• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پي۔بي شيلي جو نظم "ماتم" رشيد زهراڻي

رشيدالله

سينيئر رڪن
A Lament

O World! O Life! O Time!
On whose last steps I climb,
Trembling at that where I had stood before;
When will return the glory of your prime?
No more -Oh, never more!

Out of the day and night
A joy has taken flight:
Fresh spring, and summer, and winter hoar
Move my faint heart with grief, but with delight
No more -Oh, never more!

Percy Bysshe Shelley




ماتم
اي دنيا! اي زندگي! اي زمانه!
جنهن تي مان پنهنجا آخري قدم ڦيري رهيو آهيان،
ان جاءِ تي جتان منهنجو پهريان به گذر ٿي چڪو آهي،
اتان ٻيهر گذرندي مونکي ڏڪڻي ٿي وٺي،
تنهنجي جوانيءَ جو عروج وري ڪڏهن ورندو،
ڪڏهن به نه، افسوس! صد افسوس! ڪڏهن به نه!
رات ۽ ڏينهن منجھان،
ڪو مزو هو،
جيڪو،
هاڻي شايد موڪلائي ويو آهي،
تازيون توانيون بهارون،
اونهاري جا گرم ڏينهن،
۽ ٻڍاپي جو سفيد ڪفن اوڙهيل،
سرءُ جي رت،
ڪاش،
منهنجي اداس من کي،
هوند،
غم ۾ ويڙهيل،
ڪا خوشي ئي ڏئي سگھي،
پر نه،
هاڻي نه،
شايد
ڪڏهن به نه​
 
جواب: پي۔بي شيلي جو نظم "ماتم" رشيد زهراڻي

ڀاءُ زهراڻي جيتوڻيڪ پاڻ لطيف جون وايون ۽ سچل جي ڪافين ٻڌڻ جا عادي ٿي ويا آهيون، پر پوءِ به اوهانجا لک ٿورا جو اوهان انگريز ۽ دنيا جي ٻين علائقن جي ڏاهن جون وارداتون ٻڌائي ڪجهه چڱو ئي ڪريو ٿا ۔۔۔

اداس من جي شانتي ته انگريز کي به گهرجي ته موئن جي دڙي جي زهراڻيءَ کي به گهرجي ۔۔۔ ڪير اهڙو شخص آهي جيڪو من جي شانتيءَ جي ڪڍ ناهي ۔۔۔ گذرندڙ لمحن ۽ هٿ مان ترڪندڙ حياتيءَ تي ڪنهنکي ڏک نه ٿيندو هوندو ۔۔۔ انسان چاهي هتان جو هجي يا هتي جو ۔۔۔ احساس ته ساڳيا آهن

ادا زهراڻي سٺو ڪم پيا ڪيو ۔۔۔ هڪ ڏينهن اهڙو به ايندو جو اوهان پنهنجي اداسيءَ ۽ خوشيءَ جي واردات پنهنجي زباني بيان ڪندا ته تخليق ٿيندي ۔۔۔ ۽ واه واه ٿي ويندي ۔۔۔

رب اوهانکي هميشه خوش رکي ۔۔۔ آمين ۔۔۔
 
جواب: پي۔بي شيلي جو نظم "ماتم" رشيد زهراڻي

ادا سٺي ڪوشش آهي

اسان سنڌيء جي شاعرن کي ته گهڻو پڙهون پيا پر اوهان دنيا جي ٻين ٻولين مان سٺي چونڊ کڻي اسان سان سنڌيء ۾ ونڊ ڪئي آهي۔
 
جواب: پي۔بي شيلي جو نظم "ماتم" رشيد زهراڻي

مهرباني ادا وساڻ۔ منهنجي اهيا ڪوشش آهي ته مان پنهنجي وس آهر سنگت سان ٻاهرين ادب کي پنهنجي زبان ۾ پيش ڪندو رهان۔ بس توهان جي همت افزائي ئي منهنجي لا سڀ کان وڏو انعام آهي۔



لکين لائق سنگت جا
ولسلام
 
جواب: پي۔بي شيلي جو نظم "ماتم" رشيد زهراڻي

ادا زهراڻي انسان جيتوڻيڪ مختلف ٻولين، خطن جو رهواسي هجي ٿو پر ڏکڻ کان اتر، اولھ کان اوڀر جورهواسي ڇو نه هجي پر سندس اندر جو انسان ساڳيو (يونيورسل) آهي اوهان جي مهرباني جو انهن جذباتن جي ترجماني ٿا ڪيو وسلام
 
Back
Top