کاڌي جي سائنس جو تعارف ۽ اهميت حبيب الله راهو کاڌو هر ساهه واري جي زندگي گذارڻ لاءِ هر ٻئي شيءَ کان اهم آهي. انسان ڪپڙي لٽي ۽ گهر وغيره کانسواءِ ته زندهه رهي سگهي ٿو پر کاڌي کانسواءِ زندهه نه ٿو رهي سگهي. کاڌي جي هر اها شيءَ جيڪا ساهه وارا روزمرهه جي حوالي سان ڪتب آڻين ٿا ۽ وڌن ويجهن ٿا، ان کي کاڌو چئبو آهي. مثال طور روزمرهه ۾ ڀاڄين، ميون، اناج، دالين، رس، ڊبل روٽي، بسڪٽس، نٽس، آئلس، چانهه، گوشت، مڇي، آنا ۽ کير وغيره وغيره. هنن سڀني جو تعلق سڌي يا اڻ سڌي طرح واسطو کاڌي جي سائنس سان آهي. کاڌي سان هر ساهه واري جي جسم جي واڌ ويجهه ٿئي ٿي. جسم ۾ طاقت پيدا ٿئي ٿي ۽ اهو جسم گرم رهي ٿو ۽ ان ۾ ڪم ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ٿئي ٿي. صحت جي برقراري ۽ حياتي جي ضمانت لاءِ کاڌو اهم جزو آهي. کاڌي سان ڪائنات جو وجود آهي ۽ روزمرهه ۾ هلچل آهي. ساهواري لاءِ کاڌي جو مثال ايئن آهي جيئن زمين لاءِ ٻج آهي. اهو کاڌو اسان مختلف قسمن، رنگن، ذائقن، خوشبوئن، سوادن وغيره ۾ استعمال ڪندا آهيون. انهن سڀني کاڌي جي قسمن ۽ سوادن وغيره ۾ جيڪي تبديليون (ڪيميائي ۽ طبعي) ۽ انهن کاڌن مان ٻيا کاڌا تيار ڪري انهن کي خراب ٿيڻ کان بچائڻ، ته جيئن کاڌي کي هر وقت استعمال ڪري سگهجي ۽ ان جي هر پهلو جي ڄاڻ ته آيا اها خراب ٿيڻ جي حوالي سان يا محفوظ ڪرڻ جي حوالي سان ان کاڌن مان وڌيڪ ڪجهه ٻيا کاڌا ٺاهڻ جي حوالي سان هجي. ان کان علاوه کاڌي کي چڪاسڻ ۽ ان جي مدت معلوم ڪرڻ ته، آيا ڪيتري تائين محفوظ رهندو. کاڌي ۾ مختلف قسمن جون شيون استعمال ڪرڻ، ڪنهن شي جو گهٽ ٿيڻ، ان کي وري برابر ڪرڻ ۽ جيڪا شي قدرتي ملي سگهي يا نه ملي سگهي. يا وري گهٽجي وڃي ته ان جهڙي ٻئي شي تيار ڪرڻ جيئن ان اصل شي جي کوٽ محسوس نه ٿئي. مختلف مسئلن جهڙوڪ ٻوڏ، قدرتي آفتن ۽ جنگين وغيره ۾ ضايع ٿيل کاڌي جو پورائو ڪرڻ وغيره ان کان علاوه هڪ کاڌي جي شيءَ کي مختلف کاڌي جي شين ۾ استعمال ڪرڻ ۽ ٻيا وڌيڪ مختلف کاڌا تيار ڪرڻ مختلف کاڌن(فصلن) کي پچڻ وقت يا پچڻ کان پهرين ۽ پوءِ جي نقصانن کان بچائڻ، مختلف کاڌن جي غذائيت ٻڌائڻ، هر ننڍي کان ننڍي ۽ وڏي کان وڏي شي (جاندار) جو کاڌي تي اثر کاڌي جي جينياتي تبديلي ڪرڻ، ماڻهن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ وغيره وغيره کي کاڌي جي سائنس جو علم چئبو آهي. هي کاڌي جي اها سائنس آهي جنهن کاڌي کي هڪ قسم جو نئون جنم ڏنو آهي. هن سائنس جي علم اچڻ کان پهرين اسان کاڌي جي حوالي سان بلڪل اڻ واقف