يار عاشق ڳالهيون ته ڏاڍيون ڀليون ڪيون ٿي۔۔۔۔۔۔
هت سچل ڳوٺ ۾ قوميت جي نالي تي جيڪي اسان جي پنهنجن ڪلور ڪيا آهن نه پڇ۔ هت نه ڪو ٻاهريون ٿو اچي نه ڪو ڌاريو ٿو اچي پر پنهنجن ئي لُٽ ٻاري ڇڏي آهي۔ نياڻين جي ڪنن ۽ ٻانهن ۾ زوريء زيور پيا لاهين۔ سنڌ جي عزتن سان پيا کيڏن۔
پر جڏهن اهي ئي ماڻهو پوليس پڪڙي ٿي وڃي ته اسان جون قومي ۽ سياسي پارٽيون انهن لاء احتجاج ٿيون ڪن ، رستا بلاڪ ٿا ڪن ، پنهنجا ئي دڪان بند ٿا ڪرائن۔
هتان جي باشعور ماڻهن جڏهن ان صورتحال کي ڏٺو آهي ته سيڪيورٽي گيٽ لڳرايا آهن ، جيڪي اڃان ٺهيا ئي ڪونه آهن ته انهن تي ڪيئي ڊزن جهنڊا ۽ تصويرون لڳائي ڇڏيون اٿن۔ سڄي سنڌ ۾ ايترا جهنڊا ڪونه هوندا جيترا سچل ڳوٺ ۾ لڳايا اٿن۔ پنهنجي ئي ماڻهن کي پيا جهنڊا ڏيکارين۔ ڪنهن کي ايتري همت ڪانه ٿي ٿين جو نيپا ٽپي ڪو جهنڊو لڳائن۔۔۔۔۔
بس يار دعا ڪر ته شال سمجهن ، تعليم حاصل ڪن ۽ گڏ ٿين ۔۔۔۔۔۔