا
اس پر تيرا جمال ڀي“
پر هن مهيني اسان کان صرف پروين شاڪر ئي ته نه کسي. ان مهيني ۾ اسان کان منير نيازي به وڇڙي ويو هو. اهو منير نيازي جنهن کي نشي ۾ الوٽ ٿي جڏهن پنهنجو مشهور نظم ”هميشه دير ڪرديتا هون مين“ پڙهندي ٻڌندو آهيان ته مون کي تمام جلد وڇڙي ويل دوست ياسر ڪاڇيلو ياد اچي ويندو آهي. ياسر اسان کان ڪڏهن به وڇڙيو؟ هو جڏهن به وڇڙيو پر هن جي وڇوڙي جو احساس ڊسمبر جي سرد هوا جهڙو آهي، جنهن ۾ شيخ اياز ڪنهن پکيءَ وانگر اڏامي ويو ۽ پويان پنهنجي اها صدا ڇڏي ويو ته:
”ڀونءِ نه آئي ڀانءِ
الا مان اڏري ويندو سانءِ!“
الا مان اڏري ويندو سانءِ!“
ها اهوئي ته مهينو آهي، جنهن ۾ اسان کان اسان جا محبوب شاعر وڇڙيا ۽ ڪڏهن به ڀرجي نه سگهجندڙ وڍ ڏئي ويا. اهي وڍ جن مان اڄ به اسان جي دل جو لهو ٽمي رهيو آهي. ۽ هوءَ جيڪا سياست جي شاعري هئي، اها به ته اسان کان انهيءَ مهيني ۾ وڇڙي وئي. اها جنهن جو نالو لکڻ بجاءِ مان اردوءَ جو اهو شعر ٿو لکڻ چاهيان ته:
”مين اس ڪا نام نه لون، پهر بهي لوگ پهچاني
تعارف آپ هي اپنا هوا بهار ڪي هي“
تعارف آپ هي اپنا هوا بهار ڪي هي“
هوءَ جيڪا بهار جي جهوٽي جهڙي خاتون هئي، جنهن کي خزان جي پوڄارين شرمناڪ سازش ڪري شهيد ڪيو. اها راڄ راڻي به اسان کان هن مهيني ۾ وڇڙي هئي.
هن مهيني کان پوءِ نئون سال ايندو آهي. مان ڪيئن چوان ته سال جو آخري مهينو اسان جي قسمت جي شڪسته جهوليءَ ۾ نئين سال جي حوالي سان ڇا وجهي ويو آهي؟ اميدن ۽ آسرن سان دل کي بهلائيندڙ مرزا غالب ته چوي ٿو:
ديکهيي پاتي هين عشاق بتون سي ڪيا فيض؟
اڪ برهمن ني ڪها هي ڪه يه سال اچها هي!“
اڪ برهمن ني ڪها هي ڪه يه سال اچها هي!“
چوندا آهن ته هڪ لڙڪ کان پوءَ مرڪ اچڻ جو وارو هوندو آهي. هر درد جي پڄاڻي خوشيءَ جي ابتدا هوندي آهي. ممڪن آهي ته ٻين ماڻهن جي حوالي سان ائين به هجي. پر اسان لاءِ ته سمورو سال ان لوڪ گيت جهڙو رهيو آهي، جيڪو صرف درد جي ڌن تي ئي جهونگاري سگهبو آهي.
بهرحال ڊسمبر گذري ويو. اهو ميهنو گذري ويو، جيڪو منهنجي لاءِ پيارن جي وڇوڙي جو مهينو رهيو آهي. ان مهيني جو مون هڪ هڪ ڏينهن ڪيئن ڪاٽيو آهي؟ اهو منهنجو جيءُ ڄاڻي ٿو. مان وهمي ناهيان ۽ نه مان دعائون گهرندو آهيان. پر پوئين سال جي آخري مهيني دوران مان پنهنجي پکيءَ جهڙي معصوم ننڍڙي ڀيڻ جي لاءِ پريشان رهيس. ڇو ته هوءَ ناچاڪ آهي ۽ دعائون نه گهرڻ واري عادت هجڻ جي باوجود منهنجي دل بار بار هن لاءِ دعائون گهرندي رهي.
هي مهينو گذري ويو ۽ مون کي الائجي ڇو محسوس ٿي رهيو آهي ته ڄڻ درد جو اهو طوفان گذري ويو، جنهن ۾ رشتا ۽ ناتا ڇڻندڙ پنن وانگر اڏامي هميشه لاءِ وڇڙي ويندا آهن.
بهرحال ڊسمبر گذري ويو. اهو ميهنو گذري ويو، جيڪو منهنجي لاءِ پيارن جي وڇوڙي جو مهينو رهيو آهي. ان مهيني جو مون هڪ هڪ ڏينهن ڪيئن ڪاٽيو آهي؟ اهو منهنجو جيءُ ڄاڻي ٿو. مان وهمي ناهيان ۽ نه مان دعائون گهرندو آهيان. پر پوئين سال جي آخري مهيني دوران مان پنهنجي پکيءَ جهڙي معصوم ننڍڙي ڀيڻ جي لاءِ پريشان رهيس. ڇو ته هوءَ ناچاڪ آهي ۽ دعائون نه گهرڻ واري عادت هجڻ جي باوجود منهنجي دل بار بار هن لاءِ دعائون گهرندي رهي.
هي مهينو گذري ويو ۽ مون کي الائجي ڇو محسوس ٿي رهيو آهي ته ڄڻ درد جو اهو طوفان گذري ويو، جنهن ۾ رشتا ۽ ناتا ڇڻندڙ پنن وانگر اڏامي هميشه لاءِ وڇڙي ويندا آهن.
روزانه عبرت جي ٿورن سا