ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
حضرت علامه مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحمه الله صاحب
ادا مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح جهڙي شخصيت کان ڪير واقف نه آهي، ٺٽي جي عالمن ۽ بزرگن ۾ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح صاحب جي شخصيت ستارن ۾ چنڊ مثل آهي۔ سندس لائبريري به دنيا جي وڏين لائبريرين مان هڪ لائبريري هئي ۽ سندس لائبريري ۾ چوٿين صدي جا قلمي نسخه به سنڀاليل هئا، سندس لائبريري لاء سنڌ جو مشهور عالم اديب علامه غلام مصطفه قاسمي رح صاحب ماهوار رسالي نئين زندگي جي جولاء 1959ع واري پرچي ۾ هاشميه لائبريري واري عنوان ۾ لکي ٿو ته ۔۔۔۔ مخدوم صاحب جي لائبريري دنيا جي وڏين لائبريرين مان هڪ لائبريري ڳڻي ويندي هئي ۽ دنيا جو ڪو اهڙو ڪتاب نه هو جيڪو هن ڪتبخاني ۾ موجود نه هجي، اڄ اها لائبريري غيرن جو شڪار نه ٿئي هان ۽ سنڌ ۾ رهي هان ته مصر ۽ اسپين جي قديم ڪتب خانن جون سڪون لاهي هان۔ ۔۔۔۔ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح صاحب جن پاڻ هڪ وڏا عالم، مبلغ، ، محدث، فقيه، مفتي، تفسير جا ڄاڻو، تاريخدان ۽ بزرگ ٿئي گذريا آهن، سندس والد صاحب جو نالو عبدالغفور حارثي هو، پاڻ ذات جا پنهور هئا، ۽ حارثي سندس پاڙوهو۔ شروعاتي تعليم پنهنجي والد صاحب کان حاصل ڪيائين، تنهن کانپوء ٻين ڪيترن ئي عالمن کان به علم پرايائين،مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح صاحب سنڌي، عربي، ۽ فارسي ۾ ڪيترائي ڪتاب پڻ لکيا اٿن۔ سندس پنهنجن ڪتابن جو تعداد تقريبن 150 ٻڌايو ٿو وڃي جڏهن ته 300 ڪتابن تي ته مخدوم صاحب جا حاشيه لکيل آهن سندس ڪتابن مان مشهور ڪتاب تفسير هاشمي آهي، پاڻ نه صرف نثر نويس هئا پر پاڻ هڪ بهترين شاعر به هئا، پاڻ سنڌي سان گڏ فارسي شاعري پڻ ڪئي اٿن، ۽ سندس فارسي شاعري ( مدح نامون سنڌ) ۾ جهجهي تعداد ۾ ملي ٿي جنهن کي سنڌ جي هڪ وڏي عالم مولانه محمد ادريس ڏاهري صاحب جن سنڌي ۾ ترجمو ڪيو آهي، پاڻ شاه صاحب جا همعصر بزرگ آهن، پاڻ 11۔4 هه مطابق 1692ع ۾ پيدا ٿيا، ۽ 1174هه مطابق 1761ع ۾ وفات ڪيائون۔) ( مون کي زندگي ۾ هڪ ڀيرو سندس قبر مبارڪ تي فاتحه پڙهڻ جو موقعو مليو آهي، سندس قبر مٿان به الله جي رحمت آهي جو سندس قبر مٿان ڪو به غير شرعي ڪم مون نه ڏٺو۔ ادا طاهر صاحب توهان حضرت علامه مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحمه الله صاحب جن جو هڪ قلمي نسخو (ڪشف الغطاء فيما يحل ويحرم من النوح والبڪاء) کي صرف ( عربي ۾ ئي ) ايڊٽ ڪري ڇپرائيندو يا ان جو سنڌي ۾ ترجمو به ڪري رهيا آهيو۔ اگر ترجمو به ٿئي وڃي ته اهيو ڪم تمام بهترين ڪم ٿئي ويندو۔ جنهن سان هر عام سنڌي کي به فائدو پهچندو۔ ۽ ماشاءالله سان توهان جي عربي به تمام سٺي آهي، ۽ توهان ايم فل ۾ تحقيق به عربي جي لٽريچر تي ڪري رهيا آهيو،
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح جي باري ۾ عبدالرسول قادري صاحب جو مڪمل ڪتاب پڙهڻ لاء ڪتاب جي عنوان مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح تي ڪلڪ ڪري توهان مڪمل ڪتاب پڙهي سگهو ٿا،