نئون سال ۽ پراڻن سالن جي نئين ٿي پيل يادگيري! محمود مغل سال جي اختتام تي، الاءِ ڪيترا سال ياد آيا آهن. گهٽ ۾ گهٽ ايڪٽيهن سالن کانپوءِ اسين سڀ ڪٺا ٿيا هئاسين، عمرِ عزيز به رب مٺڙي جي عجيب مَهر آهي، جي هُجي ٿي ته ملاقات جو ڪو نه ڪو گوشو سامهون اچي ئي وڃي ٿو. جي نصيب ۾ هُجي ته وري ”ڀاڪرن جو بهانو“ پلئه پئجي ويندو آهي، اکين کي ديدار نصيب ٿيندو آهي، الاءِ ڪيتريون موڪلايل گهڙيون ڪجهه گهڙين لاءِ واپس اچي وينديون آهن. 1977ع ۾، اسان ميٽرڪ ڪئي هئي ۽ 1979ع ۾ انٽرميڊيٽ... سنڌ يونيورسٽيءَ جي ماڊل اسڪول ۽ پوءِ لاڳاپيل ماڊل ڪاليج مان، حياتيءَ لاءِ عملي تربيت حاصل ڪندي، اسين وڻ وڻ جي ڪاٺيءَ جيان 1979ع ۾ وکري ويا هئاسين، تنهن زماني ۾ هر ڪلاس جا ٽي سيڪشن هوندا هئا. اَي، بي ۽ سي ۽ هر سيڪشن ۾ تقريبن پنجيتاليهه کن شاگرد هوندا هئا. هڪ ئي اسڪول ۾ ماهه و سال گذارڻ جي ڪري، سڄي اسڪول ۾ ڄڻ هڪ ٻئي جي خبر هوندي هئي، اهو ته يقيني هئو ته هر سيڪشن جا ڪلاسي، هڪٻئي کان واقف هجن، پر بهرحال ٻين سيڪشنن سان به راهه و رسم ته هوندي ئي هئي، يادگيرين جا دروازا کُلن ٿا ته اسين سڀ گڏ هوندا هئاسين، غالب علي شاهه، آفتاب پٺاڻ، عيسيٰ ڀرڳڙي، عيسيٰ ترڪ، اشفاق ڀرڳڙي، تحسين شيخ، عطاءُ الله ميمڻ، سيد جمال شاهه، طارق پٺاڻ، اعجاز مغل، طفيل ميمڻ، خالد ميمڻ، خالد شيخ، ٻيو خالد ميمڻ، ڪريم بخش ساند، عبدالنبي، نور نبي، نديم دائود پوٽو، امين، الاهي بخش، ناصر شاد، مولا بخش رند، علي رضا سومرو، آفتاب مير جت، ذوالفقار شيخ، مرتضيٰ ۽ ٻيا سڀ پنهنجي بي انتها فيض وند، مانائتن استادن کان مان وٺندا هئا ۽ حياتي سکندا هئا. اهو ماڊل اسڪول جو عروج هيو...زوال کان ته پروردگار کيس بچائيندو پر سچ ته اهو آهي ته اهو زمانو ”اَور“ هوندو هيو، سائين تاج محمد هاليپوٽو صاحب، سائين عبدالفتاح مغل صاحب ۽ سائين غلام حسين انصاري صاحب جهڙا سخت گير پرنسپلز هوندا هئا. سائين مرحوم حاجي موٽيل صاحب، سائين خميسو خان صاحب، سائين گل حسن سهتو صاحب، سائين عبدالڪريم ميمڻ صاحب، سائين محمد بخش شيخ صاحب، سائين سيد اعجاز علي شاهه صاحب، سائين عبدالله سمون صاحب، سائين عبدالرحمان ميمڻ صاحب، سائين خير محمد ميمڻ صاحب، سائين مسعود صاحب، سائين شمس الرحمان صاحب، سائين شمس الحق صاحب، سائين بشير احمد صاحب، سائين حضرت بلال صاحب ۽ ٻيا استادِ محترم، جناب سائين عبيدالرحمٰن صاحب جي نائب پرنسيپاليءَ ۾ اسان سڀني جون واڳون ڇڪي رکندا هئا. بي انتها سخت پڙهائيءَ ۾، رڳو ڪتاب نه هوندا هئا. ڪردار به هوندو هيو، اٿڻ، ويهڻ، لڄ لحاظ، لباس، صفائي هر شيءِ سيکاري ويندي هئي، جمعي ڏهاڙي، اسيمبليءَ مان موٽندي، هرڪو ڇوڪرو، هٿن کي ابتو جهلي گذرندو هيو ۽ ٻه استاد نگاهه رکندا