ريڊيو حيدرآباد: منهنجو گهر ( (نصير مرزا جي ترتيب ڏنل ڪتاب ”ريڊيو حيدرآباد” ۾ شامل ڪي

'مختلف موضوع' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏1 جنوري 2011۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ريڊيو حيدرآباد: منهنجو گهر ( (نصير مرزا جي ترتيب ڏنل ڪتاب ”ريڊيو
    حيدرآباد” ۾ شامل ڪيل) ​


    زيب سنڌي
    ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ”ممنوعه علاقه“ واري لڳل بورڊ جو در، مون پهريون ڀيرو 1977ع ۾ اورانگهيو هو. انهن ڏينهن ۾ آغا سليم صاحب اتي پروگرام مئنيجر هو. مان ۽ نصير مرزا ساڻس ملڻ ويا هئاسين. وري جڏهن اپريل 1984ع ۾ نصير مرزا ساڳئي اسٽيشن تي پروڊيوسر ٿي اچي جوائن ڪيو. ته اهو ساڳيو ”ممنوعه علائقه“ مون سميت نصير جي سڄي سنگت جو ٿاڪ بڻجي پيو. نه فقط ايترو، پر نصير جي ڪري سڄي سنڌ جي اديبن جي باقاعدي ”آمد و رفت“ جاري ٿي وئي.
    1985ع ۾ مون پنهنجي ڪهاڻي ”وڃايل ٻار“ لکي هئي. انهن ڏينهن ۾ نورالهديٰ شاهه پنهنجي رسالي ”ماڪ“ لاءِ خط لکي، ڪهاڻيءَ جي گُهر ڪئي هئي (تڏهن مان لاڙڪاڻي ۾ رهندو هوس). حيدرآباد وڃڻ ٿيو ته ڪهاڻي کنيو ويس. نصير مرزا سان ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي سندس آفيس ۾ ڪچهريءَ کان پوءِ موڪلائڻ لاءِ اٿيس، ته نصير وڌيڪ ويهڻ لاءِ چيو. کيس ٻڌايم ته هاڻي مون کي نورالهديٰ شاهه ڏانهن وڃڻو آهي ۽ کيس ڪهاڻي به ڏيڻي آهي. منهنجي نئين ڪهاڻيءَ جو ٻڌي، نصير مون کي ڪهاڻي ڏيکارڻ لاءِ چيو. ڪهاڻي کيس ڏنم ته هن مون کي زوريءَ ويهاري ڪهاڻي پڙهڻ شروع ڪئي. ڪهاڻي پڙهي پوري ڪري، نصير وٺي وڃي مون کي مائيڪ جي اڳيان ويهاريو، ته مان اها ڪهاڻي ادبي پروگرام لاءِ رڪارڊ ڪرايان. سو 1985ع ۾ نصير مرزا پهريون ڀيرو مون کي مائيڪ تي آندو. (اها ساڳئي ڪهاڻي ”وڃايل ٻار“ مون کي ٽي وي ڊراما رائيٽر بڻائڻ جو سبب به بڻي هئي.) گاڏي کاتي واري علائقي ۾ اها ڪهاڻي فوٽو اسٽيٽ بيٺي ڪرايم ته اوچتو سميع بلوچ اچي فوٽو اسٽيٽ جي دڪان تي پهتو. سميع حجت ڪري فوٽو اسٽيٽ واري کي ڪهاڻيءَ جي هڪ وڌيڪ ڪاپي ٺاهڻ لاءِ چيو. تڏهن سميع بلوچ پي ٽي ويءَ تي اسسٽنٽ پروڊيوسر هو. هن اُها ڪهاڻي پڙهي وڃي پروڊيوسر محمد بخش سميجي (مرحوم) کي ڏني، جنهن مون سان رابطو ڪري ان ڪهاڻيءَ تي ڊرامو لکرايو، جيڪو ساڳئي نالي ”وڃايل ٻار“ سان 1986ع ۾ ٽيليڪاسٽ ٿيو هو. سو مون ڳالهه پئي ڪئي نصير مرزا جي، ته نصير 1985ع ۾ پهريون ڀيرو مون کي مائيڪ تي آندو.
    عجب اتفاق آهي ته 1988ع ۾، مان به ريڊيو تي پروڊيوسر طور چونڊجي ويس. 15 جون 1988ع تي ٽريننگ لاءِ پاڪستان براڊڪاسٽنگ اڪيڊمي اسلام آباد پهتس، ته هاسٽل ۾ مون کي اُهو ئي تيرهون نمبر ڪمرو الاٽ ڪيو ويو، جنهن ۾ نصير مرزا رهي ويو هو. 1988ع جي ئي ڊسمبر مهيني جي 15 تاريخ ٽريننگ پوري ٿي. ته مون کي به ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جوائن ڪرڻ لاءِ ليٽر ڏنو ويو ۽ ڊسمبر 88ع جي آخري هفتي ۾ هڪ صبح جو مان ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي جوائن ڪرڻ لاءِ اچي پهتس. انهن ڏينهن ۾ عنايت بلوچ صاحب اسٽيشن ڊائريڪٽر هو. مان بلوچ صاحب کي جوائننگ رپورٽ ڏيڻ کان اڳ نصير جي ڪمري ۾ هليو ويس. نصير مون کي ڏسي سمجهي ويو ته منهنجي پوسٽنگ به هتي ئي ٿي آهي. سو نصير خوشيءَ مان اٿي بيهندي مرڪيو، ”ويلڪم زيب!“
    اڃا نصير ٽيبل کان ڦِري ٻاهر ئي نه نڪتو، ته ٻي ٽيبل پويان ويٺل هلڪي قد واري پروڊيوسر تڪڙ ۾ اٿي اچي مون کي ڀاڪر وڌو، ”اڙي زيب! چڱو ٿيو هتي آئين. ڏاڍو مزو ايندو گڏ ڪم ڪندي.“
    هلڪي قد واري پروڊيوسر مون کي پنهنجي ڀاڪر مان ڪڍيو ته نصير ٻڌايو، ”هي ڪوثر ٻرڙو آهي.“
    ڪوثر جي حجت تي مون کي حيرت به لڳي ته خوشي به ٿي. ڪوثر جي پهرين ئي ڀاڪر مون کي پنهنجائپ جو احساس ڏياري ڇڏيو هو. نصير پيار سان ڀاڪر پائڻ کان پوءِ، هڪ طرف ويٺل شخص ڏانهن اشارو ڪيو، ”سائين! سرور بلوچ آهي.“
    مون وڃي سرور بلوچ صاحب جي گوڏن تي هٿ رکيا. سرور بلوچ صاحب اٿڻ جي ڪوشش ڪئي ته مون سندس ڀر سان رکيل اسٽڪ کي ڏسندي کيس اُٿڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ان جي باوجود سرور بلوچ صاحب اٿي بيهي مون کي ڀاڪر پاتو. (سرور بلوچ صاحب سينيئر پروڊيوسر هو. بيماريءَ سبب هو ڪم ته نٿي ڪري سگهيو، پر آفيس پوءِ به روز ايندو هو.)
    نصير، ڪوثر ۽ سرور صاحب سان گڏ چانهه پي، پوءِ ويس اسٽيشن ڊائريڪٽر عنايت بلوچ صاحب جي ڪمري ۾ ۽ وڃي کيس جوائننگ رپورٽ ڏنم.
    حيدرآباد ريڊيو تي مون کي جيڪو پهريون پروگرام ڏنو ويو، اهو هيو ”سڀ رنگ“. جيڪو روزانو منجهند جو ٽي کان چئين وڳي تائين نشر ٿيندو هو، ۽ جنهن کي ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تان پڻ نشر ڪيو ويندو هو. (ساڳيو پروگرام هاڻي ”سڳنڌ“ جي نالي سان نشر ٿيندو آهي) ”سڀ رنگ“ ۾ نغمه ملاح، سلمه ملاح، انيس ميمڻ ۽ تاج بلوچ ڪمپيئر هيا. تاج بلوچ کي ادبي حوالي سان مان چڱيءَ طرح سڃاڻندو هوس ۽ سندس ڏنگي طبيعت کان به واقف هوس، سو ڪاغذن تي سندس نالو ڏسي مون کي ٿوري پريشاني ضرور ٿي، پر حقيقت اِها آهي ته تاج بلوچ، هڪ ڪمپيئر جي حيثيت سان، ڪڏهن به مون کي پريشان نه ڪيو. بلڪه سندس موجودگيءَ سبب مان اسڪرپٽ لکي ڏيڻ واري خفي کان به بچي ويندو هوس. جڏهن ته ٻين ڪمپيئرس کي مان پاڻ اسڪرپٽ لکي ڏيندو هوس. پروگرام ”سڀ رنگ“ مون فقط ٽي مهينا ڪيو، ۽ ان کان پوءِ مون کي ڊراما سيڪشن ڏنو ويو. پهريون ڊرامون ماڪن شاهه رضويءَ کان لکرايو هوم، جيڪو 26 مارچ 1989ع تي رڪارڊ ڪيو هوم ۽ 6 اپريل 1989ع تي نشر ٿيو هو. ان کان پوءِ نثار حسينيءَ جو ”زندگيءَ جا واڌو ڪاٽو پل“، سليم قريشيءَ جو ”تلاش“، محمود مغل جو ”پروگريس ڪارڊ“ ۽ ڪجهه ٻيا ڊراما رڪارڊ ڪيم، پنهنجو لکيل ڊرامو ”سمجهوتو“ پڻ رڪارڊ ڪيم، انهن ئي ڏينهن ۾ ڊرامي سان گڏ ڪيتريون ئي گيتن ڀريون ڪهاڻيون پڻ رڪارڊ ڪيم، جن ۾ ”اڌوري تصوير“ ۽ ”جن کي سُور سرير ۾“ (شگفته شاهه)، ”سمنڊ ڪناري“ (نثار حسيني)، ”ڀورائيءَ جي ڀُل“ (زيب نظاماڻي)، ”وڻ تان پکي“ (زرينه بلوچ)، ”اجڙيل اکيون روشن خواب“ ۽ ”چانڊوڪيءَ جو زهر“ (شبنم گل)، ”ساٿي ٿيئڙا سُور“ (ماڪن شاهه رضوي) شامل هيون. انهن ڊرامن ۽ گيتن ڀرين ڪهاڻين ۾ جيجي زرينه، يعقوب ذڪريا، عبدالستار مگسي، قمر ميمڻ، ڊاڪٽر مجيد عابد، شميم ٻانڀڻ، ڊاڪٽر منظور قادر، عثمان سولنگي، سلمه ملاح، نغمه ملاح، فرحانه انيس، سيما مرزا، سيما (سينيئر)، رميش ڪمار، انيس ميمڻ، ارمغان بروهي، عزيز بادل، عرفان علي، گل حسن قريشي ۽ ٻين فنڪارن ڪم ڪيو هو. ڪجهه گيتن ڀرين ڪهاڻين کان سواءِ پنهنجي لکيل ڊرامي ”سمجهوتو“ ۾ مکيه ڪردار مون پاڻ ئي ادا ڪيو هو. شبنم گل جي گيتن ڀري ڪهاڻي ”چانڊوڪيءَ جو زهر“ جو اسڪرپٽ ايڏو ته خوبصورت هو، جو سمورن فنڪارن ۾ اسڪرپٽ ورهائي، راويءَ وارو اسڪرپٽ پاڻ وٽ رکي ڇڏيم ۽ پنهنجي ئي آواز ۾ اها ڪهاڻي رڪارڊ ڪيم. الياس رضا به سائونڊ افيڪٽس مين جي حيثيت سان ان ڪهاڻيءَ تي ڏاڍي محنت ڪئي، جنهن ڪري منهنجي انهيءَ پروڊڪشن کي تمام گهڻو ساراهيو ويو.
    الياس رضا، ريڊيو جو هڪ جينئس سائونڊ افيڪٽس مين آهي. هڪ دفعي مون اڌ ڪلاڪ جي ڊرامي جي ڊبنگ دوران لڳاتار اٺ ڪلاڪ کائنس ڪم ورتو. اٺن ڪلاڪن کان پوءِ جڏهن ڊرامو فائينل ٿيو ته الياس رضا ٿڪجي هيٺ ويهي رهيو. مون الياس رضا سان معذرت ڪئي ته هن هڪدم اٿي مون کي ڀاڪر پاتو، ۽ چيو، ”زيب ڀائي، ايڪ زمانڳ ڪڳ بعد تو آج مجھه سڳ ڪسي نڳ ڪام ليا هڳ. بهت خوشي هوئي هڳ مجھڳ.“
    الياس رضا جيان ان وقت جا پروڊيوسر به ڏاڍي محنت ۽ ڌيان سان ڪم ڪندا هئا. ڪوثر ٻرڙو، نصير مرزا، علي نواز خاصخيلي، گل حسن قريشي، انور هڪڙو، خليل چنا، محمد خان لغاري، سليم الحق شيخ، الاهي بخش ٻانڀڻ، اشفاق احمد خان، عتيق شيخ، رابعه سعيد ۽ ٻيا ڪيئي پروڊيوسر هيا. جيڪي پنهنجي ڪم سان ڏاڍا ڪميٽيڊ محسوس ٿيندا هئا. هڪ سينيئر پروڊيوسر اقبال احمد خان به هيو، جيڪو ملتان کان بدلي ٿي آيو هو. دل جو ڏاڍو صاف، پر ڪم جو جڏو هيو. جنهن ڏينهن کيس ڪنهن پروگرام جي ايڊيٽنگ ڪرڻي هوندي هئي، ان ڏينهن هٿ تي پٽي ٻڌي ايندو هو، ۽ پوءِ پنهنجو ڪم ڪنهن ساٿي پروڊيوسر يا انجنيئر جي حوالي ڪري ڇڏيندو هو. (اقبال، پوءِ حيدرآباد کان ملتان ٽرانسفر ٿي ويو، ۽ اتي ڪجهه عرصي کان پوءِ هڪ ايڪسيڊنٽ ۾ گذاري ويو.)
    ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي انهن ڏينهن ۾ سائين مراد علي مرزا ۽ سڪندر بلوچ پروگرام مئنيجر هيا. سڪندر بلوچ جي بدلي ٿيڻ کان پوءِ سندس جاءِ تي عسڪر مهدي پروگرام مئنيجر ٿي آيو. عسڪر مهدي انتهائي کلمک ۽ خوبصورت شخص هيو. هڪ ڏينهن شام جو مون کي سڏايائين. سندس آفيس ۾ ويس ته چيائين، ”تو ڄامشوري جو ڪار آرڊر ڇو ڏنو آهي؟“
    هڪ لمحي لاءِ مُنجهي پيس، ۽ پوءِ چيم، ”ڄامشوري مان هڪ ليکڪ وٽان ڊرامي جو اسڪرپٽ کڻڻو آهي.“
    ”ليکڪ جو نالو ڇاهي؟“ عسڪر پڇيو.
    ان کان پهرين جو منهنجو ڪوڙ پڪڙجي، پاڻ ئي چيم، ”سر، اسڪرپٽ ناهي کڻڻو. ذاتي ڪم لاءِ گاڏي کپندي هئي.“
    ”ڪهڙي ڪم لاءِ؟“ عسڪر سرد لهجي ۾ پڇيو.
    سچ ڳالهائڻ ئي مناسب سمجهيم، ”سر، امان آيل آهي. کيس حيدرآباد گهمائڻ ٿو چاهيان.“
    عسڪر صاحب مون سان ڪجهه ڳالهائڻ کان سواءِ هڪدم ڊرائيور کي سڏائي چيو، ”گاڏي کڻي زيب سان هليو وڃ. وقت ۽ فاصلي جي ڪا به پابندي ناهي. واپس اچي ڪار آرڊر مون کان صحي ڪرائي وٺجانءِ.“
    ”مهرباني سر.“ سندس ٿورا مڃيم.
    عسڪر صاحب مرڪي چيو، ”اڙي چريو ٿيو آهين ڇا- ماءُ سان ڪو حساب ڪبو آهي ڇا؟“
    اهڙيون کوڙ ڳالهيون آهن عسڪر مهديءَ جي محبت جون. اڄ هُو هن دنيا ۾ ناهي، ته سندس باري ۾ لکندي اکيون آليون ٿي ويون آهن. هو جڏهن به ياد ايندو آهي ته سندس لاءِ دل مان بي اختيار دعا نڪري ويندي آهي.
    عسڪر مهديءَ جيان ڪيئي شخصيتون آهن، جن سان حيدرآباد ريڊيو تي ساٿ رهيو ۽ اڄ اهي هن دنيا ۾ ناهن. ڍول فقير، جنهن کي مون جڏهن به ڏٺو ته جُهڪي وڃي ساڻس مليس. غلام رسول نواب شاهي، جيڪو ڪرفيو هوندي به هليو ايندو هو. علڻ فقير، استاد نياز حسين، استاد مجيد خان، عبدالحق ابڙو، سيد صالح محمد شاهه ۽ فوزيا سومرو، جن جون يادون اڄ به دل ۾ تازيون آهن.
    پاڪستان براڊڪاسٽنگ اڪيڊمي اسلام آباد مان حاصل ڪيل ڇهن مهينن جي ٽريننگ کان پوءِ، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي مون هڪ سال کان به ڪجهه گھٽ عرصو ئي پروڊيوسر جي حيثيت سان ڪم ڪيو، پر انهيءَ ٿورڙي عرصي جون به کوڙ ساريون يادگيريون آهن، جيڪي ڪوثر ٻرڙي جي ڪتاب ”ياد گهر“ جيان، ”ياد ڪتاب“ جي صورت ۾، زندگيءَ مهلت ڏني ته ڪڏهن ضرور لکندس.
    سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان ته مان ريڊيو پاڪستان جي نوڪريءَ دوران ئي پاس ڪري چڪو هوس. سو جڏهن مون ريڊيو جي نوڪري ڇڏڻ چاهي ته عنايت بلوچ صاحب مون کي ڏاڍو روڪيو. سندس خيال هو ته منهنجي طبيعت مطابق ريڊيو جي نوڪري ئي مون لاءِ بهتر هئي، پر مان نوڪري ڇڏي هليو ويس. 1989ع ۾ اهو دور حيدرآباد ۾ وڳوڙن جو دور هو. اڪثر گولين جا آواز ٻڌبا ها. ويتر جو منهنجي پوسٽنگ حيدرآباد جي سٽي ڪاليج ۾ ٿي ته ڪاليج کان ٻاهر واري غير محفوظ ماحول/علائقي سبب مان ذهني دٻاءُ جو شڪار ٿي ويس. هڪ ڏينهن عنايت بلوچ صاحب وٽ گل حسن قريشيءَ سان گڏ چانهه پيئندي، بلوچ صاحب غور سان مون ڏانهن ڏسندي چيو، ”لڳي ٿو توهان ڪجهه ڊسٽرب آهيو!“
    جيسين مان ڪو جواب ڏيان، گل حسن شروع ٿي ويو، ”ها سر، زيب واقعي ڊسٽرب آهي... آرٽسٽڪ نيچر جو ماڻهو آهي... هروڀرو ريڊيو ڇڏي ويو... شهر جون حالتون به ٺيڪ ناهن...“ ۽ ياد ناهي ته گل حسن ٻيو به ڇا ڇا چئي ويو.
    عنايت بلوچ صاحب مون کان سڌو سوال ڪيو، ”واپس ايندين ريڊيو ۾؟“
    مان اوچتو اهڙي سوال تي منجهي پيس.
    ”ٻڌاءِ ڇا ٿو چوين؟“ بلوچ صاحب پڇيو.
    ”پر سر، مون ته مهينو اڳ استعيفيٰ ڏني هئي!“ ٻڏتر واري حالت ۾ چيم.
    ”اهو منهنجو مسئلو آهي. واپس اچڻ چاهين ٿو، ته ٻڌاءِ!؟“ عنايت بلوچ وري سڌو سوال ڪيو.
    مان خاموش رهيس.
    بلوچ صاحب فيصله ڪُن انداز سان پڇيو، ”ها- يا نه؟“
    مون کڻي ’ها‘ ڪئي.
    بلوچ صاحب ان مهل ئي ٽيليفون تي اسلام آباد هيڊڪوارٽرس ڳالهايو، ۽ فون رکي مون کي چيائين، ”سڀاڻي صبح سان اچي جوائن ڪجانءِ.“
    ٻئي ڏينهن مان هڪ مهيني جي پگهار واپس سنڌ سرڪار جي خزاني ۾ جمع ڪرائي، وري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي پهچي ويس.
    منهنجي پياري دوست تاج جوئي کي جو اها خبر پئي، ته ٻئي ڏينهن سڪرنڊ کان اچي حيدرآباد ريڊيو تي ٺڪاءُ ڪيائين. ذري گهٽ اصل وڙهي پيو، ”ڇو ڇڏيئي ليڪچراريءَ جهڙي نوڪري.... ڇو واپس آيو آهين ريڊيو ۾....“
    تاج جي بحث مون کي اصل بخار ڏئي ڇڏيا. سوچڻ تي مجبور ٿي پيس ته مان جيڪو لکڻ پڙهڻ جو ڪم پروفيسر جي حيثيت سان ڪري سگهان ها، اهو پروڊيوسر جي حيثيت سان ڪڏهن به نه ڪري سگهندس. اها سوچ ذهن تي سوار ٿي ويئي. ڏينهن رات دماغ تي بوجهه رهڻ لڳو. وري جو تاج جويو هڪ ڏينهن ٽي چار ڪلاڪ لاڳيتو اچي منهنجي آفيس ۾ ويٺو، تنهن ريڊيو جي نوڪريءَ تان منهنجو ارواح ئي کڻائي ڇڏيو. هاڻي ڇا ڪجي... ڪجهه سمجهه ۾ ئي نه پئي آيو. شام جو ”سهڻي“ پريس تي پنهنجي دوست طارق اشرف (مرحوم) سان ڪچهري ڪندي ساڻس اهو ذڪر ڪيم. ٻئي ڏينهن طارق اشرف مون کي سنڌ سيڪريٽريٽ ڪراچي وٺي ويو. ناميارو ڪهاڻيڪار بشير مورياڻي صاحب ان وقت هوم سيڪريٽري هو. بشير مورياڻي سيڪريٽري ايجوڪيشن نذر محمد شيخ کي فون ڪري چيو، ”شيخ صاحب، هي نوجوان زيب سنڌي منهنجو ذاتي دوست آهي. مهرباني ڪري سندس ڪم اڄ ئي ڪري ڏيو.“
    ان ئي ڏينهن جڏهن مان سنڌ سيڪريٽريٽ مان ٻاهر نڪتس، ته وري ليڪچررشپ Reinstate ٿيڻ جو آرڊر منهنجي کيسي ۾ پيو هو.
    ٻئي ڏينهن ريڊيو اسٽيشن تي وڃي استعيفيٰ لکيم ۽ عنايت بلوچ صاحب سان ملڻ جو سَتُ نه ساري استعيفيٰ سندس پي. اي جي حوالي ڪري اسٽيشن کان ٻاهر هليو ويس ۽ وري وڃي سٽي ڪاليج جوائن ڪيم. ڪيترا ڏينهن ته ريڊيو جي اسٽيشن جي ٻاهران به نه گذريس. ڪافي ڏينهن کان پوءِ هڪ ڏينهن دوستن جي ڇِڪَ مون کي ريڊيو تي وٺي ويئي. عنايت بلوچ صاحب وٽ به ويس. بلوچ صاحب ناراض ته نه ٿيو، پر ميارون ضرور ڏنائين. اهو وعدو به ورتائين ته هاڻي مان هڪ ليکڪ ۽ ڪمپيئر جي حيثيت سان، ريڊيو پاڪستان سان وابسته رهندس، پر جيسين ڪا اهڙي صورتحال پيدا ٿئي، مان سٽي ڪاليج حيدرآباد کان گورنمينٽ ڪاليج لاڙڪاڻي بدلي ڪرائي هليو ويس. چوڏهن مهينا لاڙڪاڻي ۾ رهي وري بدلي ڪرائي آگسٽ 1991ع ۾ حيدرآباد موٽي آيس. حيدرآباد واپس موٽڻ کان پوءِ به هڪ سال مائيڪ کان پري رهيس. 1992ع ۾ ساڳئي آگسٽ مهيني ۾ علي نواز خاصخيليءَ ”سڳنڌ“ لاءِ، ۽ ڪوثر ٻرڙي پروگرام ”صبحِ مهراڻ“ لاءِ مون کي ڪمپيئر طور بڪ ڪيو. تڏهن کان هڪ پروڊيوسر بجاءِ، ڪمپيئر طور باقاعدي منهنجو سفر شروع ٿيو، جيڪو بنا ڪنهن وٿيءَ جي، اڄ تائين جاري آهي.
    عنايت بلوچ صاحب تمام سٺو ايڊمنسٽريٽر هو. جيسين بلوچ صاحب ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي رهيو، اسٽيشن جا مامرا به ٺيڪ رهيا ته ماحول به. 1995ع ۾ عنايت بلوچ جو پروموشن ٿيو ۽ هو ڊائريڪٽر پروگرامز ٿي اسلام آباد هليو ويو. کانئس پوءِ شڪيل فاروقي اسٽيشن ڊائريڪٽر ٿي حيدرآباد آيو.
    هڪ ڏينهن منهنجي صحافي دوست جعفر ميمڻ فون ڪري مون کي ٻڌايو ته ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان سنڌي ڊراما بند ڪيا ويا آهن. مون جڏهن ريڊيو اسٽيشن پهچي جاچ ڪئي ته خبر پئي، نه فقط سنڌي ڊراما بند ڪيا ويا آهن، پر سنڌي پروگرامن جو مڃيل سيڪڙو به ڪافي متاثر ٿي چڪو هو. مان ان معاملي تي اسٽيشن ڊائريڪٽر شڪيل فاروقيءَ سان ڳالهائڻ ويس پر هُنَ هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪرڻ شروع ڪيون. مون گهڻو ئي کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هن منهنجي هِڪ به نه ٻڌي. ريڊيو اسٽيشن کان ٻاهر نڪري وڃي مون تاج جوئي ۽ ٻين دوستن سان گڏجي ”ريڊيو بچايو ڪاميٽي“ ٺاهي. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي سنڌي ٻوليءَ جي جائز حق بابت ان ڪاميٽيءَ جي جدوجهد کي سنڌي پريس ۽ سڄاڻ ڌرين جي ايتري موٽ ملي، جو اها هڪ تحريڪ بڻجي پئي. معاملو ايترو اڳتي وڌيو، جو ان وقت جي وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو (شهيد) ان ڳالهه جو نوٽيس ورتو. قاضي اسد عابد صاحب ان وقت انفرميشن ۽ براڊڪاسٽنگ جي اسٽينڊنگ ڪاميٽيءَ جو چيئرمين هو. هڪ ڏينهن قاضي اسد عابد مون کي فون ڪري سڏيو. مون پنهنجي دوستن سان گڏ وڃي سڄو معاملو دستاويزي ثبوتن سوڌو قاضي صاحب جي اڳيان رکيو. اها ملاقات قاضي صاحب جي حيدرآباد واري گهر تي ٿي. ٻئي ڏينهن قاضي اسد عابد صاحب، حيدرآباد ريڊيو جي انتظاميه کي پاڻ وٽ سڏائي، انتظاميا جو مؤقف ٻڌڻ کان پوءِ انتظاميا کي معاملا ٺيڪ ڪرڻ جي تنبيهه ڪئي ۽ ريڊيو بچايو ڪميٽيءَ جون شڪايتون دور ڪرڻ لاءِ چيو. ساڳئي ڏينهن شام جو شڪيل فاروقيءَ مون کي فون ڪري چيو ته مان توهان سان ملڻ ٿو چاهيان، وقت ڏيو ته مان توهان جي گهر اچان. کيس چيم ته منهنجي ڄاڻ موجب توهان جي پروگرام مئنيجر، اقبال فريديءَ ئي اهي سڀ شرارتون ڪيون آهن، تنهن ڪري توهان بيشڪ اچو، پر اقبال فريديءَ کي نه وٺي اچو. شام جو در کڙڪيو. ٻاهر نڪتس ته در تي نصير مرزا ۽ علي نواز خاصخيلي بيٺا هيا، ۽ سندن پويان ڪجهه فاصلي تي شڪيل فاروقي ۽ اقبال فريدي به موجود هيا. سڀني کي پنهنجي گهر جي ڊرائنگ روم ۾ وٺي آيس، جتي اڳي ئي ريڊيو بچايو ڪاميٽيءَ جو ڪنوينر تاج جويو، نصير سارنگ ۽ ڪاميٽيءَ جا ٻيا ميمبر دوست موجود هيا. شڪيل فاروقيءَ ۽ اقبال فريديءَ پنهنجي غلطين جو اعتراف ڪندي چيو ته اڳتي اهڙي شڪايت نه ٿيندي ۽ سنڌي پروگرامن جو تناسب بحال ڪيو ويندو. مون کين چيو ته لکت ۾ معاهدو ڪيو. ڪجهه بحث کان پوءِ هڪ ڊرافٽ تيار ڪيو ويو ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي انتظاميا کي ريڊيو بچايو ڪميٽيءَ سان لکت ۾ معاهدو ڪرڻو پيو. ٿوري ئي وقت کان پوءِ شڪيل فاروقي ۽ اقبال فريديءَ کي حيدرآباد ريڊيو تان بدلي ڪيو ويو.
    ريڊيو بچايو ڪاميٽيءَ کي ٽوڙڻ بجاءِ، اسان ڪاميٽيءَ جون سرگرميون معطل ڪرڻ جو اعلان ڪيو. وري سڪندر بلوچ ۽ خواجا امداد عليءَ جي اسٽيشن ڊائريڪٽر هئڻ وارن وقتن ۾ جڏهن ريڊيو فنڪارن کي شڪايتون پيدا ٿيون ته ريڊيو بچايو ڪاميٽي وري فعال ٿي پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. ان کان پوءِ ملڪ عزيزالرحمان اولک ۽ فخر بلوچ جي ٻئي دور واري وقت ۾ سنڌي پروگرامن جو تناسب گهٽيو تڏهن به ريڊيو بچايو ڪاميٽي فعال ٿي جدوجهد ڪئي. ان وقت انهيءَ جدوجهد ۾ منهنجي دوستن، گل ڪونڌر ۽ امين ارباب مون سان گڏ سرگرم ڪردار ادا ڪيو.
    اولک صاحب جي وقت ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي مقبول سنڌي پروگرام ”سڳنڌ“ کي بند ڪيو ويو. سندس ئي وقت ۾ حيدرآباد مان FM101 جي نشريات شروع ٿيڻ واري هئي، پر سڄي نشريات ۾ سنڌي ٻوليءَ جو نالو نشان ئي ڪونه هو. ڪاميٽي جي پليٽ فارم تان اولک صاحب سان گهڻي ئي مٿا ڪُٽ ڪئيسين، پر هو فقط اکيون ڏيکاريندو رهيو. مجبور ٿي مون ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان پروگرام ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ بائيڪاٽ ڪري ٻاهر هليو ويس. منهنجي ٻين به ڪيترن ئي ساٿي فنڪارن انهيءَ عمل کي ورجايو ۽ اسان سڄو معاملو پريس ۾ کڻي وياسين. انهن ئي ڏينهن ۾، ان وقت جو انفرميشن ۽ براڊڪاسٽنگ جو منسٽر نثار ميمڻ صاحب حيدرآباد اچڻو هو. ان وقت حيدرآباد ۾ انفرميشن ڊپارٽمينٽ ۾ هڪ ادب دوست اردو ڳالهائيندڙ خاتون ثمينه وقار ڊائريڪٽر هئي. مون ثمينه وقار کي وڃي سڄو مسئلو ٻڌايو ۽ کيس چيم ته حيدرآباد ۾ مون کي منسٽر سان ملڻ جو وقت وٺي ڏيو. ثمينه وقار اردو ڳالهائيندڙ هئڻ باوجود سڄي معاملي کي نهايت ديانتداريءَ سان سمجهيو ۽ ان مهل ئي اسلام آباد فون ڪري منسٽر صاحب کي چيائين ته حيدرآباد ۾ زيب سنڌي ۽ ڪجهه ٻيا اديب توهان سان ملڻ چاهين ٿا. منسٽر کان هاڪاري جواب مليو ته مان سنڌي ٻوليءَ جي گهڻگهري سائين غلام علي الانا صاحب وٽ ويس ۽ کيس ان وفد ۾ شامل ٿيڻ لاءِ عرض ڪيم. الانا صاحب هڪدم هاڪار ڪئي. منسٽر نثار ميمڻ صاحب حيدرآباد آيو ته مان، سائين غلام علي الانا، گل ڪونڌر ۽ امين ارباب کي ساڻ وٺي سرڪٽ هائوس حيدرآباد پهتس، جتي غلام رباني آگرو صاحب، منسٽر سان ذاتي تعلق سبب اڳ ئي موجود هيو. غلام علي الانا صاحب جي اڳواڻيءَ ۾، مون سڄي بريفنگ ڏني. جنهن جي نتيجي ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو بند ٿيل سنڌي پروگرام ”سڳنڌ“ ته وري شروع ٿي ويو، پر ان کان پوءِ جڏهن FM101 جي نشريات شروع ٿي ته سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪاريءَ وارا ڪک هيا.
    ناانصافيءَ تي خاموش رهڻ جي ته مون سُتي ئي شايد ناهي پيتي، سو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي اسٽيج هجي، يا ڪو ٻيو فورم، مان هر جاءِ تي اها ڳالهه ڪندو ئي رهيس ته سنڌ جي حيدرآباد جهڙي شهر ۾ سرڪاري FM101 تان سنڌي ٻوليءَ کي نيڪالي مليل آهي. مان اهو ڪريڊٽ بلڪل نٿو کڻان، پر سنڌي پريس (خاص طور ڪاوش اخبار ۾ ويٺل منهنجي دوست نياز پنهور) ۽ سنڌ جي سڄاڻ ڌرين جو آواز نه دٻجي سگهيو، ۽ سالن کان پوءِ نيٺ FM101 تان فقط هڪ ڪلاڪ روز جو سنڌي پروگرام شروع ٿيو. خاموشي مون تڏهن به اختيار نه ڪئي. 20- جولاءِ 2008ع تي جڏهن ريڊيو پاڪستان جو موجوده ڊائريڪٽر جنرل مرتضيٰ سولنگي صاحب ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي دوري تي آيو هو، تڏهن موجوده اسٽيشن ڊائريڪٽر، منهنجي دوست نصير مرزا مون کي به اچڻ لاءِ چيو. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي اسٽوڊيوز ۾ رٿيل ان ننڍڙي تقريب ۾ جڏهن مون کي ڳالهائڻ جو موقعو مليو، تڏهن مون چيو ته، ”حيدرآباد جي FM101 جي ايڪويهن ڪلاڪن جي نشريات ۾ فقط هڪ ڪلاڪ سنڌي پروگرام ٿا نشر ٿين. ڇا حيدرآباد شهر ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ اسين فقط پنج سيڪڙو سنڌي ٿا رهون!؟“
    مرتضيٰ سولنگي صاحب سڀني جون ڳالهيون ٻڌيون، ۽ بنا ڪو تبصرو ڪرڻ جي واپس اسلام آباد هليو ويو، پر نتيجو ڪجهه ئي عرصي ۾ سامهون اچي ويو. مرتضيٰ سولنگي صاحب ڊائريڪٽر جنرل جي حيثيت سان ٻيو ڪو اهم ڪم ڪري يا نه ڪري، پر ”لکان دا مٽ“ هڪ ڪم ضرور ڪري ڇڏيائين، جو اڄ FM101 حيدرآباد تان پنجاهه سيڪڙو سنڌي پروگرام نشر ٿين ٿا.
    1977ع ۾ نصير مرزا ۽ مان، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ”ممنوعه علاقه“ واري بورڊ لڳل در کي اورانگهي آغا سليم صاحب سان فقط ملڻ خاطر مهمان بڻجي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي بلڊنگ اندر داخل ٿيا هئاسين، جتي آغا سليم صاحب پروگرام مئنيجر هو. اڄ ان ساڳئي هنڌ نصير مرزا اسٽيشن ڊائريڪٽر آهي ۽ مان پروگرام ڪرڻ، يا پنهنجي ڪاليج ڏانهن ايندي ويندي جڏهن به ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ساڳئي ئي ”ممنوعه علاقه“ واري بورڊ لڳل در تي پهچان ٿو، ته اهو ساڳيو در مون لاءِ ائين کُلي ٿو وڃي، ڄڻ اُهو منهنجي گهر جو در هجي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو