سڄي سنڌ سلامت کي السلام عليڪم ۽ پنهنجي حيدري ڀائرن کي السلام عليڪم يا علي مدد. دوستو. منهنجو نالو منتظر علي آهي، مان پاڻ جيڪب آباد شهر جو رهاڪو آهيان، منهنجي ڪمپوٽر ۾ ماسٽرس ٿيل آهي. ماسٽرس ان نيٽورڪنگ. هن وقت مان گورنمينٽ آف پاڪستان منسٽري آف فنانس ۾ نيٽورڪ پروگرامر آهيان. پاڻ آزاد خيال ماڻهون آهيون. پنهنجي زندگي ۾ جيڪو ڪجهه ڪندا ۽ چوندا آهيون صاف ۽ چٽو چوندا آهيون. پوءِ اڳيون کڻي بلاڪ ڪري يا ڌڪا ڏئي ڪڍي ڇڏي. پر ڳالهه سڌي ۽ سچ چوندا آهيون. سنڌي ۾ چوڻي آهي ته گھر ته گهوريانءِ نه ته گهوري وجهانءِ. سنڌ سلامت کان پهريان مان سنڌ سلامت تي ويو هوس. اُتان جي محبتي ماڻهن جي رُخي جي ڪري انهي جي ايڊمن سان منهنجو جهيڙو ٿي پيو. جنهن جي ڪري مونکي بلاڪ ڪيو ويو. چوندا آهن نه ته نيت صاف منزل آسان. نيت بد ته روٽي رد. منهنجي ڪوشش رهي آهي ته پنهنجي سهڻي سنڌ ۽ سنڌين جي حقن جي لاءِ ٿي سهگي انهن کي حق وٺي ڏيان ۽ انهن سان ڀلائي ڪندو رهان انهي جي لاءِ چاهي منهنجي انهي ڪم جان به هلي وڃي ته به هزارين جانيون قربان پنهنجي سنڌ تان، مان هن فورم جي منتظمين کي اهو چوڻ چاهيندس، ته دوکيباز ۽ غدارن جو ساٿ ڏيڻ وارو به غدار آهي. ٻيو اڄڪلهه جي زماني ۾ هر ڪوئي سياڻو آهي. اگر منهنجي لکڻ سان ڪنهن جي دل آزاري ٿي هجي ته معاف ڪجو. سڄي سنگت کي سلام ۽ HaqMojood sindhsalamatsaathsal sadayeen gud
سنڌ سلامت کان پهريائين به سنڌ سلامت تي يار ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ادا منتظر علي شايد توهان سنڌ فورم جي پيا ڳالهه ڪريو بهرحال ادا سنڌ سلامت تي اسان اوهان کي ويلڪم چئون ٿا [[CENTER]URL=http://img268.imageshack.us/i/84000802.jpg/][/URL] [/CENTER[/CENTER]] sindhsalamatsaathsal
سائين منتظر علي صاحب وعليڪم سلام سخي پير مولا علي مدد سائين توهان کي سنڌ سلامت جي اڱڻ تي اچڻ تي ڀليڪار عرض ڪيون ٿا ادا اوهان جي ناياب لکڻيڻ جو انتظار رهندو پيارا ڀاءُ لڳي ٿو اسان وارو فقير غريب ٿي ويو آهي جو اهڙا سادا گل ٿو وٺي اچي فقير جو به ڏوه نه آهي ڇو ته هئير جون جو مهينو آهي مٿان پري منهگائي جي ڪا انتها نه آهي ماڻهن جي توجه به هئير فقيرن کان گهٽ آهي
انتهائي خوبصورت نالي ” منتظر علي“ وارا منتظر شال جُڙيو هُجين۔ اسان سنڌ سلامت جا سمورا ساٿي پنهنجي دل جي گهرائين سان توهان کي ڀليڪار چئون ٿا۔ ڌڻي در دُعا ٿا ڪريون ته سنڌ سلامت جي ا'ڱڻ سميت سموري سنڌ توهان لاءِ محبتن ۽ چاهتن جو چمن بڻجي پوي، ڪوبه ڏُک يا ڪوسو واءُ توهان کي نه لڳي شل اسان جي حصي جون خوشيون به توکي ملي پون۔ سدائين پنهنجي پيارن سان آباد هُجين (آمين)
محترم منتظر علي صاحب وعليڪم السلام پير مولا علي مدد۔۔۔۔۔ ادا منتظر علي اوهان کي هن سنڌ سلامت جي اڱڻ تي ڀليڪار چئون ٿا۔۔۔۔۔ دوستن اوهان کي پنهنجي روايتي انداز ۾ ڀليڪار ڪيو اڃا ڪجهه دوست اوهان کي پنهنجي ڀرپور تحفن سان نوازيندا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اوهان جي پهرين ئي تحرير سابه ايتري ته ڳري، کري ۽ سڌي سنئي هئي جو مون به ان کي پڙهيندين، ڪيٻائڻ لڳس پر اوهان سنڌي ۾ هڪ چواڻي ٻڌي هوندي: سڌي راند سوٽي جي ٻيڙي ٻڏي کوٽي۔۔۔۔۔۔ سو سائين جيڪڏهن ائين آهي ته اسان به اصل لڪڻ وانگر سڌا آهيون۔۔۔۔۔۔۔ هن سنڌ سلامت جي دوستن جي محبت جي شايد اوهان کي ڪا خبر هجي۔۔ هن سنڌ سلامت جا پيارا، يا وري سادن لفظن ۾ کڻي ئي سمجهو ته مور، جنهن ۾ ادا نثار ابڙو، ادا نثار ناز، ادا عبدالوهاب، ادا علي علي، ادا ابو زين، ادا عبدالوحيد ڦلپوٽو، المعروف فقير سائين، ۽ هن فورم جو منتظمِ اعلي ادا عبدالرشيد سمون صاحب آهن۔۔۔۔ جيڪي پنهنجي تحريرن ۾ پنهنجي محبت جو مٺاڻ ڀري ڪري هن ساٿ ۾ ونڊيندا آهن، ادا منتظر جڏهن انهن مورن جون تون تحريرون پڙهيون ته پوءِ هر وقت منتظر هوندين ته اهي مور هن وقت ڪٿي پيار پنهنجا پرڙا کولين۔۔۔۔۔۔ محترم منتظر هن فورم تي نه ڪو ڪنهن سان ڪو بغض رکي ٿو نه وري ڪو ڪنهن کان نفرت ڪري ٿو هرڪو هتي محبتي آهي،،، اوهان جي بقول ته هرڪو هتي حاضر ڀري ٿو سو پنهنجي سنڌ امڙ ۽ پنهنجن سنڌين جي لاءِ ئي سوچي ٿو هي سڀ سنڌ امڙ جا اهي جوڌا آهن جيڪي پنهنجو پيار سنڌين سان ونڊيندين به ڪونه ٿا ڪيٻائين۔۔۔۔ محبوب اسان کي اميد آهي ته اوهان به پنهنجا پيار هن سنڌ سلامت تان نڇاور ڪندو، ۽ اوهان جي دل ۾ پهريون اڀرندڙ نفرتون هنن دوستن جي مدد سان محبتن ۾ تبديل ٿي وينديون۔۔۔۔۔ shal judy hujeen