ننڍي کنڊ جو عظيم شاعر شيخ اياز رضا محمد ميمڻ ڊسمبر جو مهينو سنڌ لاءِ محرم الحرام جيان آهي ۽ هيل ته ٻئي مهينا گڏ گڏ آهن. ڊسمبر جي مهيني ۾ ڪڏهن محترمه شهيد راڻي بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو ته وري ٻئي پاسي هن ماهه ۾ سنڌ جا ڏاها گهڻ گهريا پروفيسر اياز، درشهوار سيد ۽ شيخ اياز جهڙيون مهان هستيون اسان کان هميشه لاءِ موڪلائي ويون آهن. سنڌ جو مهان شاعر مبارڪ شيخ اياز کي هن جهان مان وئي ٺيڪ 13 سال ٿي ويا آهن پر پوءِ به هو اڄ به اسان جي دلين ۾ زنده آهي. هي متوارو، جيءَ جيارو، شاعر شيخ ”اياز“ يارو! هاڻ هلڻ وارو آ، ورڻو ناهه ويو. شڪارپور جي شاهي باغ ۾ موتين ۽ گلابن تي من واريندڙ ۽ بيگاري واهه ۾ وهجندڙ اياز چوندو ئي رهيو ۽ مسڪرائيندو رهيو ڳالهه دل جي ڪندو رهيو هيڏانهن ڏسو ڪنڪر نه هڻو، ايندو نه وري هي وڻجارو. شيخ اياز 23 مارچ 1923ع ۾ شڪارپور ۾ پيدا ٿيو، پرائمري کان وٺي مئٽرڪ تائين شڪارپور مان تعليم حاصل ڪيائين، انٽر ۽ بي اي ، ڊي جي ڪاليج مان ڪيائين. 1947ع ۾ وڪالت پاس ڪيائين ۽ پوءِ شڪارپوري دوست خالد اسحاق سان گڏجي وڪالت شروع ڪيائين. اهو سال 1948ع جو هو جڏهن شيخ اياز سکر ۾ اپرڪوئنس روڊ جي ڇيڙي تي پنهنجي وڪالت واري آفيس کولي ۽ 1976ع جي آخر تائين وڪالت ڪندو رهيو. اياز بابت اهو مشهور هو ته فوجداري ڪيسن جو ماهر وڪيل آهي ۽ 90 سيڪڙو ڪيس هو کٽيندو هو ۽ سو نظرياتي بنيادن تي ٿيندڙ سکر ڊسڪٽرڪٽ بار جي چونڊ ۾ 2 ڀيرا 1970ع ۽ 1971ع ۾ ڪامياب ٿيو. شيخ اياز 1976ع کان 1980ع تائين سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر رهيو. 1981ع کان 1988ع تائين هاءِ ڪورٽ جو وڪيل بڻيو ۽ تقريبن ڏيڍ سال تائين روزاني برسات جو چيف ايڊيٽر پڻ رهيو. هن روس، ترڪي، ايران، سعودي عرب ، انڊيا، بنگلاديش ۽ لنڊن جا پڻ سفر ڪيا ۽ کيس 1993ع ۾ هلال امتياز، 10 گولڊ ميڊل، آل انڊيا سنڌ و ڪلچرل ايوراڊ، فيض ايوارڊ، اڪيڊمي آف ليٽرر ايوارڊ سميت کوڙ سارا ايوارڊ مليا.سڀ کان وڏو ايوارڊ عومي مقبوليت هو. جڏهن به سانوڻيون اچن، ڇمرالوٽ ٿي نچن جڏهن به ڀٽ ڀٽ تي، گهٽا گجي گجي وسن تڏهن نه هي وسارجو، ڪير سڃ ۾ ستو ڪڏهن ڪڏهن ته سارجو، ٻه چار لڙڪ هارجو ڊاڪٽر دائود پوٽي کانپوءِ شيخ اياز کي ڀٽائي جي سرزمين نصيب ۾ آئي. هن سنڌ جي مهان قومي شاعر نثر ۽ نظم ۾ 75 ڪتاب لکيا. سندس 55 ڪتاب ڇپيل ۽ 20 ڪتاب اڻ ڇپيل آهن. نصير مرزا موجب ته شيخ اياز جي هڪ خواهش هئي ته هو زندگيءَ ۾ 10 جلدن تي مشتمل آتم ڪهاڻي جو ڪتاب لکڻ چاهيندو هو جن مان 3 جلد ڇپجي چڪا آهن باقي ٻيا سندس ذهن ۾ هئا ۽ موت کيس اهي مڪمل ڪرڻ جي مهلت ڪرڻ جي موڪل نه ڏني. شيخ اياز نئين دور جي نئين سنڌي شاعريءَ جو اڳوان هو هن پهريون ڀيرو شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي رسالي کي اردوءَ ۾ ترجمو ڪيو، اها هڪ حقيقت آهي شيخ اياز نه پر شيخ اياز وڃڻ بعد به رهجي ويو آهي. اياز ڀلي طبي طرح اسان ۾ نه آهي پر هو اسان وٽ موجود آهي ۽ جيسين پيار موجود رهندو اياز گيتن واين غزلن ۾ زنده رهندو، اياز تصوف ، وجوديت ۽ جديديت جي مٽيءَ ۽ فطرت جي ڳوڙهن مان ڳوهيل شاعر هو، هن کي ته ماڻهو جي ضايع ٿيڻ جي احساس اها سٽ چوڻ تي به مجبور ڪيو ڏس ڏس ماڻهوءَ جي مٽيءَ کي مون ڳوڙهي ڳوڙهي سان ڳوهي ڪيڏو نه لسايو آ پيارا ، ڇا جام بنايو آ پيارا. اياز جو مطالعو ۽ سوچ وسيع ۽ گهڻ پاسائين هئي هن سان ماڻهن جا اختلاف ته پنهنجي جاءِ تي پر پوءِ به هرهڪ ان ڳالهه کي مڃي ٿو ته اياز هڪ مهان شاعر هو ۽ هن جي دنيا کي اهو چئي چئلينج ڪرڻ وارو ڪوئي نه هوندو جيڪو چئي ته اياز کي ياز اسان بنايو آهي. آءُ اڪيلو، سامهون سٿ خنجر خنجر ڪيئي هٿ! آءُ اڪيلو، ڪوڙ، ڪٽڪُ مون لاءِ ڪوئي لنگهه نه لِڪُ! اياز سنڌ جي جديد شعور جو بانيڪار هو ۽ هونئن سنڌ جي اڏاوت جو ڪم ڪندڙن مان هڪ هو، اياز قوم کي اها انقلابي سوچ ۽ جاڳرتا ڏني جنهن جا پيرا سائين جي ايم سيد جي سوچ سان ملندا هئا ۽ ڪيڏي نه خوشيءَ جي ڳالهه نه آهي ته سائين جي ايم سيد ۽ شيخ اياز کي بنگلاديش جي حڪومت طرفان ”قومي ايوارڊ“ پڻ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. اياز جو ”ڀوئنرڀري آڪاس“ کان وٺي ”ڪونجون ڪرڪن روهه تي“ تائين هڪ سفر آهي، هڪ ڪٿا آهي، هڪ ڪهاڻي آهي، هڪ درد آهي، نئين ۽ خوشحال سنڌ جو هڪ خواب آهي، هر لفظ ۾ پيار ۽ وفا آهي ۽ اسان اياز جا ڪتاب پنهنجي دل جي شيلف ۾ ڌڙڪنن سان گڏ سجائيندا آهيون. اياز ته سنڌ جو اياز جيڪو شاهه جي پيرانديءَ ۽ ڪراڙ جي ڪپ تي هڪ ابدي ننڊ ۾ آرامي آهي شايد اياز جي ۽ لطيف جي مٽي گڏ ڳوهيل هئي ماڻهو چون ٿا ۽ اخبارون لکن ٿيون ته شيخ اياز گذاري ويو آهي ته هن جا ڪتاب ۽ وايون ته واتن ۾ آهن. ٻي خبر ناهه، پر مرڻ کانپوءِ تون سان گڏجڻ جون حسرتون رهنديون سرحد قريب آ اي دوست ساٿ کان پوءِ اي ”اياز“ ٻڌاءِ سنڌ ۾ ڪنهن جون آيتون رهنديون اياز جي مرتبي تي بي بي سي تبصرو ڪندي چيو هو ته ”شيخ اياز دنياءِ ادب ۾ پاڻ مڃايو ۽ عوامي شاعر، اعزاز ڀريو ماڻهو، سندس شاعري مزاحمتي آهي ۽ ان ۾ عوامي احساس کي سمويو ويو آهي، ڪتابن تي پابنديءَ باوجود سندس نظم ماڻهن جي زبان تي اڪريل رهيل شيخ اياز سڏي ادب ۾ ٿنڀي جي حيثيت رکي ٿو. انقلاب ! انقلاب ڳاءِ انقلاب ڳاءِ! جيئن زمين آسمان جي کلي پئي زبان ڪنڊ ڪنڊ، چونڪ چونڪ شهر شهر، ڳوٺ ڳوٺ جيئن ڏئي اٿي جواب، انقلاب انقلاب ڌوهن سامراج کي، لوڏ سامراج کي ٺاهه سو نئون نظام جو چڱو چئي عوام هي نظام خر اب انقلاب انقلاب. شيخ اياز سان آخري ڏينهن ۾ ملندڙ ستار پيرزادي موجب ”شيخ صاحب گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان کائڻ ڇڏي ڏنو هو هن جون ڏهٽيون اسپتال ۾ کاڌو کڻي آيون پر هن منع ڪري ڇڏي. اياز آخري ڏينهن ۾ دوستن جي روين تي ڏاڍو ڏکارو هو ۽ چوندو هو ته دوست منهنجي ڳالهه نه ٿا سمجهن“.. شيخ اياز جنهن کي 23 ڊسمبر تي منجهند جو 2 وڳي چيئر تي ويهاري مڊل ايسٽ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو ڊاڪٽرن سندس ڳالهائڻ تي پابندي مڙهي ڇڏي هئي اسپتال ۾ اياز سان سندس نياڻيون هر وقت گڏ هيون ۽ 27 ڊسمبر تي شام جو اسپتال جي هڪ ڊاڪٽر مطمئن ٿي ڪاغذ تي لکيو ”مريض کي سڀاڻي ڀلي موڪل ڏني وڃي“ ۽ 28 ڊسمبر تي صبح جو نائين بجه ڌاري ”هيءُ متوارو، جي جيارو شاعر شيخ اياز .. يارو ! هاڻ ساڻ سارو آ، ورڻو ناهه ويو“. 75 سالن جي ڄمار ۾ وڻجارو هليو ويو. تون به ته آهين ڪو نه وڃان ته مان ڪيڏانهن وڃان، سوکو موت، حياتي اوکي سوچان ٿو مان ڇو نه .... وڃان مان ڪيڏانهن وڃان. اياز جي مرتئي جي ڏهاڙي تي سڄي سنڌ ۾ سوڳ ڇائنجي ويو ۽ انهن ڏينهن ۾ سنڌي ادبي سنگت گولڊن جوبلي ملهائي رهي هئي ۽ ان حوالي سان ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ هڪ پروگرام رکيل هو پر اياز جي وفات سبب اهو پروگرام تعزيتي اجلاس ۾ تبديل ٿي ويو ۽ جيجي زرينه بلوچ اياز جو نظم ڳائي سڀني کي روئاڙي ڇڏيو ۽ هر طرف اوڇنگارون جا آواز اچڻ لڳا. ڪيترائي اديب شاعر ۽ عام و خاص ماڻهو ٻارن جيان روئندا رهيا مون کي چٽيءَ طرح سان اڃ به ياد آهي عطيه دائود ٻارڙن جيان روئي رهي هئي ته ڪٿي وري اياز گل، تاج جويو، نصيرمرزا ۽ بيدل مسرور هڪ ئي وقت سڏڪن ۾ هئا ته سندن اکين مان آئندي کي بهتر بنائڻ ۽ بنيادي تبديلي لاءِ جيئن شيخ اياز هيٺئين شاعري ۾ چيو آهي اهڙي ئي روشني چمڪي رهي هئي. سهندو ڪير ميار، او يار! سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو! جهول جهلي جنهن وقت ڀٽائيءَ ڪرندا ڪنڌ هزار او يار! سنڌڙيءَ تي سرڪير نه ڏيندو! نيٺ وڍيندڙ وڍجي ويندا ! ڪرندي نيٺ ڪٽار او ياز ! سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو! نيٺ ته ڊهندي ، ڪيسين رهندي دوکي جي ديوار او يار! سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو بشڪريه عبرت!
جواب: ننڍي کنڊ جو عظيم شاعر شيخ اياز سنڌ جي ڏاهي اياز کي سلام هجي، سندس هر هڪ بيت ۽ ليک سنڌ جي رهنمائي آهي، هي ارڏو انسان جيڪڏهن زندگي جي آخري ڏينهن ۾ حڪومتي ڪارندو نه ٿئي ها ته امر ٿي وڃي ها ۔۔۔ هاڻ سنڌ جو چنڊ آهي ته هون سج ٿي وڃي ها ۔۔۔ بس فقط ڀٽي صاحب جي ڌمڪي سائين اياز جي سڄي ڄمار واري محنت کي پاسيرو ڪري ڇڏيو ۔۔۔ ۽ اسين فخر سان ڪنڌ مٿي ڪري چئي سگهون ها ته مرندي مري ويو پر آڻ نه مڃيائين ۔۔۔ ادا ممتاز اوهانجا لک ٿورا جو اوهين سنڌ جي ادب ۽ اديبن جي مان ۾ هر وقت پاڻ پتوڙ ڪريو ٿا ۔۔۔ رب اوهانکي پنهنجي امان ۾ رکي ۔۔۔ آمين