سنڌ جي سچي سپوت ۽ ناليواري شخصيت عالم ، حافظ ، اديب ، شاعر ، حڪيم محترم نياز همايوني جي اٺين ورسي تي کيس نهايت عقيدت سان ياد ڪريون ٿا ۽ سندس بلند درجات لا الله پاڪ کان دعا آهي ۔ جڏهين به تنهنجي ياد اچي ٿي پنهنجي اُ کي نيبري ٿي ، ماڪ جيان ٿا ڳوڙها ڳاڙهيون ميڻ جيان دل پگهري ٿي۔
نياز همايوني جي ورسي جي موقعي تي کيس ڀيٽا اسان جو سالڪ شاعر: نياز همايوني تاجل بيول تصوير قاضي منظر حيات جي ٿورن سان [justify] 3 جنوري 2003 تي دل جي دؤري پوڻ سبب اسان جو برک شاعر، محقق، يوناني ويڄ، فارسيءَ جو ماهر ۽ ڏاهو نياز همايوني لاڏاڻو ڪري، هڪ اهڙي سفر سٽاڻو، جتان ڪوبه واپس نه وري سگهيو آهي. هو هڪ اعليٰ مزاحمتي شاعر هجڻ سان گڏ، فارسيءَ جو عالم به هو. جنهن جي ترجمي ٿيل ڪتابن ۾ تاريخ جا ٻه ڪتاب ”تاريخ مظهر شاهجهاني“ ۽ ”تاريخ طاهري“ سنڌي ٻوليءَ جو هڪ لازوال سرمايو آهن. سندس ٻه شعري مجموعا ”ڌرتيءَ جا گيت“ ۽ ”ساڻيهه جي ساک“ به اسان جي لائبريرين جي سونهن بڻيل آهن. منهنجي دعا سلام ۽ ساڻس ٻانهن ٻڌڻ جي واٽ سٺ واري ڏهاڪي ۾ خيرپور ميرس ۾ منهنجي ڳوٺائي ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي گهر ٿي هئي، جتي ڪڏهن ڪڏهن نياز همايوني، رشيد ڀٽي، عطا محمد حامي ۽ عبدالڪريم گدائي ايندا هئا. سچل سرمست جي ميلي جي موقعي تي مشاعرن ۾ ته ملاقاتون ٿينديون ئي ٿينديون هيون. شعر ۽ سخن جا هي چار ئي وڏڙا اسان کان جدا ٿي چڪا آهن. هي اهو زمانو هو، جڏهن تنوير عباسيءَ مون کان منهنجا شعر وٺي ”نئين زندگي“ رسالي ۾ ڇپجڻ لاءِ عبدالواحد سنڌي ۽ شمشير الحيدري ڏانهن موڪليا هئا. جڏهن سرڪار بهادر سائين جي.ايم.سيد تي ڏاڍ ۽ ڏمر وڌائي ڇڏيو هو. تڏهن سائينءَ ”بزمِ صوفياءِ سنڌ“ قائم ڪري، ادبي محفلن ۽ مشاعرن ذريعي، سنڌ کي ون يونٽ مان آزاد ڪرائڻ جا پنهنجا پيغام ۽ حڪمت عمليون هن بزم جي پليٽ فارم تان ڏيڻ شروع ڪيون هيون. هن ڏس ۾ هن قسم جي هڪ محفل ڪوٽ بنگلي ڀرسان ٽڪريءَ تي قائم ڪيل درگاهه اڀن شاهه تي ڪوٺائي وئي هئي، جنهن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ تنوير عباسيءَ مون تي وڌ ۾ وڌ زور کيو هو. زور ان ڪري، جو مون لاءِ اهو پهريون موقعو هو، جو ڪنهن مشاعري ۾ مان شريڪ ٿيڻو هيس. ڇاڪاڻ ته خوف ۽ ڌڙڪ ٿي رهي هئي، ته مان شعر پڙهي به سگهندس، الائي نه! هن مشاعري ۾ نياز همايوني، عبدالڪريم گدائي، ڪامريڊ برڪت علي آزاد ۽ ٻيا به ڪيترائي جهونا شاعر ۽ ڏاها اچي گڏ ٿيا هئا. منهنجو شعر سڄو سنڌ ۽ سنڌ جي آزاديءَ بابت هو. ايترو ته داد مليو هو، جو مون کي خبر نه ٿي پئي، ته ماڻهن، خاص ڪري سن جي سائينءَ جي مڪرر، مڪرر چوڻ تي مون کي ڇا ڪرڻو هو. بس، مون به هٿ ۽ آڱريون ٿي لوڏيون. مان جڏهن اسٽيج تان لٿو هيس، ته محفل جي صدر سائين جي.ايم.سيد اُٿي بيهي مون کي ڳلي لاتو هو ۽ نياز همايونيءَ منهنجي بي نيازيءَ ۽ لااُباليءَ تي مون کي چڱو خاصو چيڙايو هو. نياز همايوني جڏهن سکر کان حيدرآباد لڏي آيو هو، ته اتي به مان وٽس وڃي رهندو هيس. سندس گهر شوقينڻين جي بازار جي ڀرسان هئڻ ڪري، ان بازار مان ضرور گذرڻو پوندو هو. هڪ ڏينهن جو واقعو هن طرح آهي، جو مون هڪ ڀاڳن ڀريءَ کي گراهڪ سان سنڌيءَ ۾ ڳالهائيندي ٻڌي ورتو، بس پوءِ ته مون تي ايڏي غيرت سوار ٿي وئي، جو ان مائيءَ جي در وٽ وڃي کيس گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳس، ته تون سنڌياڻي ٿي ڪري، هتي ڇو اچي ويٺي آهين؟ مائيءَ جڏهن چيو ته هوءَ سنڌ جي نه، پر ڪڇ ڀڄ جي آهي، تڏهن وڃي منهنجي گرمي جهڪي ٿي. اُن سڄي تماشي ۾، اسان جو نياز همايونيءَ مون کي سمجهائيندو ۽ ٽهڪ ڏيندو رهيو هو. مان ڪيترن ئي مشاعرن ۾ نياز همايونيءَ کي ڏٺو، ٻڌو ۽ ساڻس ڪچهريون ڪيون. سنڌ ۾ سنڌيت بابت شعر چوڻ لاءِ مون کي جن اتساهيو هو، انهن ۾ جنهن ترنم ۽ انداز سان نياز همايوني شعر پيش ڪندو هو، اهو ڍنگ ۽ رنگ ڪنهن ٻئي شآعر ۾ اڃا سوڌو پيدا نه ٿي سگهيو آهي. هو جڏهن چوندو هو ته، ”سنڌڙي منهنجي ماءُ او جيجل، توتان گهور ٿيان، شل نه ٿيان غدار سندءِ ڀل ڊاڪو ٿيان يا چور ٿيان“ يا ترنم ۾ هيءُ غزل چوندو هو: ”جڏهن به سچ ۽ سونهن پڪاريو، اسان جلال ۾ آياسين جنم، جنم ۾ جوڳي بڻجي جهنگ سيال ۾ آياسين“، تڏهن سندس مڌر آلاپ سانوڻيءَ واري ٻوڙ ٻوڙان لائي ڏيندا هئا. نياز همايونيءَ سان ڪيل هڪ وڏي ڪچهري به مون کي ياد آهي، جڏهن اسان تنوير عباسيءَ جي شاديءَ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ بسنت هال، حيدرآباد آيا هئاسون. جتي پهريون دفعو مون ”سانگهڙ“ ناول جي سرجڻهار محمد عثمان ڏيپلائيءَ کي ڏٺو، جو ڪنهن هڪ هنڌ بيهي پليٽ ۾ ڪجهه وجهي کائڻ بدران، هٿ سان ڪڻو ڪڻو چکندي ٿي وتيو، جنهن تي تنوير عباسي، نياز همايوني ۽ اسان چڱو خاصو کليا هئاسون. نياز همايونيءَ سان، منهنجي آخري ملاقات سندس لاڏاڻي کان ڪجهه مهينا اڳ، سنڌوءَ ڪناري حسين آباد (حيدرآباد) جي هڪ پارڪ ۾ ٿي هئي، جتي هو پنهنجي پُٽ کي کيڏائي رهيو هو، ۽ مان آل سنڌ ترقي پسند ملاح تنظيم جي چيئرمئن ۽ اسان سمن، تماچين، ڌماچن ۽ ملاحن جي پڳدار محمد عارب ملاح سان گڏ، اتان لانگهائو ٿيو هيس. ڌڻي، شال! نياز همايونيءَ کي سنڌ ساڻيهه جي حصي ۾ آيل جنت ۾ شاهه ڀٽائي، شيخ اياز، استاد بخاري ۽ نارائڻ شيام سان ڪچهريون ڪرائي![/justify] روزانه عوامي آواز جي ٿورن سان
جواب: محترم نياز همايوني جي حضور خراج عقيدت رب العالمين سنڌ جي عالم، ڏاهي ۽ شاعر نياز همايوني جي مغفرت فرمائي جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي ۔۔۔ آمين
جواب: محترم نياز همايوني جي حضور خراج عقيدت آءٌ نماڻو، هاري زادو، ذات جو ڪوري، نانءُ نياز، سڀڪو ڄاڻي، ڪين ٿو ڄاڻي، ڏِنگن وارو ڏانءُ نياز ادا دعا آهي ته رب پاڪ کين جي معفرت ڪري ۽ جنت الفردوس م جايون عطاء ڪري، ادا نياز همايوني صاحب هڪ بهترين عالم، اديب شاعري سان گڏ هڪ بهترين انسان پڻ هئا، نياز همايوني صاحب هڪ جديد دور جو بهترين شاعر ۽ محب وطن ماڻهون هوا، پاڻ ڪيترائي طويل نظم پڻ لکيا آهن جنهن جو انداز هڪ پنهنجو انداز آهي، جيڪا پڻ هڪ الڳ سان نياز جي سڃاڻپ آهي، الله نه ڀلائي ته مون سندس جو ڪيل شاه جي شاعري جو ڪجهه حصو فارسي ۾ترجمو پڻ ڏٺو آهي، منهنجي خيال ۾ دادو علامه آءِآءِ قاضي لائبريري ۾۔ نياز همايوني صاحب جي باري ۾ مان به هڪ سنڌ سلامت تي مضمون ونڊ ڪري چڪو آهيان جنهن جي لنڪ پڻ هيٺ ڏجي ٿي۔ سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب جو شاعر- نياز همايوني. نياز همايوني جي شاعري مان چونڊ سٽون ۔