اتحادي حڪومت ۾ ڏار ۽ آئينده جي سياسي صف بندي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏2 جنوري 2011۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    اتحادي حڪومت ۾ ڏار ۽ آئينده جي سياسي صف بندي​


    رشيد سومرو
    جيتوڻيڪ پاڪستاني سياست ۾ تبديلي جو ڪو به وقت مقرر ٿيل نه آهي. اها ڪنهن به وقت ۽ ڪن به حالتن ۾ ممڪن آهي ، جيئن جيئن سياري جي سردي ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي تيئن ئي اسلام آباد کان ڪراچي تائرن اقتداري ايوانن ۾ به سياري ٿڌ ۾ تيزي وڌي رهي آهي ، حڪومتي اتحاد ۾ شامل اتحادين مان پهرين جميعت علماءِ اسلام ڌار ٿي وئي ان جي ڪجهه هفتن کان پوءِ ايم ڪيو ايم به ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي تقرير کي بنياد بڻائي پنهنجن وزيرن کان استعيفائون طلب ڪيون آهن. هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته حڪومتي اتحاد کان ڌار ٿيندڙ جميعت علماءِ اسلام ۽ ايم ڪيو ايم ملڪ ۾ ايندڙ سياسي تبديلي کان پهرين پنهنجا نوان اتحادي جوڙڻ لاءِ نئين صف بندي جو اعلان ڪيو آهي يا حڪومتون تبديل ڪرائيندڙ اسٽيبلشمينٽ جي ڏنل سگنل کان پوءِ پنهنجن جماعتن کي اقتداري شراڪتداري کان ڌار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
    بظاهر مولانا فضل الرحمان پاران پنهنجي وزيرن کي بلاجواز وزارت تان هٽائڻ ۽ متحده پاران ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي جوشيلي تقرير کي جواز بنائي اقتدار کان ڌار ٿيڻ جي فيصلي جو اعلان ڪيو ويو آهي پر سياست تي گهري نظر رکندڙ ماهرين جو خيال آهي ته مولانا فضل الرحمان ۽ ايم ڪيو ايم هميشه اقتداري سياست جا شوقين رهيا آهن تن پاران بي مندي برسات جيان اوچتو حڪومتي اتحاد کان ڌار ٿيڻ حيرت جوڳو نه آهي يقينن انهن وٽ ڪا ٿيوري اڳيان آهي جنهن کي بنياد بنائي ٻنهي جماعتن حڪومتي اتحاد کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪيو آهي .دلچسپ ڳالهه اها آهي ته جميعت پاران وفاقي وزارتون ڇڏڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي پر مولانا فضل الرحمان بدستور ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين رهندو ۽ جميعت علماءِ اسلام بلوچستان توڙي گلگت بلتستان سرڪار کان به الڳ نه ٿيندي ساڳيو حال ايم ڪيو ايم جو به آهي . ايم ڪيو ايم جا ٻه وفاقي وزير بابر غوري ۽ فاروق ستار وفاقي وزارتن تان استعفائون پيا ڏين پر سنڌ حڪومت ۾ شامل رهندا. اها ڳالهه ظاهر ڪري ٿي ته ٻئي جماعتون سياسي مفادن پٽاندر حڪومت تي پريشر وجهي پنهنجا سياسي مطالبا مڃائڻ گهرن ٿيون نه ڪي حڪومتي اتحاد کان مڪمل الڳ ٿي ڪا نئين سياسي ايجنڊا تي عمل ڪرڻ گهرن ٿيون. اهو ئي سبب آهي جو ٻئي جماعتون حڪومتي اتحاد جو حصو به آهن ته اپوزيشن جو به حصو آهن.
    هوڏانهن حڪومت جي ڪنهن امڪاني تبديلي جي پيش نظر اڄ ڪلهه ڪراچي به سياسي سرگرمين جو مرڪز آهي خاص ڪري ڪنگري هائوس تي سياسي قائدين جي آمد ۽ متحده مسلم ليگ جوڙي حڪومتي اتحاد جو مقابلو ڪرڻ لاءِ مسلسل ڪوششون جاري آهن. پر پير پاڳاري جي ڪوششن جي باوجود متحده مسلم ليگ جو خواب ساڀيان نه ٿي سگهيو آهي جنهن لاءِ تاحال ڪوششون جاري آهن.
    ڏاهن موجب ته متحده مسلم ليگ جو قيام سواءِ خواب جي ٻيو ڪجهه به نه آهي. چوڌري شجاعت کان ويندي شيخ رشيد تائين، سليم سيف الله کان ويندي مير ظفرالله جمالي تائين ملڪ جي چوٽي جي سياسي سردارن پاران ڪنگري هائوس جي ياترائن ڪرڻ جي باوجود ان جو هيستائين ڪو به خاطر خواهه نتيجو نه نڪتو آهي.
    البته ايترو ضرور آهي ته پي پي جي وفاقي ۽ سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي مان عوام قطعي ناخوش آهي، مهانگائي، بدامني، پيٽرول جي قيمتن ۾ ڏينهنون ڏينهن واڌ، اٽي ۽ کنڊ جي اگهن ۾ واڌ عام ماڻهو جو حڪومت جي ڪارڪردگي مان ويساهه ختم ڪري ڇڏيو آهي. ان حد تائين جو پي پي جا رهنما ۽ مقامي ڪارڪن به هاڻي پنهنجي حڪومتي پاليسين تي تنقيد پيا ڪن ۽ مستقبل جي حوالي سان مايوسي جو شڪار آهن.
    سياست تي گهري نظر رکندڙ ماهرن جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم پاران حڪومت کان اوچتو الڳ ٿيڻ جو فيصلو نه ڪيو ويو آهي . تن جو چوڻ آهي ته پي پي حڪومت پاران بلدياتي چونڊن کان پهرين سنڌ اسيمبلي مان بلدياتي نظام جي ڪمشنري نظام جي بحالي ۽ ناظمن جي جاءِ تي چيئرمين آڻڻ وارو بل ڪجهه ڏينهن ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ جو امڪان آهي ۽ سنڌ جي وڏي وزير موجب ته نون ٺاهيل ضلعن کي پراڻي حيثيت ۾ بحال ڪبو جي اعلان بعد ايم ڪيو ايم سنڌ حڪومت کي بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ استعفائن جو ڍونگ رچايو آهي جي حڪومت اهو بل پيش نه ڪيو ته ايم ڪيو ايم حڪومت کان ڌار نه ٿيندي. جيستائين مولانا فضل الرحمان جو تعلق آهي ته ان ۾ لچڪ آهي ۽ شايد حڪومت ان کي راضي ڪري وٺي.
    هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته هن سڄي راند ۾ مسلم ليگ ن جو ڪهڙو رول ٿو رهي جيڪا اها وفاقي حڪومت خلاف ميدان تي اچي ٿي ته پوءِ صورتحال ڪجهه ٻي هوندي پر ان جو بنهه امڪان نه آهي ڇو ته مسلم ليگ پنجاب ۾ حڪومت ۾ آهي هو وفاقي حڪومت جي تبديلي واري عمل ۾ شريڪ ٿي حڪومت کي تبديل ڪري ڏيڍ سال لاءِ اقتدار ۾ نه آيندي ۽ مڊٽرم چونڊن جو به مطالبو نه ڪندي. ڇو ته ان سان پي پي وري عوام وٽ وڃي اهو چوندي ته کين حڪومت ڪرڻ نه ڏني وئي ان ڪري مسلم ليگ چاهي ٿي ته ڀل حڪومت جنهن جو مدو پورو ڪري ۽ عوام وٽ مظلوم ٿي نه وڃي پر پنهنجي ڪارڪردگي جي بنياد تي عوام وٽ وڃن. ان سڄي صورتحال ۾ هن وقت ملڪ ۾ جاري سياسي بحران عارضي نظر اچي ٿو شايد حڪومت جي فوري تبديلي وارو خواب ساڀيان نه ٿئي.
    بشڪريه عبرت
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو