سنڌ سلامت جو سينيئرميمبر هئڻ جي ناتي سان مان گهوٽڪي فورم جي ايڊمن ، نوجوان شفيق محترم سائين مسڪان گل کي سنڌ سلامت فورم تي سڄي سنڌ سلامت سٿ پاران ڀليڪار چوان ٿو۔ ۽ ادا جي اڳيان هي محبتن ۽ چاهتن، ڀريا گل پيش ڪريان ٿو۔ ۽ اميد رکان ٿو ته ادا پنهنجي ناياب لکڻين سان سنڌ سلامت فورم کي چار چنڊ لڳائيندا ۽ اسان اٻوجهه سنڌين کي بهتر کان بهترين ڄاڻ ڏيندا۔ ادا مسڪان گل هي گل قبول ڪندا . sindhsalamatsaathsal
ادا مسڪان گل سنڌ سلامت جي اڱڻ تي منتظر علي توهان کي ڀلي ڪار ٿو چئي. مٺا اميد ته اسان توهان پنهنجي ناياب لکڻين سان فورم کي چار چنڊ لڳائيندا.
جي ادا ڦلپوٽا توهان جا لک لائق جو توهان سائين گل سومرو جن کي ڀليڪار ڪئي ۔۔۔۔۔ دوستن کي ٻڌائيندو هلان ته ادا گل سومرو انتهائي لائق ۽ قابل شخصيت جي مالڪ آهن ۔۔۔ ڪمپيوٽر جي حيران ڪن طور تي تمام بهترين ڄاڻ رکندڙ ادا گل سومرو کي اردو جي هڪ بهترين فورم تي پڻ مان مسڪان گل جي نالي سان سڃاڻان پر پنهنجي اردو فورم گهوٽڪي ڊاٽ نيٽ تي گل سومرو جي نالي سان ئي موجود آهن۔۔۔۔ مسڪان جي ڪهاڻي يا راز ڇا آهي ان جو جواب ته سنڌ سلامت جي ساٿين جي قابليت تي آهي ته اهي سائين گل سومرو کي ڪهڙي طرح راضي ڪري معلوم ڪري وٺن۔۔۔ باقي ادا جو سنڌ سلامت فورم تي اچڻ ئي اسان لاءِ فخر جو مقام آهي۔۔۔۔ ادا گل سومرو توهان جا وڏا وڙ جو سنڌ سلامت تي ڪَهي آيا۔۔۔۔ مناسب سمجهو ته سنڌ سلامت ساٿ سان پنهنجي باري ۾ تعارف ونڊيو ۔۔۔۔ مون کي اميد آهي تي توهان جون هتي گهاريل گهڙيون نه وسارڻ جهڙيون هونديون۔۔۔۔۔
ادا گل سومرو صاحب اوهان کي هن ناچيز جي طرفان به سنڌ سلامت تي اچڻ جي لاءِ لک لک واڌايون هجن۔۔۔۔ سائين مان تمام گهڻو خوش ٿيس ته اسان جو ادا گل سومرو منهنجو ذات ڀائي آهي۔۔۔۔ ادا ان کان وڌ اها خوشي ٿي جيڪا ادا رشيد سمون اوهان جي باري ۾ ٻڌايو۔۔۔ مان فّخر سان چئي سگهندس، منهنجو مائٽ پنهنجي مٺڙن سنڌين کي پنهنجي علم سان سرشار ڪندو پنهنجين ڀلوڙ لکڻين سان اسان نوازيندو۔۔۔۔۔ منهنجا ڀاڳ کليا جو منهنجو مائٽ هن فورم تي ڪَهي آيو۔۔۔ مائٽ سائين اوهان کي منهنجي طرفان ٻيهر دل جي گهرائين سان مبارڪون، هجن۔۔۔ الله رب العزت اوهان جي علم ۾ واڌارو ڪري ۔۔۔۔۔ پنهنجي فيض هن سنڌ سلامت کي فيضياب ضرور ڪجو۔۔۔۔shal judy hujeen
لک ٿورا اسلام عليڪم تمام دوستن جا تمام گهڻا ٿورا جن هت مونکي ڀليڪار چيو۔ ادا تعارف تمام مختصر آهي ، نالو گل محمد سومرو اٿم، ڪمپيوٽر نالي شئ سان 1998 کان لاڳاپيل آهيان، ان کي ٺاهڻ ۽ ڊاهڻ منهنجو ڪم آهي۔ سنڌي ۾ هي فورم ڏسي بيحد خوشي ٿي جو اسان جي جيجل سنڌي ۾ دوست سٺو ڪم پيا ڪن ، ساراه جوڳو ڪم آهي۔ پنهنجي عمل آڌار شيئرنگ ڪندو رهندس، پنهنجو هڪ ننڍڙو اردو ۾ فورم آهي www.ghotki.net/forum تمام دوستن کي فورم تي اچڻ جي آڇ ٿو ڪريان۔ انشا الله ساٿ سلامت رهندو sindhsalamatsaathsal
ادا مسڪان گل هي گل توهان کان وڌيڪ سهڻا ناهن توهان ته پاڻ ئي ( گل ) آهيو ادا اسان کي اوهان جي لکڻين جو بي چيني سان اتنظار رهندو .shal judy hujeen sindhsalamatsaathsal
ادي نور ادي نه پر ادو مسڪان گل سائين جو نالو گل سومرو آهي توهان ان جو تعارف چڳي نموني پڙهو ته توهان کي ان جي خبر پئجي ويندي اها ته سائين جي ذرا نوازي آهي جو ادو مسڪان گل هن ننڍڙي اڳڻ تي آيا آهن shal judy hujeen sindhsalamatsaathsal