حڪومت لاءِ صورتحال ايتري به خراب ناهي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏2 جنوري 2011۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    حڪومت لاءِ صورتحال ايتري به خراب ناهي​


    اصغر کانوٺي
    ملڪ جي سياسي منظرنامي ۾ جيترو جلدي سان تبديليون اچي رهيون آهن ايترو جلد حڪومت جي تبديلي جا ڪي به امڪان نظر نه اچي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته جنهن انداز سان حڪومت جون اتحادي ڌريون وفاقي حڪومت کان الڳ ٿي رهيون آهن ان مان لڳي ٿو ته وفاقي سطح تي اها جوڙ توڙ هلندي رهندي پر حڪومت جي وڃڻ جا ڪي به امڪان ناهن. اهوئي سبب آهي جو جي يو آءِ وفاقي حڪومت کان الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪيو ۽ سندن ٻن وفاقي وزيرن احتجاجن عهدن تان استعيفائون به ڏنيون پر ساڳي وقت جي يو آءِ بلوچستان ۾ پي پي سان گڏ مخلوط حڪومت جو حصو رهڻ جي به ڳالهه ڪئي ۽ اهو واضح ڪيو ته صوبائي حڪومت کان اها الڳ نه ٿيندي. جنهن مان هڪ ڳالهه نظر اچي ٿي ته ڪجهه وقت کانپوءِ جي يو آءِ واپس وفاقي حڪومت جو حصو بڻجندي في الحال عوامي دٻاءَ جي ڪري الڳ ٿي آهي. جي يو آءِ ۽ حڪومت جا معاملا اڃا هلي رهيا هئا ته اوچتو حڪومت جي اهم اتحادي ايم ڪيو ايم به وفاقي حڪومت کان الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ۽ سندن ٻن وفاقي وزيرن ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ بابر غوري به عهدن تان استعيفائون جمع ڪرائي ڇڏيون آهن پر ايم ڪيو ايم جي اعلان ۾ خاص شيءَ اها آهي ته انهن وفاقي حڪومت کان الڳ ٿيڻ جو اعلان ته ڪيو آهي پر ساڳي وقت انهن حڪومتي بينچن تي به ويهڻ تي زور ڀريو آهي . هنن چيو آهي ته اهي في الحال اپوزيشن جي بينچن تي نه ويهندا، جنهن مان لڳي ٿو ته اهي به حڪومت مان الڳ ٿيڻ لاءِ سنجيده ناهن پر سياسي طور تي پنهنجا مطالبا مڃرائڻ لاءِ حڪومت تي دٻاءَ وجهڻ لاءِ هي مناسب وقت سمجهيو آهي. ڇاڪاڻ جو جي يو آءِ اڳ ئي حڪومت کان الڳ ٿي چڪي آهي ۽ ان موقعي جي مناسبت سان ايم ڪيو ايم به اهوئي درست سمجهيو آهي ته حڪومت کان پنهنجا مطالبا تسليم ڪرائڻ جو هي بهتر وقت آهي. باقي ان کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ان اعلان ۾ نظر نه اچي پيو. ڇاڪاڻ ته قومي اسيمبلي ۾ پيپلزپارٽي کانپوءِ سڀ کان وڏي پارٽي نواز ليگ آهي ۽ هن وقت نواز ليگ وفاقي سطح تي ڪنهن به قسم جي تبديلي جي حامي نظر نه اچي رهي آهي. ڇاڪاڻ جو نواز ليگ جي قيادت کي اها چڱي ريت معلومات آهي ته موجوده حالتن ۾ وفاقي حڪومت ڪرڻ ڪو آسان ڪم ناهي جو اهي پي پي جي حڪومت کي ڪيرائي پاڻ اقتدار سنڀالين ڇاڪاڻ جو موجوده حالتن ۾ عالمي سطح تي دهشتگردي خلاف هلندڙ جنگ لاءِ هڪ پاسي آمريڪا ۽ ان جي اتحادي ملڪن جو مسلسل دٻاءَ آهي ته ٻئي طرف خود ان جنگ سبب پاڪستان جون معاشي حالتون به ڪي بهتر ناهن . ڏينهون ڏينهن ملڪ جي معاشي حالتن تي ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن ۽ نتيجي ۾ سيڙپڪاري به تمام گهڻو گهٽجي وئي آهي . حڪومت جو اهو حالت وڃي بيٺو