جواب: جيئي سنڌ سدا جيئي، لڳي ٿو ته عاشق به هاڻ عشق سنڌ ۾ مڙئي شاعرانه انداز اختيار ڪندو پيو وڃي ۔۔۔ ماشاء الله عاشق ادا، سدا جيئي سنڌ ۔۔۔ ۽ سلامت رهي سهڻو اجرڪ ۽ ٽوپي ۔۔۔
جواب: جيئي سنڌ سدا جيئي، سنڌڙي جندڙي پياري پياري، عشق منجھان استاد بخاري، ويٺا گيت ٺاهيون ۽ ڳايون، مِٺي پنهنجي سنڌ جا.
جواب: جيئي سنڌ سدا جيئي، سنڌ سان اهڙي جند اڙي جو ٻيا دل وارا وسري وي جيئي سنڌ سدائين جيئي ٻيا سڀ نعرا وسري ويا
جواب: جيئي سنڌ سدا جيئي، اَي سنڌ، مِٺي سنڌ (گيت) قلب سومرو اَي سنڌ، مِٺي سنڌ، تو کي ڳايان مان هر هنڌ، اَي سنڌ منهنجي جِند، تو کي ڳايان مان هر هنڌ. تون آهين ويساهه منهنجو، تو ۾ ئي آ ساهه منهنجو، ٿو پُڪاري سَنڌُ سَنڌُ، اَي سنڌ، مِٺي سنڌ. تنهنجا مان جھر جھنگ گھُمان، تنهنجي مِٽيءَ کي مان ڇُهان، جِيءَ جياري سَنڌ سُڳنڌ، اي سنڌ، مٺي سنڌ. تو مان مان ڄائو آهيان، تو مان ئي ٿيو سائو آهيان، تو سين آهي اُوچو ڪنڌ، اي سنڌ، مٺي سنڌ. چاهي ڪاڏي ڏور وڃان مان، چاهي امبر منجھه اڏان مان، ته به تو ڏي جاري رهندو پنڌ، اي سنڌ، مٺي سنڌ. تنهنجي ويرين سان وڙهندس، غدار گيدين سان لڙندس، جن مچايو آهي انڌ، اي سنڌ، مٺي سنڌ. جڳ ۾ سڀ کان پياري تون، قلب لئي عيد ۽ ڏياري تون، باقي سڀ ڪجھه آهي ڌُنڌ، اي سنڌ، مٺي سنڌ.