ڇَتي ڪوريءَ وارِي ڊيگهه

'لوڪ چوڻيون ۽ پهاڪا' فورم ۾ علي ظفر طرفان آندل موضوعَ ‏3 جنوري 2011۔

  1. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    ڇَتي ڪوريءَ وارِي ڊيگهه؛

    ڳالهه ڪرڻ وقت، اجائي، اينگهه ڪرڻ، بيجا ڳالهائڻ، اجائي بَڪَ ڪرڻ.
    ڇَتو، رامڻ ڪوريءَ جو شاگرد هو. چون ٿا ته ساهتي پرڳڻي جو ويٺل هو. جڏهن پنهنجي استاد رامڻ ڪوريءَ وٽ اڻاوت جو ڪم سکندو هو، تڏهن به ڳالهائڻ وقت، اجائي ڊيگهه ڪندو هو. هڪ دفعي رامڻ پَٽڪو لاهي، پاسي ۾ رکي لڳو اُڻڻ. سندس ڇِڪَڻ وارو حُقو پڻ، پَٽڪي ڀرسان رکيو هو. اتفاقاَ َ هڪڙي چِڻنگ وڃي، پَٽڪي تي پيئي. ڇَتو، اهو حال ڏسي، وسائڻ جي بجاءِ، رامڻ جو ڌيان، اينگهه ڪري، هن طرح ڇِڪائڻ لڳو.
    جَناب حضرت، استادَ رامَڻَ جي،
    حُقي مان، هڪڙي چڻنگ اڏامي،
    وڃي دستار مبارڪ تي پيئي آهي!
    جيسين ڇَتي، اهي لفظ چئي پورا ڪيا، تيسين رامڻ جي پَٽڪي جو ڳپل حصو سڙي ويو.
    تڏنهن کان اها مشهور ٿيو ته ۔۔۔ ڇڏهاڻي ڇَتي ڪوريءَ وارِي ڊيگهه۔۔۔ جلدي ڳاله ڪر
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ڇَتي ڪوريءَ وارِي ڊيگهه

    ادا بلڪل اسان ۾ ڇتي ڪوري واري ڊيگھ جو رواج عام آهي۔
    ڳالھ ۾ مقصد هجي نه هجي۔۔۔همراھ جو زور ويٺو ڇتي ڪوري واري بڪ بڪ ڪندو۔
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ڇَتي ڪوريءَ وارِي ڊيگهه

    نيٺ استاد جو پٽڪو ساڙيائين پر استاد کي لقب ته ڏنائين نه

    ها ها ها

    ڏاڍو ڪو اصل ڏنگو هو ڇتو ڪوري


    بهترين ڪوشش آهي توهان جي اد ا

    سدائين گڏ
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڇَتي ڪوريءَ وارِي ڊيگهه

    انسان ويچارو گهڻو ڳالهائي ته به آزار ۽ ڇتو ڪوري چيو وڃي ۽ جي نه ڳالهائي ته گونگي گانءِ چيو وڃي انڪري ئي ته سياڻن چيو ته وچٿرو رستو اختيار ڪجي ۽

    ڪڏهن ٿجي ڪن، ڪڏهن ٿجي وات ۔۔۔

    منهنجي هڪ نياڻي گهڻو خاموش رهندي آهي، هونءَ آهي عقل جي اڪابر پر ڪڏهن ڪڏهن سندس خاموشي حيران ڪن هوندي آهي ۔۔۔

    هن دفعي اسين ڪنهن پاسي وڃون پيا ته گهر واريءَ چيو ته سلائي مشين وٺڻي آهي ۽ مونکي به موسميات جي ڀرسان مارڪيٽ ۾ هڪ دڪان سجهيو ٿي سو گهر واريءَ سميت سڀني ٻارن کي چيم ته هلون ٿا مارڪيٽ مان مشين وٺڻ ۔۔۔۔

    سو لٿا سون، مون اهو دڪان گهڻو عرصو اڳ ڏٺو هو، طرف ته ياد هو پر اصل جڳهه وسري وئي سو خئير لهي ان گهٽيءَ مان لگهندا دڪان ڏسندا وياسون، سڄو مارڪيٽ ڳولهي مون چيو ته افسوس سلائي مشين جو ڪو به دڪان ناهي ۔۔۔

    تنهن تي منهنجي خاموش رهندڙ ڌيءَ چيو ته بابا اوهان جنهن گهٽيءَ مان پهريان لهي هليا هئا ان ۾ پهرين يا ٻي دڪان تي مشينون پيون هيون ۔۔۔

    هل ته سهي، منهجا طاق ئي لڳي ويا ۔۔۔ مون چيو ڌيءَ هي اڌ ڪلاڪ رليا آهيون ته اڳ ۾ ڇون ٿي خبر ڪيوَ، چيائين مون سمجهيو بابا پاڻ ڏسي اڳتي وڌي ويو آهي ته ڪو راز هوندو ۔۔۔

    خئير ادا سائين اهي اٿي نه ڳالهائڻ جا نقصان ۽ مٿي هئا ڇتي ڪوريءَ وارا نقصان ۔۔۔ پاڻ انصاف ڪريو ته ماڻهون ڪري ته ڇا ڪري ۔۔۔؟
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڇَتي ڪوريءَ وارِي ڊيگهه

    واه يار علي اڄ ته وڏي ڏاهپ واري ڳاله ڪئي اٿئي۔

    سنڌيء ۾ اها چوڻي يا پهاڪو گهڻو ڏنو ويندو آهي۔
     
  6. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: ڇَتي ڪوريءَ وارِي ڊيگهه

    فقير اهو لقب استاد کي نه پر ڇتي ڪوري کي مليو جي پٽڪو نه سڙي ها ته لقب ڪٿان مليس ها اهڙيون گهڻون ڳالهيون ڇتي ڪيوري جو مشهور آهين ته

    جڏهن ڪم سِکي رهيو، تڏهن جوڙيون کڻي، وڪڻڻ ويندو هو. ٻيا ڪوري پنج پنج جوڙُيون کپائي اچن، پر هيءُ مڙس، هڪ جوڙي به مس کپائي، ڇاڪاڻ ته ڊيگهه ڪرڻ، سندس عادت ٿي ويئي هئي. جوڙي وڪڻندي، وٺي پنهنجي اُڻيل ڪپڙي جي تعريف ڪندو هو. چي: ”هيءَ جوڙي مضبوط آهي، سندس ٺِڪرِي پَڪي آهي. ڌاڳو پَڪو اٿس، گهاٽي اُڻيل آهي، تمام گهڻو چوڙُ ڏيندي، ڏاڍي سَستِي آهي، بَرُ به وڏو اٿس ۽ کار ۾ سڳو نه ڳرندس وغيره!“
    ڀَلا، جيڪڏهن هر هڪ گراهڪ سان، ايڏي ڊيگهه ۽ بَڪ شَڪ ڪبي ته ڪم جو جلدي اُڪلاءُ ڪيئن ٿيندو!
     
  7. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ڇَتي ڪوريءَ وارِي ڊيگهه

    ها سائين بلڪل .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو