دادو ضلعي پوليس ۾ ٿيندڙ تبديلين تي هڪ نظر

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏3 جنوري 2011۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    دادو ضلعي پوليس ۾ ٿيندڙ تبديلين تي هڪ نظر​

    عبدالستار سومرو
    هر ڊپارٽمينٽ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ تبديلين جي ضرورت محسوس ٿيندي آهي، پوءِ اهو ادارو سويلين هجي يا فورس وارو جيئن دادو ضلعي پوليس اندر ڊي پي او دادو پاران قدم کنيا ويا آهن، جن سان دادو پوليس اندر ڪافي حد تائين تبديلي اچي چڪي آهي ۽ ڏوهن تي ضابطو آڻڻ ۽ ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ لاءِ خصوصي پلان تيار ڪيا ويا آهن، دادو ضلعي اندر ڏوهن تي ضابطو ۽ ڏوهاري گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪرائيم سين مئنيجمينٽ يونٽ جو بنياد وڌو ويو آهي، جيڪو يونٽ چئن سيلن، ڪرائيم سيل، ڪرائيم ميپنگ، ڪرمنل رڪارڊ ۽ فنگر پرنٽ تي مشتمل آهي. جن جي پوري اسٽاف کي وقتي وقتي ڪرائيم سين مئنيجمينٽ يونٽ جي هر سيل تي ڊي پي او دادو پاران ڏوهه روڪڻ ۽ ڏوهاري گرفتار ڪرڻ بابت بريفنگ ڏني وڃي ٿي. ان بريفنگ دوران ڊي پي او دادو چيو هو ته ڏوهن تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪرائيم سين مئنيجمينٽ يونٽ جو هجڻ ضروري آهي. ڪرائيم سين جي بنياد سان ٿيندڙ ڏوهه جي تحقيقات ڪري ان ڏوهه ۾ ملوث اصل ڏوهاري گرفتار ڪري سگهجن ٿا، جيڪڏهن اتفاق سان ڪٿي به قتل وغيرهه جهڙا واقعا پيش اچن ته ڪرائيم سين مئنيجمينٽ جي انچارج جو اهو فرض ٿئي ٿو ته واقعي واري هنڌ تي پهچي ان واقعي سان لاڳاپيل شيون هٿ ڪري جنهن ۾ استعمال ٿيل شيون مثال طور هٿيار، گولي جو خول، قتل ٿي ويل ماڻهو جي رت جا ٽڪرا، ڏوهاري جي پيرن جا نشان ڏسڻ ۽ انهن جا فوٽو ڪڍڻ، هن وڌيڪ چيو ته پوليس جو اصل ڪم انڪوائري (جاچ) ڪرڻ آهي ۽ انڪوائري ڪرڻ لاءِ ڪرائيم سين مئنيجمينٽ سيل جو هجڻ ضروري آهي. ڪرائيم سين جي بنياد تي ئي پوليس اصل ڏوهارين تائين پهچي سگهي ٿي، هن وڌيڪ چيو ته روزاني جي زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ايئن ٿيندو آهي ته ڏوهه ڪندڙ ڏوهاري فرار ٿي ويندا آهن ۽ بيگناهه ماڻهو ڦاسي ويندا آهن، اهڙن بي گناهه ماڻهن کي به ڪليئر ڪرڻ سولو آهي، جاچ ۾ ثابت ٿي ويندو آهي ته گرفتار ٿيل ماڻهو ڏوهه ۾ ملوث آهن يا بي گناهه آهن، هن وڌيڪ چيو ته عام طور تي اڪثر ايئن ٿيندو آهي ته ڪنهن ماڻهو کي پهريان زهر ڏئي ماريو ويو ۽ بعد ۾ مٿس فائر ڪيو ويو. اهڙن واقعن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪرائيم سين کان مدد وٺڻ جي اهم ضرورت پيش ايندي آهي، هن وڌيڪ چيو ته ڪرائيم سين هڪ اهڙو شعبو آهي، جنهن کان واقفيت پوليس آفيسرن ۽ پوليس اهلڪارن سميت هڪ عام شهري کي به رکڻ کپي، هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته عام طور تي اهڙا خطرناڪ واقعا پيش ايندا آهن، جنهن ۾ فوتيءَ جي شڪل شبيهه سڃاڻپ ۾ نه ايندي آهي، ان لاءِ فنگر پرنٽ جي مدد سان فوتي جي آڱرين جا نشان وٺي نادرا کان چيڪ ڪرايا وڃن، انهن آڱرين جي نشانن جي بنياد تي نادرا رپورٽ ڏيندي ته مري ويل شخص جو نالو، ذات ايڊريس وغيرهه ڇا آهي؟. ڊي پي او دادو جي مقرري کان پوءِ دادو ضلعي اندر وڏي پئماني تي ڏوهن تي ضابطو آندو ويو آهي ته ٻئي طرف منشيات فروشي جي ڪڌي ڪاروبار کي روڪي سماجي براين تي مڪمل ضابطو آندو ويو آهي، ڇو ته دادو ضلعي اندر بدنام زمانه ڏوهارين جيڪي قتل، پوليس مقابلن، چورين، ڌاڙن، ڦرن، اغوائن ۾ ملوث هئا تن کي گرفتار ڪري انهن کي جيل موڪليو ويو آهي، منشيات فروشي جي ڪڌي ڪاروبار کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ منشيات جي وڏن واپارين سميت 20 ڄڻن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان هٿ آيل چرس جي بنياد تي منشيات جا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ڏوهارين، منشيات فروشن کي سياسي آشيرواد حاصل هو انهن خلاف ڪنهن به پوليس آفيسر ڪا به ڪارروائي نه ڪئي هئي پر ڊي پي او دادو اهڙو قدم کڻي اهو ثابت ڪيو آهي ته هو ڏوهارين ۽ منشيات فروشن ۽ سماجي برايون ڦهلائيندڙن جو دشمن آهي. دادو شهر اندر بي سيڪشن ٿاڻو ۽ پوليس پوسٽ ڦلجي وليج، مخدوم بلاول، ٻورڙي کي ٿاڻي جو درجو ڏياري اتي ايماندار ايس ايڇ اوز مقرر ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته انڊس هاءِ وي تي قائم 116 پوليس پڪٽن جو نئين سر ڪم ڪرائي انهن کي مضبوط ڪرايو پيو وڃي ۽ انهن جو ڪم جاري آهي. دادو جي پوليس لائين ۾ ويزا سسٽم کي ٻنجو ڏئي سوين پوليس اهلڪارن کان ڊيوٽيون ورتيون پيون وڃن. ته ٻئي طرف ڊي پي او دادو پاران ڊي پي او آفيس دادو جي مختلف برانچن ۾ ڪانسٽيبل ۽ هيڊ ڪانسٽيبل ڪلارڪي جو ڪم ڪندا هئا، انهن برانچن مان انهن کي هٽائي مختلف ٿاڻن تي ڊيوٽيون ڪرڻ لاءِ روانو ڪيو ويو آهي، جيڪو قدم ساراهه جوڳو آهي. ڊي پي او دادو پاران پوليس کاتي ۾ ڪيل تبديلين کي ڏسندي ۽ ڏوهن تي ضابطو آڻڻ واري عمل تي کيس شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح هن جي شهر جي ڀيٽا پيش ڪجي ٿي ته.
    ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج،​
    ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي.​

    بشڪريه عوامي آواز
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو