ٺٽو ضلعو ماضي ۽ حال منصور جلالاڻي ٺٽو ضلعو تاريخي طور تي هڪ جدا حيثيت رکي ٿو پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته هن تاريخي ضلعي کي اڄ مڪمل طور تي نظر انداز ڪيو ويو آهي. هتان جا تاريخي ماڳ حڪومت جي بي ڌياني سبب ميسارجڻ لڳا آهن. تاريخي ماڳن تي قبضن جو سلسلو جاري آهي. هن جي ڪا به سار لڌي نه ٿي وڃي. هتان جي شاعرن، اديبن، فنڪارن توڙي صحافين جي ڏکئي يا بيماري جي دور ۾ ڪا به سار نه ٿي لڌي وڃي، هتي جا غريب، شاعر، فنڪار، صحافي، اديب، بي سهارا بي دوا ٿي مري ويا آهن. جن ۾ استاد فيض محمد بلوچ به هڪ آهي، جيڪو نابين هوندي به وڏو راڳي هو. احمد سرندائي جنهن کي دنيا جي ستن ملڪن وڏي داد ڏني ۽ جرمن جي شهزادي کيس ڪار تحفي ۾ ڏني پر اڄ سندس خاندان کليل آسمان هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهي. ٽي وي ۽ اسٽيج جو مشهور فنڪار هارون جاکرو بيماري ۽ بيروزگاري سبب پريشان آهي. سندس سرڪاري علاج جو واعدو ڪيو ويو هو پر اهو وفا نه ٿيو آهي، جيئن ته محسن عباسي به انهن مان هڪ آهي. ٺٽي جو نوجوان صحافي عبدالرشيد جاکرو جنهن وٽ ٻن ڪتابن جيترو شاعري جو مواد آهي پر بيروزگاري ۽ غربت جي ڪري انهن کي ڇپائي مارڪيٽ ۾ آڻي نه ٿو سگهي. ٺٽو پريس ڪلب جي اڳوڻي صدر ۽ سينيئر صحافي يار محمد جلالاڻي کي به حڪومت اڄ مڪمل طور تي وساري ڇڏيو آهي. اهڙن وڏن شاعرن، فنڪارن، تاريخدانن، صحافين، ٻولي جي ماهرن جي نالي تي ڪو به روڊ، لائبريري، باغيچو قائم نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته تازو سروي رپورٽ موجب صفا پٺتي پيل ضلعن مان ٺٽو ضلعو هڪ آهي. ٺٽو جيڪو ماضي ۾ شاندار تهذيب، ثقافت ۽ خوشحالي جو وڏو مثال هو. اڄ صفا پٺتي پيل ضلعن ۾ ليکيو وڃي ٿو. ٻئي پاسي وري ٺٽي ضلعي ۾ آيل نوڪريون جيڪي بين الاقوامي قانون مطابق پڻ مقامي يعني ضلعي اندر جي اندر ميرٽ جي بنياد تي ڏيڻ کپن. وڏو ظلم ته هي آهي جو ميرٽ نالي ڪا شئي ٺٽي ضلعي اندر ڏسڻ ۾ نه ٿي اچي. هڪ ٺٽي ضلعي جي ڪوٽا تي آيل نوڪريون پنهنجا نوازي تحت يا پئسن تي ڏنيون پيون وڃن ۽ سڀ کان وڏو ظلم هي آهي ته سوين آيل ضلعي ٺٽي جي ڪوٽا تي نوڪريون ٻاهرين ضلعن جي ناحقدار غير مقامي ماڻهن کي ڏيئي هتان جي حقيقي حقدار ماڻهن جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو آهي ته ٻئي پاسي غريب پڙهيل لکيل نوجوان ڊگريون هٿن ۾ کڻي در در جا ڌڪا کائيندي مايوسي واري حالتن ۾ مبتلا نظر پيا اچن. گهڻا پڙهيل لکيل نوجوان شڪست جو بار نه سهندي، منشيات جو سهارو وٺي منشيات جا عادي ٿي پنهنجون زندگيون وڃائي رهيا آهن، ٻيا حالتن هٿان مجبور ٿي قلم ڇڏي هٿن ۾ هٿيار کڻن ٿا. وڌندڙ بدامني، چوريون، ڌاڙا، جوا جي اڏن ۾ ملوث ٿين ٿا. هڪ پاسي نوڪريون وڪڻي چونڊيل نمائنده ڪک پتي مان ڪروڙ پتي بڻجي ويا آهن ته ٻئي پاسي بيروزگار نوجوان ۽ غريب ماڻهو خودڪشي ڪرڻ تي مجبور آهن. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته سنڌ صدين کان خوشحال ۽ ستابي رهي آهي ۽ سندس ڊيلٽائي علائقو شادابي سبب جهومندو رهيو آهي. اهو به وقت هو جڏهن ڊيلٽائي ماڻهو کير ۽ مکڻ وڪڻڻ عيب سمجهندا هئا، جنهن ڪري هو هر چوڏهين تي سمورا ماڻهو گڏ ٿي کير ورهائيندا هئا ۽ ڪيٽي بندر ۾ جڏهن ملاکڙو ٿيندو هو ته ٻيڙين ذريعي 10 ڏينهن جو سفر ڪري سکر ۽ ڪشمور جا ملهه پهلوان شوقين سون جي تعداد ۾ گڏ ٿيندا هئا ۽ انهن ماڻهن کي هتان جا مارو ماڻهو انهن کي پلي، آنِي ۽ مکڻ سان ناشتو ڪرائيندا هئا. باغن باغيچن سان سينگاريل هن علائقي ۾ سڳداسي چانور جن جي خوشبو ميلن تائين راحت بخشيندي هئي، زيتون، انب، ناريل، پپيتن ۽ سوپارين جا وڏا باغ هوندا هئا ۽ قبضا ڪرڻ لاءِ اسلام ۽ مذهب جي آڙ ۾ لشڪر ڪشي ڪئي انهن لشڪر ڪشين مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌ خوشحال ۽ سنڌ جا ماڻهو ستابا هئا پر اڄ اسان ڊيلٽائي علائقي تي نظر وجهنداسين ته سمورو ڪوڙ لڳي ٿو پاڻي جي هٿرادو کوٽ سبب سمنڊ مست هاٿي جيان اڳيان وڌي هن خوبصورت ۽ سر سبز علائقي جا باغ ته فنا ڪري ڇڏيا آهن پر هاڻ ته ماڻهن جو جيئڻ جنجال بڻجي ويو آهي. ماحوليات تباهه ٿيل آهي، 6 لک ايڪڙ دنيا جو 7 نمبر سڀ کان وڏو ٻيلو مسلسل پاڻي جي کوٽ سبب 20 کان 25 سيڪڙو وڃي بچيو آهي. کير وڪندڙ کي عيب سمجهندڙ اڄ پاڻي کان محروم آهن، پر کين ڪي به پڇڻ وارو ناهي. ايستائين جو ڪيٽي بندر جي 42 ديهن مان 30 ديهه مڪمل طور تي تباهه ٿي ويون آهن. پلا ۽ آنيون کائڻ وارا اڄ هڪ ويلي ماني کائڻ لاءِ پريشان آهن، ٺٽي ضلعي جي ساحلي پٽي وارن 6 تعلقن، ڪيٽي بندر، جاتي، شاهبندر، گهوڙا ٻاري، ميرپور ساڪرو ۽ کارو ڇاڻ تعلقن جي اٽڪل 18 لک کان 25 لک ايڪڙ زمين ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم هيٺ پاڻي نه ڇڏڻ ڪري سمنڊ تيزي سان ڳڙڪائي چڪو آهي ۽ روزانو 100 ايڪڙ کان مٿي سمنڊ زمين ڳڙڪائي چڪو آهي. انهيءَ ڪري ڊيلٽا ئي علائقو مڪمل طور تي تباهه ٿي ويو آهي، جڏهن ته ٻئي پاسي ٺٽي شهر اندر پيئڻ جو پاڻي به اڻلڀ ٿي ويو آهي. هتان جا ماڻهو گندو پاڻي واپرائڻ سبب مختلف موذي مرضن ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. ٺٽي ضلعي اندر منشيات جو ڪارو بار به عروج تي هلندڙ آهي، گٽڪو، چرس، ڪچو شراب ۽ ڪيتريون ئي نشي آور شيون پوليس جي سرپرستي هيٺ سر عام هلي رهيون آهن، جنهن ڪري هتان جا نوجوان منشيات جا عادي بڻجي ويا آهن. ڪيترائي نوجوان پنهنجون زندگيون وڃائي چڪا آهن. ڪيترائي نوجوان نشو واپرائڻ سبب مختلف موذي مرضن ۾ وٺجي ويا آهن. جڏهن ته ٺٽي ضلعي اندر پوليس منشيات بند ڪرائڻ بجاءِ رشوت وٺڻ ۾ مصروف آهي. روزانو لکين رپيا منٿلي وصول ڪري ٿي. ضلعي جي هر شهر ۾ منشيات ۽ جوا جا اڏا قائم ٿي چڪا آهن پر ان ڏس ۾ پوليس ڪو به تدارڪ نه ڪيو آهي. جڏهن ته ٻئي پاسي ٺٽي جو امن امان به مڪمل طور تي تباهه ڪيو ويو آهي. ٺٽو ضلعو جيڪو امن جو پکي ليکيو ويندو هو پر گذريل ڪجهه ئي سالن اندر هن ضلعي جي امن امان کي ڄڻ نظر لڳي وئي هجي، ڦرون، ڌاڙا، چوريون، قتل روز جو معمول بڻيل آهن. عوام جي تحفظ لاءِ مقرر ڪيل پوليس به ڏوهارين سان ڳٺ جوڙ ڪري عوام جو رت چوسڻ ۾ مصروف آهي. جڏهن ته پوليس انتظاميا پاران گشت ڪندڙ اعليٰ پوليس آفيسر نشي ۾ ڌت ٿي گشت دوران شريف شهرين جون پڳڙيون لاهڻ ۾ ڪو به دير نه ٿو ڪري. جڏهن ته ٺٽي ضلعي سان ٿيندڙ انيڪ ناانصافين سان گڏ اها وڏي ناانصافي آهي جو هتان جا ڪامورا ۽ چونڊيل نمائندا ادارن صرف من پسند ماڻهن کي مراعتون ڏيڻ ۾ مصروف آهن، جڏهن ته عوام جي سمورن حقيقي مسئلن کي نظر انداز ڪيو ويو آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هن تاريخي شهر ۽ شاهه عنايت ۽ ڄام نظام الدين جي نگري خبر ناهي ڪڏهن خوشحالي جي خواب جي علامت بڻجندي. شاه جهان مسجد جو هڪ وڊيو ڏيک http://www.youtube.com/watch?v=H3Un1dFFamg