امانت گل جو وڇوڙو ۽ آرٽس ڪائونسل جون يادگيريون

'مختلف موضوع' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏3 جنوري 2011۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    امانت گل جو وڇوڙو ۽ آرٽس ڪائونسل جون يادگيريون​

    عبدالرزاق اين چانڊيو (سابق سيڪريٽري مهراڻ آرٽس ڪائونسل)/ حيدرآباد
    ننڍڙي امانت گل سان منهنجي ملاقات 1975ع ۾ مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد ۾ ٿي هئي، جڏهن هي ننڍڙو پنهنجي والد، سنڌ جي نامور ڪلاڪار ۽ سنڌي اردو نغمن جون ڌنون ٺاهيندڙ موسيقار استاد فيروز گل سان گڏ آيو هو. ننڍڙو امانت گل ڪنهن اسڪول طرفان سر سنگيت مقابلي ۾ حصو وٺڻ لاءِ نامزد ٿيل هو. آئون انهيءَ زماني ۾ مهراڻ آرٽس ڪائونسل جو سيڪريٽري هئس، اهڙيون ادبي ۽ فني سرگرميون هر مهيني پابنديءَ سان ٿينديون هيون. انهيءَ سنگيت جي مقابلي ۾ ڪيترن ئي اسڪول جي ٻارن شرڪت ڪئي هئي. ان مقابلي ۾ استادي گهراڻي جو هڪ ٻيو به ننڍڙو ٻار شامل هو، انهيءَ جو نالو مظهر علي هو. مظهر علي استاد نياز حسين جو فرزند آهي. ننڍڙي امانت ۽ ننڍڙي مظهر جو پاڻ ۾ سخت مقابلو ٿيندو هو ۽ ان پروگرام ۾ مون کي ياد آهي ته امانت گل مظهر کان سٺو ڳايو، جنهن ۾ امانت پهريون نمبر ۽ مظهر ٻيو نمبر آيو هو. ائين هر سال ڪيترائي موسيقيءَ جا مقابلا ٿيندا رهندا هئا، ننڍڙي امانت جي عمر انهيءَ وقت تقريبن 10 سال هئي ۽ مظهر جي عمر به ايتري ئي هئي. امانت گل جي تربيت استاد فيروز گل ڪئي ۽ مظهر جي تربيت استاد نياز حسين. ننڍڙي امانت جي تربيت جو امتحان هميشه مهراڻ آرٽس ڪائونسل جي اسٽيج تي ٿيندو هو. 15 سالن جي عمر ۾ امانت گل آواز جا جادو جاڳائي ڇڏيا هئا. انهيءَ عمر ۾ امانت کي شادين، ميلن ۽ اسٽيج پروگرامن ۾ ڳائڻو پوندو هو ۽ پاڻ پروگرامن ۾ شريڪ ٿي نالو ڪمايائين. 20 سالن جي عمر ۾ هن ڪيتريون ئي ڪئسٽون به رڪارڊ ڪرايون. هڪ دفعي مون استاد فيروز گل کي گذارش ڪئي ته امانت گل کي ايترو نه ڳارائي، سندس ڳلو ڪنهن تڪليف ۾ نه اچي وڃي، ۽ ائين ئي ٿيو، سندس ڳلي سر کان بلڪل جواب ڏيئي ڇڏيو، پاڻ ڳائڻ ڇڏي ڏنائين ۽ پوءِ هارمونيم تي استاد فيروز گل سان گڏ ڌنون وڄائڻ جي سکيا ورتائين. سندس راڳ بند ٿيڻ جو استاد فيروز گل کي تمام گهڻو ڏک ٿيو هو. امانت گل سٺو موسيقار ٿيڻ جي شروع کان ئي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي. 1996ع ۾ جڏهن سندس والد وفات ڪري ويو، ته پوءِ پاڻ موسيقيءَ جي دنيا ۾ اڪيلو ٿي ويو هو. هن پنهنجي والد طرفان ڏنل موسيقيءَ جي سکيا تي ڀرپور ڌيان ڏنو ۽ پنهنجي والد جي فن کي سنڌ ۾ قائم ۽ دائم رکڻ جو پڪو پهه ڪيو، ڇاڪاڻ جو فيروز گل جي خاندان جي ماڻهن موسيقيءَ ۾ وڏو نالو ڪمايو هو. اهڙن سازڪارن ۾ غلام نبي عبداللطيف، غلام علي، فيروز گل، ضامن علي ۽ امداد حسين جهڙا موسيقار به ٿيا ته غلام حسين شيخ جهڙا پروڊيوسر، تعمير حسين جهڙا گلوڪار، غلام محمد ۽ منور حسين جهڙا طبله نواز پيدا ٿيا، جن موسيقيءَ جي ميدان ۾ وڏو نالو پيدا ڪيو. امانت گل وڏو موسيقار ٿي پاڻ مڃرايو. هن وقت واقعي اسان وٽ ڪو به وڏو موسيقار موجود نه آهي. اسان جي ادارن جا ڀوتار سربراهه هاڻي هاءِ گهوڙا ڪندا ته وٽن ڪو به موسيقار نه آهي، هاڻي ڇا ٿيندو! انهن ثقافتي ادارن ۽ ريڊيو جي ڀوتارن کان ڪير پڇڻ وارو آهي ته انهن اڌ صدي گذري وڃڻ باوجود ڇا پئي ڪيو؟ اهي صرف اخباري بيان ڏيندا، فوٽو ڪڍرائيندا رهندا. جيڪي ڪجهه سنڌ جي فنڪارن، موسيقارن لاءِ امداد ملي، اها هضم ٿيندي رهندي. ٻيو هنن کان ڪجهه نه ٿيندو. هاڻي هنن ڀوتارن کان حساب وٺڻ گهرجي ته انهن جا اهي ادارا اسان جي موسيقارن، فنڪارن لاءِ ڪهڙي ڪم جا آهن؟ سنڌ جا راڳي ويا هليا، استاد محمد ابراهيم، استاد محمد جمن، استاد محمد يوسف، فقير عبدالغفور، حسين بخش خادم، علڻ فقير، استاد منظور علي خان، وحيد علي خان ۽ وري موسيقارن ۾ استاد فيروز گل، استاد نياز حسين، غلام علي عبداللطيف ۽ ٻيا ڪيترائي راڳي ۽ موسيقار اسان کان هليا ويا، پر هنن ادارن جي ڀوتارن ڪجهه نه ڪيو. نه انهن جي فن کي اڳتي وڌائي سگهيا، نه موسيقي اڳتي وڌي سگهي، نه ڪو وري اهڙو مستقل ادارو قائم ڪري سگهيا. هڪڙو ئي ادارو هو مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد - جنهن راڳين ۽ موسيقارن کي همٿايو هو، جنهن جو رڪارڊ اڄ به شاهد آهي. هن اداري به، جيستائين ان جي خودمختيار اداري واري حيثيت هئي، اوستائين ڪم ڪيو، پر جڏهن هي ادارو 1989ع ۾ هنن ڀوتارن جي ور چڙهيو ته پوءِ هن اداري کي به ڪم ڪرڻ نه ڏنو ويو. انهيءَ اداري جي ڪوشش سان جڏهن ننڍڙو امانت گل وڌي وڏو ٿيو، تڏهن ان دنيا وارن جون اکيون کولي ڇڏيون. امانت گل به انهن ڀوتارن کان بچي نه سگهيو. کيس هميشه شڪايت رهندي هئي ته اهي ثقافتي ادارن جا ڀوتار ۽ ريڊيائي ڀوتار اسان جو قدر نٿا ڪن. بشڪريه ڪاوش
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو