ٽئين درجي وارو دماغ تڏهن خوش نظر ايندو آهي جڏهن اهو اڪثريت جي مطابق سوچيندو آهي. ٻئي درجي وارو دماغ تڏهن خوش نظر ايندو آهي جڏهن اهو اقليت جي مطابق سوچيندو آهي پر پهرين درجي وارو دماغ جڏهن به سوچيندو آهي تڏهن خوش ئي نظر ايندو آهي. اي. اي مِلني اسين لڳاتار جيڪو ڪجھ ڪندا رهندا آهيون اسان اهڙا ٿي ويندا آهيون، پوءِ بهتري اسان جي عادت ٿي ويندي آهي. ارسطو اهو ماڻهو جنهن جي هٿ ۾ رڳو هٿوڙو هجي، اهو جنهن به شيءِ تي نظر وجھندو آهي ان کي ڪوڪو نظر ايندي آهي. ابرهام لنڪن سياڻو ماڻهو پنهنجي دشمنن مان به فائدو وٺي ويندو آهي، پر بيوقوف پنهنجي دوستن مان به نقصان کائيندو آهي. بلطاسر گريشن پنهنجي خيالن تي نظر رکندا ڪيو، اهي لفظن جو روپ ڌاري سگھن ٿا، پنهنجي لفظن تي نظرداري رکندا ڪيو، اهي، عمل جو روپ وٺي سگھن ٿا، پنهنجي عملن تي نظرداري رکندا ڪيو، اهي عادتن جو روپ ڌاري سگھن ٿا، پنهنجي عادتن تي نظرداري رکندا ڪريو، اهي توهان جو ڪردار بڻجي سگھن ٿيون، ۽ پنهنجي ڪردار تي نظرداري رکندا ڪيو، ڇاڪاڻ ته توهان جو ڪردار توهان جو مقدر بڻجي سگھي ٿو. لائو ـ زِي کوجنا جو حقيقي سفر نين دنيائن جي دريافت سان نه پر هر شي کي نئين نگاه سان ڏسڻ ۾ هوندو آهي. مارسل پرائوسٽ ڪو به ڪم جيڪو توهان هن مهل تائين نه ڪيو آهي، ان کي گھٽ ۾ گھٽ ٽي دفعا ڪري ڏسو. پهريون دفعو، ان لاءِ ته جيئن ان بابت توهان جي اندر ۾ ويٺل خوف مري وڃي. ٻيو دفعو، ان لاءِ ته جيئن توهان ڄاڻي سگھو ته آخر اهو ڪم ڪبو ڪيئن؟ ۽ ٽيون دفعو اهيو معلوم ڪرڻ لاءِ ته اهو ڪم توهان کي پسند اچي ٿو يا نه. ورجل گارنِٽ ٿامسن مون وٽ شادي ڪرڻ کان اڳ ۾ ٻارن جي واڌويجھ بابت ڇھ نظريا هئا، هاڻي مون وٽ ڇھ ٻار ته آهن پر ڪو نظريو ڪونهي. جان ولماٽ مان سوين عاملن جي ٺڪاڻن تي ويندي آهيان، اهي مونکي هزارين ڳالهيون ٻڌائيندا آهن پر انهن منجھان ڪو به مونکي اهيو نه ٻڌائيندو آهي ته مان پوليس واري آهيان ۽ هن کي گرفتار ڪرڻ آئي آهيان. نيويارڪ شهر جي هڪ جاسوس عورت پنهنجي غلطين تي ٽهڪ ڏيڻ اسان جي زندگيءَ ۾ واڌارو ڪري سگھي ٿو، پر ڪنهن ٻئي جي غلطيءَ تي کلڻ اسان جي زندگِيءَ جي گھٽجڻ جو سبب بڻجي سگھي ٿو. ڪولن هاءِٽاور سڀ ماڻهو ڌوڪيباز هوندا آهن پر انهن سڀني ۾ صرف هڪڙو فرق هوندو آهي، هڪڙا اهيا ڳالھ مڃيندا آهن ته ها اهي واقعي ڌوڪيباز آهن ٻيا وري مڃڻ کان انڪار ڪندا آهن. مان پاڻ انڪار ڪندو آهيان. ايڇ ـ ايل مينڪِن اهو ماڻهو جيڪو تمام گھڻو پڙهندو آهي ۽ پنهنجي دماغ جو استعمال گھٽ ڪندو آهي اهو صرف سوچ جي سست عادت جو شڪار ٿي ويندو آهي. آئنسٽائن جيڪي سچ جا ڳولهائو آهن انهن تي يقين ڪندا ڪريو ۽ جيڪي سچ ڳولهي چڪا آهن انهن تي شڪ ڪندا ڪريو. انيڊرِي گائيڊي
جواب: ڏاهپ سندا ڏس مترجم رشيد زهراڻي هون ته سڀ ٻول پنهنجي مٽ پاڻ آهن، ۽ هرهڪ ٻول سون ۾ تورڻ جهڙو آهي ۽ هڙ ۾ کڻي گهمڻ جهڙو آهي پر پنهنجي حالت هن هيٺ ڏنل قول جهڙي آهي؛ ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا ۔۔۔
جواب: ڏاهپ سندا ڏس مترجم رشيد زهراڻي ادا اوهان جو هميشه وانگر هي به هڪ بهترين ونڊ آهي سڀ ڳالهيون لاجواب پر مٿين قسم جا ماڻهو ته اوهان کي جام ملندا