Dil جي دنيا

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
دل جي ڳالھ لهي وڃي ٿي دل ۾
منهن جي ڳالھ پئي آ ڄڻ بغل ۾

واڪو ڪن ٿا سي پارسائي جو
ڦاٿل جي، خواهشن جي دل دل ۾

غربت تي سيمينار ڪوٺايو تن
پيدائشي رهن ٿاجيڪي محل ۾

هن ساھ جو ناهي ڪو ڀروسو
رشتو هن جو ٽٽي پوندو پل ۾

تون لوڪ ۾ٿو ڳولين ليلا کي
هو ويٺي آ سيني جي محل ۾

لاهي آسرو لوڪ مان ”ڏاڏل”
پڪاري ڏس يار کي مشڪل۾
 
جواب: دج جي دنيا

واه ڏاڏل واه ۔۔۔ اصل دل خوش ڪري ڇڏي اٿو، تمام سهڻو خيال ۽ حقيقتن جو اظهار ڪيو اٿوَ

واڪو ڪن ٿا سي پارسائي جو
ڦاٿل جي، خواهشن جي دل دل ۾

غربت تي سيمينار ڪوٺايو تن
پيدائشي رهن ٿاجيڪي محل ۾

موجوده سماج ۾ ٿيندڙ براين جو اظهار آهي ۔۔۔
 
Back
Top