• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پرائي سونهن کي پيارا چمڻ لاء حوصلا گهرجن

علي ظفر

نائب منتظم
انتظامي رڪن

ڪجه ذوق مٽائيندي سائين نثار ابڙي جي ڳاله وانگر ته هاڻي ڪجه لفظ ايترا ته ٻڌا آهين جو هاڻي دل چوي ته ته انهن کي ڊڪشنري مان ئي ڪڍي ڇڏجي چوته ٻڌي ٻڌي ايترو ته تنگ ٿي پيا آهييون جو هاڻِ اهي لفظ دماغ تي هٿورا ٿي پيا وسن سو سائين اوهان جي ذوق کي بدلڻ لاء هي شاعري اوهان جي نظر



ڏکي آ پيار جي منزل هلڻ لاء حوصلا گهرجن

هزارين خوف ۽ خطرا کٽڻ لا حوصلا گهرجن

رهي ٿو چنڊ وانگر جو ڪڏهن گم سم ڪڏهن ظاهر

انهي محبوب سائين سان ملڻ لاء حوصلا گهرجن

پره جي هير ۾ ڪنهن تان هٽائي زلف جا پهرا

پرائي سونهن کي پيارا چمڻ لاء حوصلا گهرجن
 
جواب: پرائي سونهن کي کي پيار چمڻ لاء حوصلا گهرجن

واھ سائين موسمي ٻٽيرو صاحب تمام بهترين۔
هن سٽ ۾ هن لفظ جي معني ڇا ٿيندي۔۔؟
پرائي سونهن کي کي پيار چمڻ لاء حوصلا گهرجن
 
جواب: پرائي سونهن کي کي پيار چمڻ لاء حوصلا گهرجن

واھ سائين موسمي ٻٽيرو صاحب تمام بهترين۔
هن سٽ ۾ هن لفظ جي معني ڇا ٿيندي۔۔؟
پرائي سونهن کي کي پيار چمڻ لاء حوصلا گهرجن


ادا عاشق سائين نثار ناز جي عاله وانگر اسان ته ٿيا سي رولو فقير اسان کي ڪهڙي خبر عشق جي ۽ عشق جي لاهن چاڙهن جي اسان ته سڌا سنوا ماڻهون آهيون جاني پر يار تون ئي ٻڌا فقير کي خيرات سمجهي ڪري اها سمجهاڻي ڏي اسان کي ان چمڻ جي ها ها ها ها پر جي مهنجي سامهون هجين ها ته مان پريڪٽيڪل طور تي اوهان کا سمجهايان ها =))=))هاڻي اوهان سامهون ناهيو ته اوهان ئي سمجهايو =))=))=))
 
جواب: پرائي سونهن کي کي پيار چمڻ لاء حوصلا گهرجن

رهي ٿو چنڊ وانگر جو ڪڏهن گم سم ڪڏهن ظاهر،
انهي محبوب سائين ســـــان ملـــڻ لاء حوصــــلا گهرجن ۔

يار علي علي؛ جي تون منهنجي سامهون هجين هان ته اصل چميون ڏئي ڳٽا ڳاڙها ڪجن ها ۔۔۔ صفا افٽ گيت کڻي آيو آهين ۔۔۔

پر شاعر ڪير آهي ۔۔۔؟

جي اوهين شاعر آهيو ته بس هاڻ سائين نثار ناز پنهنجا ٽپڙ گول ڪري ۔۔۔ ننڍي لاءِ ڳوٺ ۾ مداري يا ساحر ايندي هو، پنهنجا کيل ڏيکاريندو هو پوءِ اچانڪ هڪ معزز ۽ پاڻکي عالم سيد سڏائي اچي ساحر جي حالت خراب ڪندو هو پوءِ اهو ساحر پنهنجا ٽپڙ گول ڪري ڀڄندو هو پر شاه يا اهو عالم کيس پنهنجي علم ذريعي ڪيرائي ڪيرائ ماريندو هو ۔۔۔ اسين ننڍڙا ٻار اصل تاڙيون وڄائي خوش ٿيندا هياسون ۔۔۔

سو هاڻ جو علي علي شاعر ٿيو آهي ۽ اهڙا گيت ٿو لکي ته پوءِ اسانجا ٽپڙ گول سمجهه ۔۔۔

سائين علي! چڱو ڪيو اٿوَ جو مند مٽائي اٿوَ ۔۔۔ نه ته ڪالهه تائين هڪ ئي لفظ ٻڌي ٻڌي اصل دماغ ڪچو ٿي پيو هو ۔۔۔ الله اوهانکي وڌائي ۔۔۔