آهي جو اها هر روز اربين روپيا اسٽيٽ بئنڪ کان قرض وٺي پنهنجا حڪومتي معاملا هلائي رهي آهي ته ٻئي پاسي آءِ ايم ايف کان قرض وٺي ڪجهه وقت لاءِ ملڪ جون معاشي حالتون ڪنهن حد تائين بهتر ته ڪيون آهن پر جيڪي آءِ ايم ايف شرط رکيا آهن اهي يقينن حڪومت لاءِ فوري طور عمل ۾ آڻڻ آسان ناهن . اهوئي نتيجو آهي جو آءِ ايم ايف جا ڪجهه شرط مڃڻ سان حڪومت کي سخت عوامي ردعمل ۽ تنقيد جو منهن ڏسڻو پيو آهي، تنهن ڪري انهن حالتن ۾ ڪا به پارٽي وفاقي حڪومت جون واڳون سنڀالڻ جي خواهشمند ٿي نه ٿي سگهي . اها به اهڙين حالتن ۾ جڏهن پي پي جي حڪومت جا صرف 2 سال وڃي بچيا هجن ۽ پي پي کي موجوده حالتن ۾ حڪومت ڪرڻ سان عوامي سطح تي به تمام گهڻو نقصان پهتو هجي ته اهڙين حالتن ۾ ڪهڙي پارٽي حڪومت ڪرڻ جي خواهش رکندي؟ اهو سوال تمام گهڻو اهم آهي جيڪو اڄڪلهه هر سياسي ڪچهري جو موضوع هجي ٿو باقي سياسي اسڪورنگ ڪرڻ هر پارٽي جو حق آهي ۽ هن وقت پيپلزپارٽي تي جيڪي به سياسي تير هنيا پيا وڃن اهي سڀ سياسي اسڪورنگ جي لاءِ آهن. باقي حقيقتن کان هر سياسي ڌر چڱي طرح واقف آهي ته ملڪ هن وقت ڪهڙين حالتن تي بيٺل آهي. اهوئي سبب آهي جو قاف ليگ پنجاب حڪومت کي ڪيرائڻ ۾ دلچسپي رکندي هئي پر جڏهن کان ننڍين چونڊن ۾ نواز ليگ جو گراف تيزي سان ڪريو آهي ته ان کانپوءِ قاف ليگ کي ڳالهه سمجهه ۾ آئي آهي ته موجوده حالتن ۾ اپوزيشن ۾ ويهي تنقيد ڪرڻ ۽ سياسي واويلا ڪرڻ ئي بهتر آهي. اهوئي نتيجو آهي جو قاف ليگ هاڻي پنجاب حڪومت ڪيرائڻ ۾ ڪا به دلچسپي نه ٿي رکي پر سندس نظرون ايندڙ چونڊن تي آهن ۽ سندس سڄو زور ايندڙ عام چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ تي آهي . قاف ليگ کي ان ڳالهه جو چڱي طرح احساس آهي ته موجوده حالتن ۾ حڪومت ڪرڻ ڪنهن به صورت ۾ سندن پارٽي لاءِ فائدي مندي ثابت نه ٿيندو ۽ ان ڪري ئي ان اهو فيصلو ڪيو آهي ته وفاقي سطح تي به جيڪڏهن پي پي جي خاموش حمايت ڪرڻي پئي ته ڪئي ويندي پر حڪومت جو حصو نه بڻجندي. جيئن مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون ته نواز ليگ به وفاقي حڪومت جون واڳون سنڀالڻ ۾ ڪا دلچسپي نه ٿي رکي ۽ اهڙي طرح قاف ليگ جي به ساڳي پوزيشن آهي ته ان مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته جيڪي پارٽيون ان هائوس تبديلي آڻڻ جي پوزيشن رکن ٿيون جيڪڏهن انهن جي اها خواهش ئي نه هجي ته پوءِ ان حالتن ۾ ان هائوس تبديلي جون ڳالهيون به ائين هوائي لڳن ٿيون .جيئن ته اتحادي حڪومت ۾ هڪٻئي تي اثر انداز ٿيڻ ۽ هڪٻئي کان پنهنجا مطالبا مڃرائڻ لاءِ سياست ۾ وارننگ ۽ ڌمڪي هڪ اهم جز هوندو آهي ۽ ان کي پاڪستان جي سياست ۾ ايم ڪيو ايم کان وڌيڪ بهتر انداز ۾ ٻيو ڪير استعمال ڪري سگهي ٿو؟ پر جيڪڏهن ايم ڪيو ايم واقعي حڪومت کان الڳ ٿيڻ جي لاءِ سنجيده هجي ها ته اها وفاقي حڪومت کان نه پر سنڌ حڪومت کان الڳ ٿئي ها ته پوءِ پتو پوي ها ته ايم ڪيو ايم حڪومت کان الڳ ٿيڻ لاءِ ڪيتري سنجيده آهي. پاڪستان جي سياست ۾ جيڪو اڄ آهي سڀاڻي اهو ان کان به مختلف هوندو ۽ ڪنهن به قسم جي ڪا به حتمي راءِ نه ٿي رکي سگهجي پر جهڙي انداز ۾ تبديليون اچن پيون ان ۾ اهو چئي سگهجي ٿو ته اصل اقتداري ڌريون به نه ٿيون چاهن ته پي پي کي سياسي طور شهيد ڪجي. ڇاڪاڻ جو جيترو وقت حڪومت ڪرڻ سان پي پي جي مقبوليت کي ڌڪ لڳو آهي جيڪڏهن هاڻي ٽن سالن کانپوءِ ان جي حڪومت کي فارغ ڪيو ويو ته ان جو فائدو پيپلزپارٽي کي ئي پهچندو ۽ پيپلزپارٽي ان ڳالهه جي لاءِ تيار آهي ۽ اها سمجهي ٿي ته جيڪڏهن ساڻن اهڙو ورتاءَ ڪيو ويو ته ان مان اهي سياسي طور فائدو حاصل ڪندا ۽ اهو سودو انهن جي لاءِ نقصان وارو ناهي . اهوئي سبب آهي جو جن ڌرين پيپلزپارٽي کي هٽائڻ چاهيو پئي هاڻي انهن پنهنجي حڪمت عملي تبديل ڪري ڇڏي آهي ۽ پيپلزپارٽي کي شايد 5 سال پورا ڪرڻ ڏنا ويندا ۽ سياسي طور تي ان کي ايترو مضبوط به رهڻ نه ڏنو ويندو جو اها انهن جي ڪنٽرول مان ٻاهر نڪري وڃي ۽ سياسي طور تي اهڙا فيصلا ڪري جيڪي انهن ڌرين کي نقصان ۾ وجهن. تنهن ڪري لڳي ٿو ته انهن ڌرين جي اها حڪمت عملي آهي ته پيپلزپارٽي کي ڪمزور حالت ۾ پنهنجو اقتداري مدو پورو ڪرڻ ڏنو وڃي ته جيئن اها سياسي طور تي ڪمزور به ٿئي ۽
    سندس گراف کي ڌڪ به لڳي .ٻئي پاسي اها حڪومت ۾ رهي ڪري انهن ڌرين کي ايترو نقصان به نه پهچائي سگهي ۽ هي جيڪي اتحادي حڪومت کان ڌار ٿيا آهن اهي ان حڪمت عملي جو حصو لڳي رهيا آهن. باقي حڪومت جي تبديلي لاءِ ڪا به اهڙي سنجيده ڪوشش نظر نه پئي اچي جنهن مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ته حڪومت کي تبديل ڪيو پيو وڃي. ڇاڪاڻ جو هر حڪومت کي تبديل ڪرڻ کان اڳ ۾ متبادل جو به انتظام ڪيو ويندو آهي پر هتي اسلام آباد جي سياسي فضا ۾ اڃا تائين متبادل طور پاڻ کي ڪير به تيار محسوس نه ڪري رهيو آهي ۽ نه ئي رضاڪارانه طور تي ڪير پاڻ کي پيش ڪندو. ڇاڪاڻ جو هن وقت ملڪ نه صرف معاشي طور پوئتي وڃي رهيو آهي پر عالمي سطح تي به هڪ وڏو دٻاءَ آهي جنهن ڪري واپاري ۽ سيڙپڪاري جا جيڪي به ٽارگيٽ مقرر ڪيا ويا هئا انهن مان ڪو به پورو نه ٿي سگهيو آهي ۽ پيداواري هدف ۾ حاصل نه ٿي سگهيا آهن . حڪومت کي هلائڻ جي لاءِ انهن شين جي تمام گهڻي ضرورت پوندي آهي سو موجوده حالتن ۾ آءِ ايم ايف جي مدد کانسواءِ ملڪي معيشت هلائڻ تمام گهڻي ڏکي آهي . آءِ ايم ايف جي شرطن کي مڃڻ سان هڪ پاسي عوامي مقبوليت کي ڌڪ لڳي ٿو ته ٻئي پاسي سياسي طور تي حڪومت کي نقصان به پهچي ٿو ته انهن حالتن ۾ ڪا به سياسي پارٽي اهڙو سودو ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيندي. جڏهن ته آءِ ايم ايف حڪومت کي 9 مهينن جي قرض جي لاءِ ٻي مهلت ڏني آهي جنهن کانپوءِ هاڻي آر جي ايس ٽي کي فوري طور تي منظور ڪرائڻ به لازمي ناهي ان ڪري حڪومت کي ان حوالي سان ڪجهه رليف مليو آهي ته اها 9 مهينن جي اندر اسيمبلي اندر آر جي ايس ٽي کي منظور ڪرائڻ لاءِ حمايت حاصل ڪري وٺندي ۽ جيڪو فوري طور تي حڪومت تي دٻاءَ هو اهو ڪافي حد تائين گهٽيو آهي جنهن مان لڳي ٿو ته حڪومت لاءِ فوري طور تي پريشاني جي في الحال ڪا به ڳالهه ناهي .بشڪريه عبرت
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو