• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آمريڪا استنبول کي ايران جي جاسوسي جو ڳڙهه ٺاهيو آهي: وڪي ليڪس

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
آمريڪا استنبول کي ايران جي جاسوسي جو ڳڙهه ٺاهيو آهي: وڪي ليڪس

آمريڪا ايران جي جاسوسي لاءِ ترڪي ۾ رهندڙ ايراني رهواسين يا ايران جي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن کان مدد حاصل ڪندو رهيو آهي. انهيءَ مقصد لاءِ استنبول ايران جي خلاف آمريڪي جاسوسي جو ڳڙهه بڻجي ويو آهي. اِها ڳالهه هڪ آمريڪي خط جي ذريعي ظاهر ٿي آهي جيڪو 15 سيپٽمبر 2009 تي واشنگٽن اُماڻيو ويو. خط موجب ترڪي ۾ ايران جا 50 هزار شهري آباد آهن جن مان ڪيترا ئي پڙهيل لکيل آهن.

ايران جي انقلاب کانپوءِ ايران ۽ آمريڪا جي درميان سفارتي لاڳاپا ختم ٿي چُڪا آهن. اهڙي وقت ۾ وڪي ليڪس پاران جاري ڪيل خط ۾ آمريڪا پاران ايران جي خلاف جاسوسي ڪرڻ وارو طريقو ڄاڻايو ويو آهي. آمريڪي سفارت خانو ايران جي متعلق جن ماڻهن سان رابطا رکندو آهي انهن ۾ سلامتي ۽ بچاءُ واري کاتي سان تعلق رکندڙ عهديدار شامل آهن. آمريڪا انهيءَ ڳالهه جو خيال پڻ رکندو آهي ته ايراني حڪومت کي انهن ماڻهن جي متعلق خبر نه پوڻ گهرجي.

پر ڪيترا ئي ڀيرا ايراني حڪومت کي انهن ڳجهين لاڳاپن جي خبر پئجي ويندي آهي. خط ۾ 3 ڪيسن جو مثال پيش ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ايراني عملدارن کي ڳجهين ڳالهين جي خبر پئجي وئي آهي جنهن کانپوءِ انهن کي رابطا ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.

هڪ مثال ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته استنبول ۾ ايران جي پريس ٽي وي جي رپورٽر کان آمريڪي سفارت خانو ايران جي متعلق معلومات حاصل ڪندو رهيو آهي. جڏهن ايران کي معلوم ٿيو ته انهيءَ عورت رپورٽر کي رابطا ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. پر عورت صحافي اِها دليل ڏيندي هدايت مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ته اُها برطانوي شهري آهي. خط ۾ ترڪ ايران بزنس ڪائونسل جي هڪ عهديدار جو نالو ڄاڻايو ويو ته آمريڪي سفارتڪار ان کان به ايران جي متعلق انفارميشن وٺندا رهيا آهن جنهن کانپوءِ ايراني حڪام کيس چوڪس رهڻ جي هدايت ڪئي.​

عوامي آواز جي ٿورن سان
 
Back
Top