سلام
 
جواب: پرائي سونهن کي کي پيار چمڻ لاء حوصلا گهرجن

ادا عاشق سائين نثار ناز جي عاله وانگر اسان ته ٿيا سي رولو فقير اسان کي ڪهڙي خبر عشق جي ۽ عشق جي لاهن چاڙهن جي اسان ته سڌا سنوا ماڻهون آهيون جاني پر يار تون ئي ٻڌا فقير کي خيرات سمجهي ڪري اها سمجهاڻي ڏي اسان کي ان چمڻ جي ها ها ها ها پر جي مهنجي سامهون هجين ها ته مان پريڪٽيڪل طور تي اوهان کا سمجهايان ها =))=))هاڻي اوهان سامهون ناهيو ته اوهان ئي سمجهايو =))=))=))

^#(^ اباڙي۔۔۔۔وڏا فقير۔۔۔مانکي سٽ ۾ غلطي پئي نظر اچي يار۔=))=))
 
جواب: پرائي سونهن کي پيارا چمڻ لاء حوصلا گهرجن

انهي محبوب سائين سان ملڻ لاء حوصلا گهرجن
پره جي هير ۾ ڪنهن تان هٽائي زلف جا پهرا
پرائي سونهن کي پيارا چمڻ لاء حوصلا گهرجن


تمام بهترين شاعري ۽ ترجماني ڪيل آهي

لاجواب

اسان جهڙا فقير ماڻهو ته صرف اوهان کي ائين ئي چئي سگهن ٿا ته

اهڙيون ڪوششون جاري رکجو

سدائين گڏ
 
جواب: پرائي سونهن کي پيارا چمڻ لاء حوصلا گهرجن

ادا علي علي اوهان هن ونڊ جي جيتري واکاڻ ڪجي اها گهٽ هوندي۔ تمام بهترين انداز ۾ لفظن جو استعمال
۽ لفظن جي گهرائي ۔۔ جو ڇا ڳالهه ڪجي۔۔
ڇا هي توهان جي پهنجي شاعري آهي ؟
 
جواب: پرائي سونهن کي پيارا چمڻ لاء حوصلا گهرجن

ڏکي آ پيار جي منزل هلڻ لاء حوصلا گهرجن

هزارين خوف ۽ خطرا کٽڻ لا حوصلا گهرجن

رهي ٿو چنڊ وانگر جو ڪڏهن گم سم ڪڏهن ظاهر

انهي محبوب سائين سان ملڻ لاء حوصلا گهرجن

پره جي هير ۾ ڪنهن تان هٽائي زلف جا پهرا

پرائي سونهن کي پيارا چمڻ لاء حوصلا گهرجن

بهترين سٽن جي چونڊ ۔۔۔۔ جي مون وانگر ٻين جي شاعري ونڊ ڪئي اٿو ته به واه واه ۽ جي اوهان جي شاعري آهي ته لاجواب ۔

اڄ علي علي ڪنهن وڏي موج ۾ پيو لڳي۔ ڳاله ڪهڙي آهي اهو ته ڪو مست ئي ٻڌائي سگهي ٿو

ادا بهترين ونڊ آهي
 
جواب: پرائي سونهن کي پيارا چمڻ لاء حوصلا گهرجن

سائين هٿ ادب جا ٻڌي عرض ڪندس ته سونهن پرائي هوندي ئي ڪانهي ها باقي سونهن کي چمڻ لاء حصلا کپن ٿا اها هڪڙي عالمگير حقيقت آهي پر اوهان الائي ڪهڙي معنى ۾ اهي الفاظ استعمال ڪيا آهن جي ڪنهن زماني۽ مڪاني محبوب کي چمڻ جي ڳالھ ڪيو ٿا ته خدا جي واسّطي خيال ڪجو ماڻهو اڳئي تتا پيا وتن رڳو بهانو کپي۔ علي علي تي علي علي ڪري ڪڙڪي نه پون بحرهال بهترين سٽون پڙهڻ لاءِ مليون وڌايون سائين
 
جواب: پرائي سونهن کي پيارا چمڻ لاء حوصلا گهرجن

ادا ڪهڙي ڳالهه ڪجي اوهان جي هن تحرير جي اسان جا حوصلا بلند ٿي ويا آهن ۽ ڳالهه رهي چمڻ جي ته ادا عشق ۾ سب جائز آهي ۽ عشق به اگر وطن سان هجي ته منزل کي چمڻ جو مزو ئي پنهنجو آهي

بهترين چونڊ ۽ ونڊ آهي ادا


سدائين گڏ

sindhsalamatsaathsal
 
Back
Top