هياسين. ڄڻ کاڌي جي ڪا اهميت ئي ڪانه هوندي هئي. کاڌي جو ڪو وجود ئي نه هو. جانورن ۽ انسانن جي کائڻ ۽ پيئڻ ۾ ڪو فرق ئي نه هو پر جئين هي کاڌي جي سائنس وجود ۾ آئي آهي ته هن سائنس کاڌي جي دنيا کي هڪ قسم جو نئون جنم ڏنو آهي. جنهن سان سڄي دنيا ۾ الائي ڪيتري ساري هلچل مچي وئي آهي. هن سائنس جي اهميت کي جيترو به واکاڻيو وڃي ته آئون سمجهان ٿو ته وري به گهٽ آهي. ڇاڪاڻ ته هن سائنس کاڌي جي استعمال ۾ ايتري ته نواڻ ۽ جدت پيدا ڪئي آهي. جو کاڌي جي ڪنهن شيءَ جي ڪمي محسوس نه ٿي ٿئي ۽ هر کاڌي واري شيءَ کي ان جي اصل خاصيت وانگر هر وقت ممڪن بنايو آهي. اڄڪلهه جيڪي مختلف قسمن جون بيماريون جنم وٺي رهيون آهن. ان ۾ کاڌي جو خالص نه هئڻ به هڪ وڏي بيماري آهي. اصلي کاڌي ۾ الائي ڪهڙيون ڪهڙيون شيون ملائي هڪجهڙو ڪيو وڃي ٿو. جنهن کي (ايڊلٽريشن يا مڪسنگ) چيو وڃي ٿو. ٻين لفظن ۾ انهي ملاوٽ کي کاڌي کي طبعي ۽ ڪيميائي طرح بگهاڙڻ وغيره پڻ چيو وڃي ٿو. کاڌي ۾ اهو ويڌن چند ڏوڪڙن ڪمائڻ جي خاطر ۽ نفعو ۽ گهڻو گڏڪرڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي. انهي کان علاوه جيڪڏهن ڏسجي ته اڄڪلهه لائي ڪيترائي سارا ماڻهو دل جي دوري ۾ مبتلا رهن ٿا ۽ هن فاني دنيا مان موڪلايو وڃن ٿا. هونئن ته زندگي ۽ موت الله پاڪ جي وس ۾ آهي پر احتياط ڪرڻ ته اسان انسانن جي وس آهي. پيٽ جون بيماريون پڻ ملاوٽ ٿيل کاڌي جو وڏو حصو آهن. ٻيو وڏو مسئلو پاڻي جو جيڪو ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي. جنهن جي صاف نه هئڻ ڪري اسان جي معاشري ۾ 80 کان 90 سيڪڙو بيماريون جنم وٺي رهيون آهن. پر هن کاڌي جي سائنس انهن ملاوٽن، خرابين ۽ فراڊ وغيره کي ايترو ته وائکو ڪري ڇڏيو آهي. جو ملاوٽ ۽ فراڊ ڪرڻ وارا پاڻ جان بچائڻ ۽ لڪڻ ۾ پورا آهن پر افسوس ان ڳالهه جو آهي ته اسان کاڌي جي سائنس جي ٻڌايل طور طريقن تي ديانتداري، ايمانداري ۽ پوري دل جي خلوص سان عمل نه ٿا ڪريون نه ته شايد کاڌي جي دنيا ۾ هڪ قسم جو نئون انقلاب اچي وڃي. انهي سان گڏوگڏ وس وارن کي اها به گذارش آهي ته کاڌي جي سائنس ۾ جيتري قدر نيڪ نيتي سان فيصلا ڪيا ويندا ته شايد اڳتي هلي ڪري ايترا نتيجا به ڪارائتا ۽ فائديمند ملندا. ڏينهون ڏينهن دنيا جي وڌندڙ آبادي لاءِ روز به روز کاڌي جي ضرورت وڌندي پئي وڃي. ان سان گڏوگڏ کاڌي جي سائنس جي ٻڌايل اصولن ۽ طريقن تي عمل پيرا ٿي ڪري وڌ کان وڌ کاڌو پيدا ڪري سگهجي ٿو ۽ تيار ۽ محفوط پڻ ڪري سگهجي ٿو ته جيئن عام زندگي ۾ پورائو ڪري سگهجي. ان کان علاوه هن سائنس جيڪا دنيا ۾ کاڌي ۾ نواڻ آندي آهي. ان کان ڪيترائي لاڳاپيل ادارا اڄ تائين اڻ واقف آهن. مطلب ته انهن کي ڪاخبر ئي نه آهي ته ڪو کاڌي جي سائنس جو به ادارو آهي. جنهن جو قيام سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ فئڪلٽي آف ڪراپ پراڊڪشن سان جڙيل آهي. ان کان علاوه ڪراچي ۾ به آهي ۽ پاڪستان جي ٻين صوبن، پنجاب، گلگست بلتستان، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ پڻ واقعي آهي. سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ اسان جا نوجوان بي ايس سي، ايم ايس سي ۽ پي ايڇ ڊي ڊگهريون حاصل ڪري رهيا آهن. اسان جي عام زندگي سان لاڳاپيل، مطلب ته روزاني جي حوالي سان کاڌي جي جزن جو پورائو ڪرڻ، هر انسان لاءِ اهو گهڻي قدر کاڌي جي سائنس سان تعلق رکي ٿو، چاهي کاڌو پڪل هجي يا اڻ پڪل هجي. کاڌي جي شروعات ۽ آخر ۾ ڪيميائي بناوٽ جو معائنو ۽ روزمرهه جي حوالي سان استعمال وغيره اچي وڃن ٿا. مثال جيئن چئون ته هڪ ڪيلي ۾ ڪيتري لحميات (پروٽين) ميدو(ڪاربو هائڊريٽس) سڻڀ(فيٽ) فائيبر، وٽامنس، منرلس ۽ ڪئلوريز وغيره ڪيتري مقدار ۾ موجود آهن ۽ انهن ڪيميائي جزن جو مقدار ڪيئن معلوم ڪجي ۽ هڪ ماڻهو لاءِ روزاني ۽ سال وغيره جي حساب سان ڪيتري ضرورت آهي. اها ڪيميائي ڄاڻ ۽ ضروت نه صرف ڪيلي جي حوالي سان معلوم ٿي سگهي پر سڀني ميون، ڀاڄين، اناج، دالين کير ۽ کير مان ٺهندڙ شين، آنن، گوشت وغيره مان به معلوم ٿي سگهي ٿي. انهي کان علاوه روزاني جي حوالي سان ڪيتري ۽ ڪهڙي شي ڪيتري مقدار ۾ استعمال ڪجي يا عمر جي حوالي سان ۽ ڪم ڪار ڪرڻ جي صورت ۾ ڪيترو مقدار طئي ٿيل آهي، آئون وري به وس وارن کي اها گذارش ڪندس ته هن اداري جي حوالي سان هر معلومات ۽ ڪارڪردگي هر ننڍي کان ننڌي (گورنمينٽ، سيمي گورنمينٽ، پرائيويٽ سيڪٽر وغيره) اداري تائين پهچائي وڃي ته جيئن اهي باخبر رهي سگهن. شعبي جي شاگردن کي پنهنجي معيار جي بنياد تي پنهنجي اداري جو حصو بڻائي سگهن. دنيا جا مختلف قسمن جا کاڌا جيڪي روزمرهه جي واهپي ۾ استعمال ٿين ٿا. بريڪ فاسٽ فوڊز: بيڪن، بيگلس، بسڪٽس، بيوريٽوس، ڊونٽس، ايگلس، انگلش مفنس، فرنيچ ٽوسٽ، هيش برائونس، مفنس، پين ڪيڪس، پيسٽريز، سينڊويچز۽ ساسيج وغيره. لنچ ۽ ڊنر: ايشن چڪن، ڪانڊيمنينٽس، ڊيلي سينڊويچز، ڊريسنگز، فرينچ فرائز، همبرگرس، هاٽ ڊاگس، ميڪسن، اونين رنگس، پيسٽاز، پيزاس، سلادس، سي فوڊس، سائيڊ آرڊرس ۽ سوپس وغيره. بيوريجز: ڪافي، فائونٽين ڊرنڪس، فورزن ڊرنڪس، فورٽ جوسز ۽ ملڪ وغيره. ڊيزرٽس: ڪيڪس، ڪوڪيز، آئس ڪريمس، پائيز، يوگرٽس وغيره. کاڌي جي سائنس جو تعلق مختلف شاخن (سبجيڪٽس) ۾ ورهايل آهي. جن جي باري ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ”انسٽيٽيوٽ آف فوڊ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي“ ۾ پوري طرح سان سکيا ڏني پئي وڃي. هن سائنس ۾ ڄاڻايل مختلف شاخن جو ذڪر هيٺ ڏنل آهي. پرنسپلس آف فوڊ پرزرويشن: هن شاخ ۾ کاڌي کي محفوظ ڪرڻ جا مختلف طريقا ۽ اصول وغيره سکايا وڃن ٿا. فوڊ مائيڪرو بائيولاجي: (حصو پهريون) هن سائنس ۾ ننڍڙن کاڌي جي خورد جيوڙن جي باري ۾ سکيا ڏني وڃي ٿي. جيڪي خورد جيوڙا اسان عام اک سان نه ٿا ڏسي سگهون. مثال طور بيڪٽيريا، فنجائي، وائرس وغيره جو تعارف ۽ ڪارڪردگي وغيره. فروٽ اينڊ ويجيٽبلس پروسيسنگ: هن سائنس ۾ مختلف ڀاڄين ۽ ميون کي کائڻ جي لائق بنائڻ ۽ محفوظ ڪرڻ جا طور طريقا ٻڌايا ۽ سيکاريا وڃن ٿا. مطلب ته شروعاتي تياري وارو مرحلو وغيره اچي وڃي ٿو. انٽروڊڪشن ٽو فوڊ ڪيمسٽري: هي سائنس ٻين گهڻن شعبن جي حوالي سان پڻ وڏي اهميت جوڳي آهي. هن ۾ کاڌي جي ڪيميائي جزن جو تعارف، بناوٽ، مقدار ۽ ڪيميائي عمل وغيره اچي وڃن ٿا. پرزرويشن آف فروٽ ايند ويجيٽيبلس: هن سائنس ۾ ڀاڄين ۽ ميون کي سهيڙهڻ، محفوظ ڪرڻ ۽ خراب ٿيڻ کان بچائڻ جا مختلف طريقا وغيره اچي وڃن ٿا. فريزنگ اينڊ ڊهائيڊريشن آف فوڊس: هن سائنس ۾ مختلف قسمن جا کاڌا جيئن کير، آنا، ڀاڄيون، ميوا، مڇيون، گوشت ۽ اناج وغيره کي مختلف طريقن سان ٿڌو ڪري محفوظ ڪرڻ ۽ سڪائڻ وارن اوزارن ۾ رکي سڪائڻ، خراب ٿيڻ کان بچائڻ وغيرهه کانپوءِ کاڌي لاءِ محفوظ ڪرڻ اچي وڃن ٿيون. فوڊ مائيڪرو بائيولاجي (حصو ٻيون): هن حصي ۾ ننڍڙن خورد جيوڙن جي ڪارڪردگي، فائدن، واڌ ويجهه ۽ سڃاڻڻ وغيره جي حوالي سان سکيا ڏني وڃي ٿي. ڪاربونيٽيڊ اينڊ نان ڪاربو نيٽيڊ بيورجس: هن سائنس ۾ ڪاربان ۽ ڪاربان کانسواءِ تيار ٿيڻ وارين مشروبات (شين) جي حوالي سان ذڪر اچي وڃي ٿو. بشڪريه عبرت
جواب: کاڌي جي سائنس جو تعارف ۽ اهميت ادا ممتاز! هي ته منهنجي کاتي جو ليک آهي، جيئن ته منهنجو کاتو ئي آهي کاڌي پيتي جو انڪري انجا سمورا تدريبي ڪتاب مون وٽ به آهن پر انگريزيءَ ۾ پر هي سنڌيءَ ۾ ليک ڏسي خوشي ٿي ۔۔۔ سنڌي قوم وٽ سيرو سياحت وارو کاتو تمام پوئتي بلڪ صفا پوئتي پيل آهي ۔۔۔ باقي ٻين قومن وٽ ان قسم جي علمن جي تمام گهڻي اهميت آهي ۽ هو سيروسياحت ۽ تفريح مان ڪروڙين ڊالر ڪمائي قوم جي رهائش واري معيار کي وڌائيندا رهنٿا ۔۔۔ سٺو ليک آهي ۔۔۔