هئا. هٿن جي آڱرين جا ننهن وڏا ناهن ۽ ٺڪ سان سندن کيسي مان نيل ڪٽر نڪتي ناهي.. وڏن نَنهن وارن جي قطار الڳ ٺهندي هئي ۽ سندن آڱريون ”ديده زيب“ ٿي قلم جهلڻ لاءِ ڪلاس ڏي ورنديون هيون. مٿان جي وارن جو ”جهڳٽو“ وڌي ويندو هو ته پهريون ڀيرو مشورو ملندو هو، ٻئي ڀيري چتاءُ ۽ ٽئين ڀيري ڪٽائي واري مشين مٿي تي وچان چَتو لاهي ڇڏيندي هئي.... استاد، ذاتي طور تي، شاگردن جي ڄاڻ رکندا هئا ۽ کين ڪجهه ٺاهڻ گهرندا هئا ۽ اهو ئي ڪو جهان هيو، جو اسان جهڙا عام، مڊل ڪلاس جا ماڻهو، علم جي ان کُوري مان پچي نڪتا ته الاءِ ڇا بڻجي ويا. پڙهائي حاصل ڪرڻ مهل، اسان جا ڪيترائي ڪلاسي امير به هوندا هئا، پر سندن اَمارت جو ڪو به رعب اسان تي نه پوندو هو، اَسين عام لڏي جا عام فرد هئاسين...خواص به استادن جي سڀاءَ جي ڪري عام ٿي ويندا هئا. جنهن معيار تي سڀني کي عقل و علم عنايت ٿيو ته ڌڻيءَ مٺي جي مهر سان، ستابا ئي هوندا. حياتيءَ جو اهو دور عجيب هئو. الاءِ ڪيترا ارمان کڻي، اسين ڪتابن ساڻ ”جهول جهولان“ ۾ هوندا هئاسين ۽ اڄ ايڪٽيهن سالن جي سفر کان پوءِ اهو احساس ٿئي ٿو ته اسان مان گهڻن، اهو سڀ ڪجهه هٿ ڪري ورتو، جنهن جا خواب، اکين ۾ آکيرا ٺاهيندا هئا. آمريڪا مان آيل عيسيٰ ڀرڳڙيءَ جي ڪال حيران ڪري ڇڏيو هو، مٿان وري آفتاب پٺاڻ فون ڪئي، حيدرآباد جئم خاني ۾ ”صاحبِ حيثيت“ گڏ ٿياسين ۽ عيسيٰ، آفتاب، عطاءُ الله، طفيل، محمود، خالد ۽ مرتضيٰ، ايڪٽيهن سالن کانپوءِ مليا ته اکين جو پاڻي هر هر اوتجي پيو اچي... الله اڪبر... ڪيئن ٿي ويا هئاسين، هن عرصي ۾ ڪراڙپ، آهستي آهستي پنهنجي خيمي کوڙڻ لاءِ، ڪلا هڻڻ شروع ڪيا آهن، مٿي جا وار، منهنجا مرتضيٰ جا ۽ عيسيٰ جا موڪلائين پيا... خالد جي چهري ۾، وڏائپ اچي وئي آهي، پر سندس مُرڪَ اها ئي معصوم هئي، طفيل ائين ئي ”وِٽي“ هئو ۽ مرتضيٰ اهو ئي تندو تيز... آفتاب جي سونهاري مڪمل آهي ۽ هو پوليس واري کان وڌيڪ عالم جو ”لُڪ“ ڏئي ٿو. سڀ هڪٻئي کي ڏسي جهڙا وائڙا ٿي ويا... محترم استادن جا قصا، ڪلاس فيلو ڇوڪرين جي ياد، پنهنجي ڪلاسين جا لطيفا، الاءِ ڇا ڇا ياد نه آيو... ڪنهن کي ڪنهن جي خبر هئي ته ڪنهن کي ڪنهن جي... يادن جا ته ڄڻ ”دفتر“ کُلي ويا... هر ڪنهن، هر ڪنهن لاءِ پئي سوال پڇيو... فلاڻو ڪٿي آهي...ڇا پيو ٿو ڪري..۽ جي جواب ملي پيو ته خوشي پئي ٿي ته ٻيلي چڱي ترقي ڪئي اٿئون، سٺا عهدا ماڻيا اٿئون.. پنهنجي ڪلاس فيلوز کي ياد ڪندي، سڀ کليا پئي ته هو ڪيئن ٿي ويون آهن، اتي هڪڙي سچائي اها به سامهون آئي ته هو به اسان جي باري ۾ ائين ئي سوچينديون هونديون، ماڻهو مڌو بالا هجي يا دليپ ڪمار، وقت جي دز کيس نيٺ ته لٽي ڇڏي ٿي، هڪٻئي جو آسودگي ۽ خوشحالي ڏسي، دل ٺري پئي جو اوچتو آفتاب ٻڌايو ”سال