دعا ڪريو محترم دوست مست جي ڀاءُ لاء تون حبيبُ، تون طبيبُ، تون دَردَ جي دَوا؛ جانِبَ! منهنجي جِيءَ ۾ آزَرَ جا اَنوا؛ صاحبَ! ڏي شِفا، ميان! مريضنِ کي. سنڌ سلامت جا ساٿيو اسان جي گهڻگهري دوست ۽ سنڌ سلامت جي جاکوڙي دوست محترم اسدالله مير جت عرف مست جو ڀاء ُ محمد علي ميرجت ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ آءِ سي يو روم ۾ داخل آهي ۽ سندس طبيعت وڌيڪ خراب آهي ۽ خطري ۾ آهي، جنهن لاء سنڌ سلامت جي تمام ساٿين کي اپيل ٿي ڪجي ته محترم دوست محمد علي ميرجت لاء دعا ڪن۔ دعا آهي ته رب پاڪ پاڪ کين جلد از جلد شفاء عطاء ڪري آمين
جواب: دعا ڪريو محترم دوست مست جي ڀاءُ لاء امن يجيب المضطر اذا دعاه و يڪشف السوء ادا ادي اسد جو مون ڏي ۽ سائين نثار ابڙي ڏي سنڌ سلامت تي به ۽ منهنجي موبائيل تي به دعا جي سلسلي ۾ پيغام آيو هو ۔۔۔ مون سائين جي برادر محترم جي لاء هر نماز کان بعد پاڻ به دعا ڪئي ۽ پهنجي دوستن ۽ گهر وارن کي به دعا جي اپيل ڪئي ته هو دعا ڪن ته خدا وند تعالى پنجتن پاڪ جي صدقي ۽ بيمار ڪربلا جي صدقي ادي محمد علي کي شفا يابي عطا فرمائي آمين ۔ ۽ ادا اسد جي اوهان کي ڪنهن به جاني يا مالي مدد جي ضرورت هجي ته پليز پليز پنهنجي هن ڀاء کي ضرور ياد ڪندا انشاء الله پهنجي وس آهر اوهان جو ساٿ ضرور ڏبو
جواب: دعا ڪريو محترم دوست مست جي ڀاءُ لاء اسان رب پاڪ جي حضور دعاگو آهيون ته مست جي ڀاء ادي محمد علي کي شفاء ڪاملا عطا ٿئي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔آمين
جواب: دعا ڪريو محترم دوست مست جي ڀاءُ لاء مان سمورن دوستن جو تهه دل سان ٿورائتو آهيان جن منهنجي ڀاءُ جي لاءِ ايتريون دعائون گهريون آهن ۽ ميسج ڪري فون ڪري يا سنڌ سلامت ذريعي پنهنجي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪري تعاون جو چيو آهي۔۔۔ دوستو! حياتي الله تعالى جي امانت آهي، ان کان ڪوبه انڪار نه آهي، الله پاڪ جڏهن به چاهي پنهنجي بندي کي گهرائي سگهي ٿو ، اهو ئي خالق آهي جيڪو چاهي ته مرده کي زنده ڪري يا زنده کي مرده ڪري۔۔۔ دوستو! ڦڪيون به تڏهن فرق ڪنديون آهن جڏهن الله پاڪ جو امر ٿيندو آهي۔۔ ڀاءُ جي طبيعت گذريل 23 ڏينهن کان تمام گهڻي خراب هئي ۽ ٻن هفتن کان لاڳيتو غشيءَ جي حالت ۾ آهي، حيدرآباد جي مڃيل ڊاڪٽرن کي ڏيکارڻ ۽ انهن جي ڏسيل دوائن جي ڪورس تي عمل ڪرڻبعد به ڪو فرق نه پيو رهندو حالت بگڙجندي وئي، ان بعد سي۔ٽي اسڪين ڪرائڻ سان ڪجهه ٻي ئي ڳالهه خبر پئي، جنهن لاءِ هنن ڪراچي ارجينٽ منتقل ٿيڻ جو چيو، جنهن ڳالهه کي مڃي ڪالهه رات ڀاءُ کي جناح هسپتال ۾ ايڊمٽ ڪرايوسين۔۔۔۔ بس هينئر ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته آپريشن کان سواءِ ڪو چارو نهآهي، دوائن جو وقت نه آهي، فقط دعائون ۽ آپريشن
جواب: دعا ڪريو محترم دوست مست جي ڀاءُ لاء ادا هيئر به مون ٽيپهري جي نماز کانپوء توهان جي ڀاءُ محترم محمد علي ميرجت جي صحت يابي لاء دعائون گهريون آهن، ۽ ادا اسان جون دعائون هر وقت توهان جي ڀاء لاء ساڻ رهنديون ، ادا دعا آهي ته رب پاڪ توهان جي ڀاءُ کي جلد از جلد شفاءِ عطاء ڪري ۽ توهان جون تمام مشڪلاتون ۽ پريشانيون دور ڪري، َآمين۔
جواب: دعا ڪريو محترم دوست مست جي ڀاءُ لاء ڌڻي در عاجزي سان دعاء آهي ته ادي کي شفاءِ ڪامله عاجله نصيب فرمائي۔ آمين۔
جواب: دعا ڪريو محترم دوست مست جي ڀاءُ لاء اد مست فقير پاران پڻ ڌڻي در دعا آهي ته الله تعالى توهان جي ڀاءُ محمد علي مير جت کي وڏي حياتي ۽ صحت ڪاملا عطا ڪري . آمين
جواب: دعا ڪريو محترم دوست مست جي ڀاءُ لاء دوستو! ڀاءُ جي حالت تمام گهڻي خرابآهي۔۔۔ وڏي ڀاءُ فون تي پريشانيءَ جي حالت ۾ چيو ته فقط دعا گهرو، هينئر اسان جو سڄو گهر جاڳي سندس لاءِ دعائون گهري رهيو آهي، قرآن پاڪ جي تلاوت هلي رهي آهي۔۔ توهان دوستن کي گذارش آهي ته کيس لاءِ دعا گهريو۔۔۔ ڊاڪٽرن برين ٽيومر ٻڌايو آهي، جنهن جي علاج لاءِ آپريشن ئي هڪ حل آهي، پر آپريشن کان پهرين ايم آر آئي ٽيسٽ ضروري آهي، جنهن لاءِ مريض کي هوش ۾ اچڻ ضروري آهي پر ڀاءُ 3 هفتن کان مسلسل بيهوشيءَ جي حالت ۾ آهي۔۔ پهرين ڪنهن مهل هوش ۾ آيو پئي، پر هاڻي تمام گهڻو سيريز آهي۔۔ دوستو! الله رحمان و رحيم کان دعا گهرو ۔۔۔ خالق جي ڪرم سان موت جي منهن مان انسان واپس اچي ويندا آهن، سندس رحمت مان مايوس ٿيڻ ڪفر آهي۔۔
جواب: دعا ڪريو محترم دوست مست جي ڀاءُ لاء ادا مست پروردگار توهان ۽ اسان مڙني جي پريشانين ۾ آساني فرمائي ۽ اسان جي حق ۾ اهو ڪري جيڪو اسانجي حق ۾بهتر آهي ۔ اوهان جي ڀا کي صحتِ قلي ۽ شفا ڪامله و عاجله عطا ڪري آمين