• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ايم ڪيو ايم جي ڏاڍ مڙسي ۽ سنڌي حڪمران

نثارابڙو

نائب منتظم
ايم ڪيو ايم جي مطالبن تي عمل شروع، ڪراچي ۾ الاٽمينٽ رد ٿيل 27 اربن جي زمين شهري سرڪار کي ڏيڻ جو فيصلو

روزنامه ڪاوش، 2 جنوري

ڪراچي (بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا ۾ ايم ڪيو ايم جي وزيرن جي ٻيهر شموليت لاءِ ايم ڪيو ايم پاران ڏنل مطالبن ۽ شرطن تي سرڪار عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي، ايم ڪيو ايم جو مطالبو تسليم ڪندي سنڌ سرڪار ڪراچي شهري سرڪار کي 27 ارب رپين جي 2 هزار 155 ايڪڙ اها زمين ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، جنهن جي الاٽمينٽ موجوده پ پ سرڪار ئي رد ڪئي هئي، صدر سان ڪالهه ايم ڪيو ايم جي وزيرن ملاقات به ڪئي، جڏهن ته ذريعن جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم مطالبن جي لسٽ رحمان ملڪ حوالي ڪئي آهي، ڪراچيءَ جي 23 مارڪيٽن لاءِ زمين ڪراچي سرڪار کي سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم الاٽ ڪئي هئي پر موجوده پ پ سرڪار ان زمين جي الاٽمينٽ اچڻ سان ئي رد ڪري ڇڏي هئي ۽ اهو موقف اختيار ڪيو هو ته ڪراچي شهري سرڪار اها زمين حاصل ڪرڻ کان ڳچ عرصي ۾ رقم جي هڪ قسط به نه ڀري هئي، جيڪا 6 ارب 76 ڪروڙ 2 لک 37 هزار 5 سئو رپيا بڻجي ٿي.

ذريعن موجب اها زمين ٻيهر الاٽ ڪرائڻ لاءِ ايم ڪيو ايم جي ڪراچي شهري سرڪار ڪئي ڀيرا سرڪار تي زبردست دٻاءُ وڌو پر سرڪار اهو قبول نه ڪيو. جڏهن هاڻي ايم ڪيو ايم جا وفاقي وزير وفاقي ڪابينا کان ڌار ٿي ويا آهن ته سرڪار ايم ڪيوا يم جو مطالبو تسليم ڪندي 27 ارب 4 ڪروڙ 9 لک 50 هزار رپين جي اها زمين ڪراچي شهري سرڪار کي وري الاٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. اهو فيصلو ڪالهه گورنر هائوس ۾ گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد سان وڏي وزير جي ٿيل اعليٰ سطحي گڏجاڻيءَ ۾ ڪيو ويو. اها زمين نادرن باءِ پاس ۽ ان سان لاڳاپيل علائقن ۾ ڏني پئي وڃي ۽ ان زمين سان لڳ قديم وسنديون ۽ ڳوٺ به آباد آهن. ذريعن موجب ايم ڪيو ايم جي هيءَ ”فرمائش“ پوري ڪرڻ کان اڳ سرڪار ايم ڪيو ايم جي مطالبي تي سنڌ اسيمبليءَ جي 7 جنوري کان شروع ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪمشنري سرشتي جي بحالي وارو قانوني بل منظوريءَ لاءِ پيش نه ڪرڻ جو فيصلو به ڪيو آهي، جڏهن ته سڄي سنڌ مان صرف ڪراچي ۾ ڌار ڊي سي او به ايم ڪيو ايم جي مطالبي تي مقرر ڪيو ويو آهي. جن 23 مارڪيٽن لاءِ سنڌ سرڪار زمين ڏئي رهي آهي تن مارڪيٽن ۾ آئرن مارڪيٽ، اليڪٽرانڪ مارڪيٽ، گدام، پائپ فيڪٽري، ماربل فيڪٽري، هول سيل مارڪيٽ، اسفالٽ پلان، ٽمبر مارڪيٽ، ڪار شورومز، پيپر مارڪيٽ، ڪلاٿ مارڪيٽ، ٽرڪ اسٽينڊ، ڪولڊ سيوريج، فرنيچر مارڪيٽ، سلاٽر هائوس، ڪٻاڙي مارڪيٽ ۽ اناج مارڪيٽ شامل آهن. هوڏانهن گورنر هائوس مان جاري ڪيل پڌرائي موجب سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد ۽ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته ڪراچي شهر جي 23 مارڪيٽن لاءِ نادرن باءِ پاس ۽ ان سان لاڳاپيل ادارن ۾ زمين فوري طور شهري حڪومت حوالي ڪئي وڃي. هنن اهڙي هدايت گورنر هائوس ۾ ڪوٺايل اعليٰ سطحي گڏجاڻي ۾ ڏني. وڏي وزير ۽ گورنر ان تي اتفاق ڪيو ته مارڪيٽن جي منتقلي جو ڪم تيز کان تيز ڪيو وڃي ته جيئن شهر جي ڳتيل آبادي وارن علائقن کي خلاصو ڪري سگهجي ۽ ان سان شهر ۾ ماحولياتي گدلاڻ به گهٽبي. گڏجاڻيءَ ۾ روينيو کاتي جي عملدارن ۽ ڪراچي جي ڊي سي او محمد حسين سيد شرڪت ڪئي، هوڏانهن صدر سان ملاقات بعد ايم ڪيو ايم سان لاڳاپيل صوبائي وزير رضا هارون ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته اسان جا معاملا پنهنجي نوعيت جا هوندا آهن، حڪمران اتحاد ۾ ڏار عوامي مامرن تي پيو آهي.