کن پهرين، جناب عبيد صاحب مليا هئا“... عبيد صاحب اسان جا وائيس پرنسپل هئا، گهڻو ڪري سياري ۾ ڪمپليٽ سوٽ ۽ اونهاري ۾، پنهنجي مخصوص لباس ۾، ڪپهه جيان سفيد خوبصورت وارن ۽ ڀرپور شخصيت جا مالڪ عبيد صاحب، پنهنجي سائيڪل تي آمد و رفت ڪندا هئا، جي دل جي حضور کي سامهون رکجي ته اسان سڀني جي انگريزي جي ڳالهائڻ ۽ لکڻ ۾بهترين آهي ته اها صرف ۽ صرف عبيد صاحب جي محنتن جي ڪري آهي. آفتاب وڌيڪ ٻڌايو ”مون سان جيئن ئي مليا ته چيائون ته آفتاب... آپ پروردگار ڪي سامني يه گواهي دينا که مين ني زندگي ۾ ايڪ ڀي ڌيلا حرام ڪا نهين ڪمايا“...آفتاب جون اکيون ڀرجي آيون. انهيءَ ملاقات کان ستت پوءِ ئي عبيد صاحب به جهان مان رخصت ٿيو. مٿان وري حيران ڪندي عطاءُ الله پڇيو ”توهان کي خبر آهي ته ڪريم بخش ڪٿي آهي؟..“ ڪريم بخش ساند اسان جو سادڙو سودڙو ڪلاسي هو، پنهنجي ڳوٺ مان، ماڊل اسڪول تائين پهتو هو، تعليم حاصل ڪري الڳ ٿياسين ته خبر نه پئي هئي ته هو ڪهڙي حال ۾ آهي... اها بس ياد اچي ٿي ته هو خدمت ڪرڻ ۾ بي انتها يقين رکندڙ هئو...سندس ڳوٺ جي پنهنجي جڙ جي، سندس جيءَ جي جڙي هئي، ”مون کي ايتري خبر آهي ته هن قائداعظم يونيورسٽيءَ مان ماسٽرز ڪئي هئي ۽ سڌو اتان پنهنجي ڳوٺ پهچي ويو هو... هن ڪنهن وڏي نوڪريءَ لاءِ پاڻ نه پتوڙيو، بلڪه پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول ۾ ماستريءَ جي چونڊ ڪيائين... اوچتو هڪ ڏينهن مليو ته ڏسان ته ڪريم بخش ڏاڍو خوش هيو... هن پنهنجي ڳوٺ جي خدمت ڪرڻ لاءِ سوچيو هيو ۽ اهو ڪري ڏيکاريائين...“ اسان سڀ... جيڪي الاءِ ڪهڙن ڪهڙن گريڊن ۾ پهتل آهيون...عملي طور تي، پنهنجي ان هڪڙي ڪلاس فيلو جو گڏجي مقابلو نه ٿا ڪري سگهون...مطلب ۽ مقصد اهو ناهي ته ڪا وڏي نوڪري هٿ نه ڪجي... پرڳالهه اها آهي ته اسين ڪتابي خوابن جون ڪيڏيون نه ڳالهيون ڪندا آهيون ۽ وقت اچڻ تي پنهنجي ذات جي اندر، الاءِ ڪيتريون ٻيون تعبيرون کڻي ايندا آهيون. ائين ڪير ٿو پنهنجي قوم لاءِ، پنهنجي وجود کي ايتري ننڍڙي مالي برئڪيٽ ۾ رکي؟..ڪريم بخش، اسان وٽ ان مهل موجود نه هئو، پر سندس قد بهرحال طويل نظر اچي رهيو هيو...ڪريم بخش به آهي... جيڪو الاءِ ته ڪٿي آهي...؟ جتي به هجي... خوش هجي...شاد ۽ آباد هجي... جي اهڙا ڪجهه ڪريم بخش ٻيا پيدا ٿي ويا ته اسان جي علم جي کاتي تي ته ڇا بلڪه مڙني کاتن تي ڪرم ٿي پوندو...تنهنجي مرڪ ياد اچي ٿي ڪريم بخش، توکي تنهنجي سادگي ۽ تنهنجي عملي سوچ مبارڪ هجي...ايڊريس جي حوالي سان ته پڇي سگهجي ٿو ته ڪريم بخش ڪٿي آهي... هونئن دل چوي ٿي، ته هو هتي آهي...هتي ئي ته آهي... اهڙا وجود هن معاشري ۾ هجن ته گهڻو ڪجهه ”بااميد“ آهي.. اميد جي سرهائيءَ ۾ اوهان کي نئون سال مبارڪ هجي. بشڪريه ڪاوش