ڏاڏل شينو
سينيئر رڪن
ڏاڍو ياد ايندو آهي
اهو بچپن ۾ تنهنجو منهنجي پٺيان ڊڪڻ
منهنجو لڪي لڪي توکي روئيندو ڏسڻ
ڏاڍوياد ايندو آهي
ها ان وقت جذبات نه ها ،مان مڃان ٿو
تڏهن تو سان اهو پيار نه هو مان مڃان ٿو
پر هاڻي وري وري انهن خيالن جو اچڻ
روئي روئي تنهنجيون اهي اکيون مهٽڻ
ڏاڍوياد ايندوآهي
اها تنهنجي دلڪشي اها تنهنجي دلبري
ساه منهنجي ۾وئي آهي سا پل پل گهري
تنهنجو سڏڻ منهنجو ٻڌي ، نه ورڻ
ٿوري ٿوري محل لاء رسي وري پرچڻ
ڏاڍو ياد ايندو آهي
جڏهن ٻار ها سين ڪندا پير ها سين
پري رهڻ لاء ڪڏهن نه مجبور ها سين
بي ڌڙڪ تنهنجي گهر اچي، اهو چوڻ
هٿ وٺي، هل سنڌو هلي ٻاهر راند کيڏڻ
،ڏاڍو ياد ايندو آهي
ڪاش جي سدائين ائين ئي رهون ها
اڄ ايترو نه هڪ ٻئي کان پري رهون ها
هر هر انهن خيالن جو ذهن ۾ ٻڏي ترڻ
تنهنجو اُهو ”ڏاڏل“ کي روئي وري کلڻ
ڏاڍوياد ايندو آهي
اهو بچپن ۾ تنهنجو منهنجي پٺيان ڊڪڻ
منهنجو لڪي لڪي توکي روئيندو ڏسڻ
ڏاڍوياد ايندو آهي
ها ان وقت جذبات نه ها ،مان مڃان ٿو
تڏهن تو سان اهو پيار نه هو مان مڃان ٿو
پر هاڻي وري وري انهن خيالن جو اچڻ
روئي روئي تنهنجيون اهي اکيون مهٽڻ
ڏاڍوياد ايندوآهي
اها تنهنجي دلڪشي اها تنهنجي دلبري
ساه منهنجي ۾وئي آهي سا پل پل گهري
تنهنجو سڏڻ منهنجو ٻڌي ، نه ورڻ
ٿوري ٿوري محل لاء رسي وري پرچڻ
ڏاڍو ياد ايندو آهي
جڏهن ٻار ها سين ڪندا پير ها سين
پري رهڻ لاء ڪڏهن نه مجبور ها سين
بي ڌڙڪ تنهنجي گهر اچي، اهو چوڻ
هٿ وٺي، هل سنڌو هلي ٻاهر راند کيڏڻ
،ڏاڍو ياد ايندو آهي
ڪاش جي سدائين ائين ئي رهون ها
اڄ ايترو نه هڪ ٻئي کان پري رهون ها
هر هر انهن خيالن جو ذهن ۾ ٻڏي ترڻ
تنهنجو اُهو ”ڏاڏل“ کي روئي وري کلڻ
ڏاڍوياد ايندو آهي