هن چيو ته حالتون کڻي ڪهڙيون به هجن پر ماحول خوشگوار رهڻ گهرجي. هن چيو ته اسان جا هن وقت تائين جيڪي به حڪمران پارٽي سان مئسلا پيدا ٿيا آهن، انهن مسئلن کي ٻڌو ويو آهي، اسان سرچاءَ واري عمل تحت حڪومت سان گڏ رهنداسين. هن چيو ته پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جي معاملن تي گهرو وزير رحمان ملڪ جيڪا رپورٽ صدر کي پيش ڪئي آهي ان بابت کين ڪابه ڄاڻ نه آهي.

رحمان ملڪ وٽ اهڙي رپورٽ آئي ته ان جي ڪاپي اسان کي ڏياري موڪلي. صوبائي وزير چيو ته 18 ۽ 19 هين ترميم پاس ٿيڻ پارليامينٽ جي تاريخ جو وڏو ڪارنامو آهي
 
جواب: ايم ڪيو ايم جي ڏاڍ مڙسي ۽ سنڌي حڪمران

پر اڄ جي تازا خبر آهي ته ايم ڪيو ايم حڪومت کان ڌار ٿي وئي آهي۔ بلڪل تازا خبر آهي

وزير اعظم کي اعتماد جو ووٽ وٺڻو پوندو۔
 
جواب: ايم ڪيو ايم جي ڏاڍ مڙسي ۽ سنڌي حڪمران

مطلب ته هاڻ ڏسجي ته اٺ ڪهڙي پاسي ٿو ويهي ۔۔۔؟
 
جواب: ايم ڪيو ايم جي ڏاڍ مڙسي ۽ سنڌي حڪمران

ادا سليمان اهو سڀ ٽوپي ڊرامو آهي۔۔۔ بهرحال ايم ڪيو ايم ته اُڀرندڙ سج جي پوڄاري آهي، توهان کي هن وقت جي صورتحال کي ڏسي جنرل پرويز مشرف جي حڪومت جي آخري ڏينهن کي ياد ڪرڻ‌ گهرجي ته ايم ڪيو ايم ان سان ڇا ڪيو، بس انهيءَ‌ قصي کي ٻيهر دهرائي پئي۔۔۔ عوام جي نظر ۾ پنهنجي ساک بيهارڻ‌ لاءِ‌ايم ڪيو ايم اهو ڊرامو ته ڪندي۔۔ هونئين به پير پاڳاري موجب ته هي سال تبديلي جو سال آهي۔۔۔
 
جواب: ايم ڪيو ايم جي ڏاڍ مڙسي ۽ سنڌي حڪمران

تمام ڀلو ٿيو جو پاڻ ئي حڪومت کان ڌار ٿي ويا آهن۔
حڪومت کي ڪو به خطرو نه آهي۔
ن ليگ نه ق ليگ سان گڏ ٿي سگهي ٿي نه ايم ڪيو ايم سان ته پوءِ حڪومت جا في الحال خواب ئي ڏسن۔
 
جواب: ايم ڪيو ايم جي ڏاڍ مڙسي ۽ سنڌي حڪمران

سائين مان مست جي ڳالهه سان متفق آهيان باقي سڄي ڊرامي بازي آهي

سدائين گڏ
 
Back
Top