نئين سال جي آجيان
علي ڏنو شر
نوان سال توکي ڀليڪار دل سان-
نوان سال ڪيئي اميدون هن تو مان-
نوان سال تون شال،
منهنجي اباڻن جي ڌرتيءَ مٿان،
خوشين جا خزانا ايندين کڻي-
جتي منهنجي مارن کان عيدون رُٺل هن-
جتي منهنجي مارن جي تسبيح ٽٽل آ-
جتي منهنجا مارو قبيلا بڻيل هن-
جتي منهنجي مارن جو سڀ ڪجهه ڦُريل آ-
جتي روز ٻاگهيون ڪهاڙيءَ ڪُسن ٿيون-
جتي منهنجا مارو اڃارا اڃارا-
جتي منهنجي مارن سڙي ويا ٻيجارا-
هو ڌرتي اباڻن جي بنجر بڻيل آ-
نه سالن کان ڌرتيءَ بهارون ڏٺيون ڪي-
نه سالن کان ڌرتيءَ تي گل ڪو ٽڙيو آ-
پائي ڳل ڳراٽيون هو ڀونرا چون ٿا،
سدائين خزان جو رهيو راڄ آهي-
اڏامي ويا رنگ سڀ پوپٽن جا-
نوان سال اچ توکي هي ڀي ٻڌايان،
اباڻن جي ڌرتيءَ تي ڇا ڇا نه آهي!
ڪاڇو، وچولو، سرو ڀي آ هتڙي-
ٿر، بر، جبل ۽ سمندر ڀي هتڙي-
ڌرتيءَ جو داتا دريا ڀي هتڙي-
هيءَ ڌرتي سڄي سون هيرا جواهر-
هن ڌرتيءَ ۾ ڪيئي لڪل هن خزانا-
مگر پوءِ به مارن جا انگ هن اگهاڙا،
مگر پوءِ به مارو ويچارا ويڳاڻا-
ويهي ولهه تي هو ٿا ڪاٽين سيارا-
ڏسو، ڏيل ڏٻرا اباڻن جا آهن-
بکن ۾ گذاري بکون ئي ٿا کائن-
ڏسو، هو ڀريل هيڏي بازار ۾،
ٻچن کي کپائڻ جا هوڪا ڏين ٿا-
ڏسو خودڪشيون روز هتڙي ٿين ٿيون-
جٺيون ۽ جفائون سر عام ٿين ٿيون-
ڏسو هت اباڻن کي ٻوڏون ٿيون ٻوڙين-
الهه تلهه لهرون انهن جو ٿيون لوڙهين-
مگر پوءِ به مارن جي سوچن مٿان،
وڏا ڪلف چائنا جا تالا لڳل هن-
۽ هڪ ٻئي جا ويري هو ازلئون بڻيل هن-
هڪ ٻئي جي ڪيڏا نه رت جا هو پياسا!
گولين بمن ساڻ هڪ ٻئي جا هتڙي،
ڏسو ڪيئن نه پيا ٿا هو گهرڙا اجاڙين-
انهن جي اکين تي چڙهيل هنِ کوپا،
جو دشمن سڃاڻڻ کان عاري بڻيل هن-
دشمن، جي تن لئه کڏون پيا ٿا کوٽين
۽ ٻوڙڻ لئه تن کي هو سوچين ويٺا-
هنن جي تباهيءَ لئه لوچين ويٺا-
نوان سال تون شال ايندين کڻي!
وڏا ڪي هٿوڙا،
جن ساڻ مارن جي سوچن مٿان،
لڳل ڪلف تالا ٿيندا ڀورا ڀورا
۽ سڃاڻڻ هو لڳندا پنهنجا دوست دشمن-
مڙي پاڻ ۾ جڏهين مُٺ ٿي هو ويندا
۽ ويڇا وساري کنڊون کير ٿيندا-
هٿن ۾ کڻي پو ڪهاڙيون، ترارون،
وڏيون رڪ وهنديون ڪندا هتڙي رانديون-
سردار ڀوتار سڀ ڌوڙ ٿيندا
۽ اڏيل انهن جي هيءَ ڪاڪ ساري،
سلامت نه رهندي،
سلامت نه رهندي.....!
نوان سال ڪيئي اميدون هن تو مان-
نوان سال تون شال،
منهنجي اباڻن جي ڌرتيءَ مٿان،
خوشين جا خزانا ايندين کڻي-
جتي منهنجي مارن کان عيدون رُٺل هن-
جتي منهنجي مارن جي تسبيح ٽٽل آ-
جتي منهنجا مارو قبيلا بڻيل هن-
جتي منهنجي مارن جو سڀ ڪجهه ڦُريل آ-
جتي روز ٻاگهيون ڪهاڙيءَ ڪُسن ٿيون-
جتي منهنجا مارو اڃارا اڃارا-
جتي منهنجي مارن سڙي ويا ٻيجارا-
هو ڌرتي اباڻن جي بنجر بڻيل آ-
نه سالن کان ڌرتيءَ بهارون ڏٺيون ڪي-
نه سالن کان ڌرتيءَ تي گل ڪو ٽڙيو آ-
پائي ڳل ڳراٽيون هو ڀونرا چون ٿا،
سدائين خزان جو رهيو راڄ آهي-
اڏامي ويا رنگ سڀ پوپٽن جا-
نوان سال اچ توکي هي ڀي ٻڌايان،
اباڻن جي ڌرتيءَ تي ڇا ڇا نه آهي!
ڪاڇو، وچولو، سرو ڀي آ هتڙي-
ٿر، بر، جبل ۽ سمندر ڀي هتڙي-
ڌرتيءَ جو داتا دريا ڀي هتڙي-
هيءَ ڌرتي سڄي سون هيرا جواهر-
هن ڌرتيءَ ۾ ڪيئي لڪل هن خزانا-
مگر پوءِ به مارن جا انگ هن اگهاڙا،
مگر پوءِ به مارو ويچارا ويڳاڻا-
ويهي ولهه تي هو ٿا ڪاٽين سيارا-
ڏسو، ڏيل ڏٻرا اباڻن جا آهن-
بکن ۾ گذاري بکون ئي ٿا کائن-
ڏسو، هو ڀريل هيڏي بازار ۾،
ٻچن کي کپائڻ جا هوڪا ڏين ٿا-
ڏسو خودڪشيون روز هتڙي ٿين ٿيون-
جٺيون ۽ جفائون سر عام ٿين ٿيون-
ڏسو هت اباڻن کي ٻوڏون ٿيون ٻوڙين-
الهه تلهه لهرون انهن جو ٿيون لوڙهين-
مگر پوءِ به مارن جي سوچن مٿان،
وڏا ڪلف چائنا جا تالا لڳل هن-
۽ هڪ ٻئي جا ويري هو ازلئون بڻيل هن-
هڪ ٻئي جي ڪيڏا نه رت جا هو پياسا!
گولين بمن ساڻ هڪ ٻئي جا هتڙي،
ڏسو ڪيئن نه پيا ٿا هو گهرڙا اجاڙين-
انهن جي اکين تي چڙهيل هنِ کوپا،
جو دشمن سڃاڻڻ کان عاري بڻيل هن-
دشمن، جي تن لئه کڏون پيا ٿا کوٽين
۽ ٻوڙڻ لئه تن کي هو سوچين ويٺا-
هنن جي تباهيءَ لئه لوچين ويٺا-
نوان سال تون شال ايندين کڻي!
وڏا ڪي هٿوڙا،
جن ساڻ مارن جي سوچن مٿان،
لڳل ڪلف تالا ٿيندا ڀورا ڀورا
۽ سڃاڻڻ هو لڳندا پنهنجا دوست دشمن-
مڙي پاڻ ۾ جڏهين مُٺ ٿي هو ويندا
۽ ويڇا وساري کنڊون کير ٿيندا-
هٿن ۾ کڻي پو ڪهاڙيون، ترارون،
وڏيون رڪ وهنديون ڪندا هتڙي رانديون-
سردار ڀوتار سڀ ڌوڙ ٿيندا
۽ اڏيل انهن جي هيءَ ڪاڪ ساري،
سلامت نه رهندي،
سلامت نه رهندي.....!
روزانه عوامي آواز جي ٿورن سان