ٽنڊو محمد خان شهر منهنجي نظر ۾ تحقيق ۽ تحرير: اعظم ڀٽي سنڌ جي عظيم ڌرتي تي لاڙ جي زرخيز سرزمين جو قديم ۽ تاريخي شهر ٽنڊو محمد خان سن 1791ع ۾ مير محمد خان شاهواڻي ٽالپر تعمير ڪرايو، جيڪو تاريخي اعتبار سان لاڙ جو وڏو واپاري مرڪز ۽ زرعي خطو آهي، ٽنڊو محمد خان جو باني مير محمد خان ٽالپر ، مير غلام محمد خان ٽالپر جو پُٽ ۽ مير شاهو خان جو پوٽو هو، مير شاهو خان سندس چاچي ۽ سهري مير شهداد خان ٽالپر سان گڏ ديهه پٽ باران جي ڏيره جات علائقي ۾ رهندو هو. ڪلهوڙا دؤر حڪومت تائين ٽالپر پنهجا ڪوٽ ۽ قلعا اڏائي رهندا هئا. پر ٽالپر حڪومت جي قيام شرط ڏيره جات ٽُٽڻ لڳو، اُن جو سبب اهو هو ته ٽالپرن کي پنهنجي حيثيت موجب سنڌ جي مختلف علائقن ۾ جاگيرون ملنديون ويون ۽ اهي اتان اٿي پنهنجا پنهنجاشهر ٻڌي آباد ٿيا.اهوئي سبب آهي جو سنڌ ۾ جيڪي به ٽنڊا آهن اهي سڀ ميرن جي دؤر ۾ آباد ٿيا. مير محمد خان مير فتح علي جي پڦي جو پوٽو هو، جنهن سان گڏجي ڪلهوڙن خلاف معرڪا ڪيائين ۽ جڏهن مير فتح علي خان جي حڪومت قائم ٿي ته مير محمد خان کي هڪ وڏي جاگير ملي، جنهن جي ڪل پکيڙ ٽي لک ايڪڙ هئي، 1783ع ۾ مير فتح علي خان ٽالپر جي حڪومت قائم ٿيڻ ۽ جاگيرون ملڻ کان پوءِ انهن جي نظر داري لاءِ مير محمد خان ٽالپر کي وقت به وقت اچڻو ٿي پيو، ۽ ڏيره جات ڦٽڻ ڪري پنهنجو ڳوٺ ٻڌائڻو پيو. جنهنڪري سندس نظر هن علائقي تي پيئي. مير فتح علي خان جي حڪومت جي اٺن سالن کان پوءِ 1791ع ۾ مير محمد خان شاهواڻي ،گوني جي ڪپ تي هي شهر ٽنڊو محمد خان جي نالي سان جوڙايو، 1809ع ۾ انگريز ايلچي سر هينري پا ٽينجر ٽنڊو محمد خان ۾ آيو، ان وقت مير محمد خان ٽالپر جو سئوٽ مير سلطان علي خان ٽالپر هتي رهندو هو. سر هينري پاٽينجر پنهنجي ڪتاب ”ٽريولس آف سنڌ بلوچستان“ ۾ لکيو آهي ته ٽنڊو محمد خان هڪ وڌندڙ ۽ قلعي نما شهر آهي، هتي مير سلطان علي خان ٽالپر جي رهائشگاهه آهي جيڪو حاڪم ميرن جو رشتيدار آهي سندس آمدني 4 کان 5 لک روپيا آهي“ مير سلطان علي خان ايران مان اعلى نسل جا قيمتي گهوڙا خريد ڪري هندستان سپلاءِ ڪندو هو،انهيءَ زماني ۾ ٽنڊو محمد خان ۾ سندس هڪ وڏو اصطبل هوندو هو. جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ گهوڙا ۽ اُٺ بيٺل هوندا هئا. ٽنڊو محمد خان آباد ڪرائڻ جي 21 سالن کان پوءِ 13 آڪٽوبر 1812ع ۾ هن شهر جو باني مير محمد خان ٽالپر وفات ڪري ويو. سندس مقبرو انهيءَ وقت جي مشهور علاقي فتح باغ ۾ آهي.ماتلي ويجهو اهو مقبرو مير محمد خان پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي جوڙائي ڇڏيو هو. مياڻي ءَ جي جنگ جو هيرو مير غلام شاهه شهيد، مير محمد خان جو پوٽو هو ، جيڪو 17 فيبروري 1843ع تي مياڻي جي ميدان ۾ بهادريءَ سان وڙهندي پنج هزار سنڌين سان گڏ شهادت جو جام پيتو. مير غلام شاهه شهيد جنگ تي وڃڻ کان پهرين پنهنجي هڪ معتقد سرائي پانڌي خان کي وصيت ڪئي ته ” خدانخواسته آئون وڙهندي شهيد ٿي وڃان ته منهنجو لاش منهنجي مرشد(لنواري شريف بدين)جي قدمن ۾ رکجو“ نيٺ هو مياڻيءَ جي جنگ ۾ انگريزن سان وڙهندي شهيد ٿي ويو. سرائي پانڌي خان مياڻي جي ميدان مان پنج هزار لاشن مان وڏي مهارت سان ڊرامائي انداز ۾ مير غلام شاهه شهيد جو لاش لڪائي ڪڍي رات جو ٽنڊو محمد خان کڻي آيو، جيڪو امانت طور بخاري سيد جي قبرستان ۾ دفنايو ويو.تقريبن ڇهن مهينن کان پوءِ جيئن ئي حالتون بهتر ٿيون ته مير غلام شاهه شهيد جو لاش ڪڍي لنواري شريف بدين ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو.سنڌ جي تاريخ ۾ مير غلام شاهه شهيد کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي، 1842ع ۾ ٽنڊو محمد خان کي تعلقي جو درجو ڏيئي تعلقه گوني جو نالو ڏنو ويو، ٽالپرن جي دؤر حڪومت ۾ ميرمحمد خان ٽالپر کي غريب نواز، ايماندار ۽ انصاف پسند هئڻ جي ناتي علائقي جي عوام کي سستو انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ عدالتي اختيار پڻ ڏنا ويا هئا، شهر جي مير محلا۾، مير صاحب هڪ عمارت ۾ عدالت پڻ هلائيندا هئا، جيڪا اڄ به ٽنڊو محمد خان شهر ۾ زبون حالت ۾ موجود آهي. ٽنڊو محمد خان شهر جي وچ مان وهندڙ ڦليلي (گوني) ڪئنال جي ٻنهي ڪنارن تي ماضيءَ ۾ هڪ وڏي ايراضيءَ تي انب، ڄمون، زيتون، توت، پپيتي، ۽ ناريل جا باغ هوندا هئا، جيڪي شهر جي خوبصورتي جو املهه نشان هئا، جن جو هاڻي وجود ئي ناهي، ماضيءَ ۾ اجرڪ سازي، جنڊيءَ جو ڪم ۽ مٽيءَ جي ٿانون جي مصنوعات، ڏيهان ڏيهه مشهور هئي. 20 کان وڌيڪ اجرڪ ٺاهڻ جا ڪارخانا هئا، جتي هٿ جي هنر ذريعي اجرڪون ٺاهيون وينديون هيون جن مان باقي ڪي چند ڪارخانا بچيا آهن ، اجرڪ جي هنر لاءِ خصوصي طور آرٽيزن ڪالوني پڻ حڪومت پاران تعمير ڪرائي وئي هئي، جيڪا پڻ زبون حالت ۾ موجود آهي. ان کان علاوه علائقي جي مشهور سوغات جي حوالي سان ٽنڊو محمد خان جو مربو ۽ پينهون پڻ تمام گهڻا مشهور هئا. 1844ع ۾ انگريزن جاگيرن جي مسئلي کي حل ڪرڻ کانپوءِ سندن طور طريقي موجب انتظامي جوڙ جڪ ڪرڻ شروع ڪئي، ابتدا ۾ هنن سنڌ اندر ٽي ڪليڪٽوريٽ ۽ ڪيترائي ضلعا قائم ڪيا جنهن ۾ ٽنڊو محمد خان به ضلعي طور شامل هو، جنهن جو ڊپٽي ڪليڪٽر ڪئپٽن جوسن مقرر ٿيو، ٽنڊو محمد خان ضلعي ۾ ٻارنهن پرڳڻا شامل ڪيا ويا. جن ۾ سماوتي، اُودا جنڊي، هنڱوراڻي،ڪرلي ٽڪور،سعيد پور ، لوڊاڻ، چئودرا، کٿڙ، اگهيماڻي، ڪسڪارتيار، ڍنڍي کوکر، شاهه واهه مشروق، شاهه واهه، منگوبي، ۽ جهولي ڍنڍي شامل هئا. انگريزن جي دؤر حڪومت ۾ ئي ٽنڊو محمد خان کان ضلعي جو درجو واپس وٺي سب ڊويزن جي حيثيت قائم ڪئي وئي. ٽنڊو محمد خان ۾ 1904ع ۾ ريلوي اسٽيشن قائم ٿي.پهرين ٽرين 15 آگسٽ 1904ع تي هلائي وئي جيڪا حيدرآباد کان بدين تائين هلندي هئي. حيرت جهڙي ڳالهه اها هئي ته پهرين ڏينهن هلندڙ ٽرين سان ليمن فقير لغاري نالي هڪ مجذوب سامهون ٽڪرائجي فوت ٿي ويو هو. 1914ع ۾ جيئن ئي پهرين عالمي جنگ شروع ٿي ته انگريزن نه صرف ٽرين سروس بند ڪري ڇڏي پر ريل جون پٽڙيون به اکيڙي کڻي ويا، 10 سالن کانپوءِ 1924ع ۾ ٻيهر ٽرين سروس شروع ڪئي وئي. ٽنڊو محمد خان زرعي علائقي سان گڏوگڏ شوگر اسٽيٽ جو درجو پڻ رکي ٿو. ٽنڊو محمد خان تعلقي جي حدن ۾ چار شوگر ملون فوجي شوگر ملز(موجوده ٽنڊو محمد خان شوگر ملز) آبادگار شوگرملز، فاران شوگر ملز ۽ انصاري شوگرملز هيون، يونين ڪائونسل نظر پور ۽ ٽنڊو غلام حيدر جون حدون ٽوڙي ماتلي تعلقي ۾ شامل ڪرڻ سبب انصاري شوگر ملز ماتلي تعلقي ۾ هلي وئي جڏهن ته شاهمراد شوگر ملز جهوڪ شريف ۽ سيري شوگر ملز پڻ ٽنڊو محمد خان جي حدن سان بلڪل گڏ آهن، شوگر جي سلسلي ۾ شايد ئي اهڙي حيثيت سنڌ جي ڪنهن ٻي علائقي کي حاصل هُجي. سنڌ جي روايتي مهمانوازي جي ڇڪ، گُهمڻ ۽ شڪار سانگي انگريز دؤر کان وٺي هن وقت تائين ڏيهي توڙي پر ڏيهي حڪمرانن ۽ سياستدانن کي ٽنڊو محمد خان ڏانهن ڇڪيندي رهي آهي، دنيا جون وڏيون وڏيون شخصيتون ٽنڊو محمد خان اينديون رهيو آهن، جن ۾ راجه اندر، سرهينري پاٽينجر،انگريز گورنر ڊائو ليرڪ(جهن جي نالي ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ڪراچي ۾ آهي) گورنر لارڊ گراهم، گورنير سي ايف موڊي،لبنان ، قطر، دبئي، سعودي عرب، بحرين جا سفير، پنڊت جواهر لعل نهرو، شهزادو شيخ سليمان(بحرين) ان جو والد الخليفه، افغانستان جو بادشاهه ، چين جا سفير ۽ سرڪاري وفد،ذوالفقار علي ڀٽو،(بحيثيت وزير خارجه ۽ صدر پاڪستان) پرنس علي خان ، پرنس آغاڪريم، سروجني نائيڊو، فيلڊ مارشل ايوب خان ، شاهه ايران ، اردن جو شاهه حسين، وزير اعظم بينظير ڀٽو، وزيراعظم نواز شريف سميت ڪيترائي حڪمران ۽ سياسي شخصيتون شامل آهن. 1940ع جي مردم شماري موجب آبادي 5 هزار کان وڌيڪ هئي،جيڪا هن وقت شهرجي هڪ لک کان وڌيڪ ۽ پوري تعلقي جي 3 لک کان وڌيڪ آبادي آهي، جنهن لاءِ هڪ قومي ۽ ٻه صوبائي اسيمبليءَ جون سيٽون مخصوص ٿيل آهن، جن تي اڪثر ڪري مير، پير ۽ سيد ئي چونڊبا رهيا آهن، ٽنڊو محمد خان مان سياسي نمائندگي جي حوالي سان ماضي قريب ۾ مير اعجاز علي خان ٽالپر ٻه ڀيرا، محسن شاهه بُخاري ٻه ڀيرا،مير ممتاز علي خان ٽالپر ۽ سيد قبول محمد شاهه هڪ هڪ ڀيرو صوبائي وزير رهي چُڪا آهن. مير عنايت علي خان ٽالپر وفاقي صلاحڪار ۽ مير علي نواز خان ٽالپر صوبائي صلاحڪار رهي چُڪا آهن، ان کان علاوه سيد نويد قمر وفاقي وزير خزانه ۽ پرائيويٽائيزيشن ڪميشن جو چيئرمين رهي چُڪو آهي جڏهن ته پير محمد سعيد جان سرهندي، حاجي عبدالخالق سومرو، حاجي امين لاکو ، عبدالقادر سومرو، قاضي عبدالمجيد عابد به سياست جي ميدان مان عوام کان ووٽ وٺي اسيمبلين جا چونڊيل نمائندا بنجي چُڪا آهن پر عوام جا بنيادي مسئلا ۽ شهر توڙي تعلقي جي تعمير ۽ ترقي وارو خواب جيئن جو تيئن اڌورو بڻيل آهي، بدقسمتي جهڙي ڳالهه اها آهي جو ٽنڊو محمد خان کي ضلعي جو درجو ڏيارڻ لاءِ فيلڊ مارشل ايوب خان ، جنرل ضياءُالحق، ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي دؤر حڪومتن ۾ ٽي ڀيرا الڳ الڳ ڪميٽيون جوڙيون ويو هيون جن جو سروي رپورٽون انهن حڪومتن جي حوالي ڪيون ويون پر انهن رپورٽن تي ڪوبه عمل نه ڪيو ويو ، پر جنرل مشرف جي دؤر حڪومت ۾حيدرآباد ضلع جي ڪُک مان ٽي ضلعا جهڙوڪ ٽنڊو الهيار، مٽياري، ۽ ٽنڊو محمد خان کي ضلعي جو درجو ڏنو ويو آهي، اهڙيءَطرح ٽنڊو محمد خان کي ٽي تعلقا، تعلقو ٽنڊو محمد خان شهر، تعلقو بُلڙي شاهه ڪريم ۽ تعلقو ٽنڊو غلام حيدر ڏئي ضلعو ٽنڊو محمد خان بنائي عوام جو ڪافي پراڻو مطالبو پورو ڪيو ويو آهي. بشڪريه ديسي طب جي نگري۔
جواب: ٽنڊو محمد خان شهر منهنجي نظر ۾ ادا ممتاز تمام سٺي ونڊ ڪئي اٿئو الله سدائين آباد رکي توهان کي اهڙي تاريخي ونڊ واقعي قابل ستائش جوڳي آهي
جواب: ٽنڊو محمد خان شهر منهنجي نظر ۾ محترم ممتاز علي وگهيو سائين مضمون پڙهي دل خوش ٿي ته اوهان ٽنڊو محمدخان جي تاريخ ۾ دلچسپي رکوٿا پر اهو ڪٿي جو انصاف آهي جو جتان اوهان معلومات کنئي ان جو صحيح حوالو نه ڏنو۔اوهان کي خبر هئڻ کپي ته اسان کي صرف صلي ۾ حوالو ئي ملي ٿو جيڪو ا اهو به اوهان ڏيڻ لا تيار نه آهيو۔انهي ڪري سائين جن کي گذارش آهي ته آئنده گهٽ ۾ گهٽ www.hakimmohdyousif.webs.com جو حولو ڏيندا ته مهرباني ٿيندي ٻي صورت ۾ اوهان جون ڪاوشون چوري جي زمري ۾ اينديون