وڌي واڙي لڳي ڀاڳ! آڪاش مهراڻوي (ڍاڪا، بنگلاديش) سنڌ ۾ ڪافي عرصي کان اھو مامرو بحث ھيٺ ھو ته ”سنڌ کي ٽين مضبوط ڌر يا سگھاري سياسي قوت جي سخت گھرج آھي، اھڙي پارٽي يا پليٽ فارم جيڪو سنڌي قومپرست قوتن ۽ سنڌ جي وفاقي پارٽين کان نرالي ۽ الڳ پر چٽو موقف رکندڙ ھجي.جيڪا سنڌ جي قومي ۽ تواريخي حقن جي حاصلات واري جدوجھد ھڪئي وقت سڀني محاذن تي ڪري سگھي." ورھاڱي کانپوءِ سنڌ ۾ لڳاتار ٻه قوتون سياسي افق تي ڇانئيل رھيون آھن، ھڪڙيون اھي جن کي عوام جي پٺڀرائي حاصل رھي ۽ چونڊن وسيلي يا اصل حڪمران قوتن جي آشيرواد سان وقت بوقت اقتدار ماڻيديون رھيون آھن ۽ ٻيون وري سڌو سنئون اسٽبلشمينٽ ۽ آمر قوتن جي آشيرواد سان اقتدار جا مزا ماڻيديون رھيون آھن پر سنڌ سان اھا ويڌن ھميشھ پئي رھي آھي ته ٻنهي قوتن جا ڪرتوت مڙيوئي ساڳيا رھيا آھن ٻنهي قوتن کي پنهنجا ڀِڀ ڀرڻ ۽ آقائن جون فرمائشون پوريون ڪرڻ توڙي انهن جي اشارن تي سنڌ جا قدرتي وسيلا، سنڌ جو ناڻو، سنڌ جي معدنيات ۽ سنڌ جي پاڻيءَ سميت ھر اھا شيءِ جيڪا انهن لاءِ ملھائتي رھي ھجي، مختلف سنڌ دشمن ٺاھن وسيلي، سوني ٿالھيءَ ۾ وجھي نهايت ئي سولائيءَ سان سندن اڳيان پيش ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو خاص ڪم ڪرڻ لاءِ ھٿ ڪونه ايندو آھي. ويجھي ماضيءَ تي نظر وجھڻ سان معلوم ٿيندو ته ورھاڱي کان پوءِ سنڌ کي سڀ کان وڌيڪ ھاڃو پراون يا ڌارين بدران پنهنجن ئي رسايو آھي يعني غور ڪبو ته سنڌ خلاف جيڪي به وڏيون سازشون ٿيون آھن اُھي نج جمھوري دؤر ۾ يا کڻي ائين چئجي ته نج سنڌي حڪومتن جي دؤر ۾ ٿيون آھن. جڏھن ته ٻنهي قوتن (مسلم ليگ توڙي پ پ) جا چونديل نمائندا سنڌ جا وڏيرا جاگيردار ۽ مٿئين طبقي سان لاڳاپيل فرد ئي رھيا آھن جن جي اڪثريت آڱوٺي ڇاپ، سياسي علم کان وانجھيل يا شعوري طور ڄٽ ئي رھي آھي جن اسيمبلين ۾ سنڌ جو ڪيس پيش ڪرڻ ته ٺھيو پر اسيمبلين جو رڪارڊ چيڪ ڪرڻ سان معلوم ٿيندو ته انهن ۾ ڪيترا نمائندا اھڙا به رھيا آھن جن پنهنجي پوري سياسي ڪيريئر ۾ سواءِ حلف برداريءَ جي ڪڏھن ھڪ اکر به اسيمبليءَ جي فلور تي نه اوڳاڇيو آھي! موجوده اسيمبلين ۾ جنرل مشرف جي خاص مھربانيءَ سان توڻي جوسڀ ميمبر گھٽ ۾ گھٽ گريجوئيٽ آھن پر تڏھن به ڪيترن جي سياسي پختگي ۽ شعوري سطح سنڌ جي ھڪ عام ۽ ننڍي ليول واري سياسي ڪارڪن کان سؤ ڀيرا گھٽ آھي. سنڌ جي اقتداري ڌرين پاران ٽڪيٽ حاصل ڪري عوام کان ووٽ وٺي اسيمبلين تائين پھچندڙن جي لسٽ تي نظر وجھڻ سان معلوم ٿيندو ته ھر دؤر ۾ ساڳيا ئي چھرا پارٽيون بدلائي ڪڏھن مسلم ليگ ته ڪڏھن پ پ جي پليٽ فارم تان چونڊجي ايوانن تائين پھتا آھن جنهن ڪري حڪومت کڻي ڪھڙي به ڌر جي ھجي پر وزير مشير ۽ صلاحڪار ھر دؤر ۾ ساڳيا ئي ڏسڻ ۾ ايندا ڇو ته اھا پ پ ھجي يا مسلم ليگ سوشلسٽ قوت ھجي يا قومپرست ڌر ڪا به قوت يا تحريڪ سنڌي قوم کي وڏيرڪي ڪوڙڪيءَ مان آجو ڪرائي ناھي سگھي جنهن سبب ھر سياسي خاص ڪري اقتداري سياست ڪندڙ ڌر جي اھا ڪوشش ۽ مجبوري ھوندي آھي ته ھو وڌ کان وڌ وڏيرن کي ٽڪيٽون ڏئي چونڊن ۾ سامھون آڻين، توڻي جو کين سندن وفاداريءَ تي ھڪ سيڪڙو به ڀروسو ناھي ھوندو ۽ کين ڀليءَ ڀِت ڄاڻ آھي ته سياسي واءُ ڦرندي ئي سندن اھي نمائندا سندن پارٽيءَ جي پھريل سياسي پوشاڪ لاھڻ (وفاداريون بدلائڻ) ۾ ھڪ پل به دير نه ڪندا. انهن سياسي وڏيرن ۾ ڪيترا اھڙا به آھن جن تي اسلام آبادي يا عسڪري قوتن جي خاص شفقت آھي اُھي ڀلي کڻي چونڊون ھارائي به وڃن ۽ حڪومت کڻي ڪھڙي به ڌر جي ٺھي پر ھُو جي وزير نه بڻجي سگھيا ته پوءِ مشير يا صلاحڪار ته ضرور بڻبا! اھڙن وڏيرن جا ھر دور ۾ پنهنجا مستقل مفاد پئي رھيا آھن انهن کي جڏنهن به اقتدار جو موقعو مليو آھي ته انهن ھميشھ سنڌ جا سياسي، ثقافتي، زرعي، سماجي ۽ اقتصادي مسئلا حل ڪرڻ بدران پنهنجا مستقل مفاد حاصل ڪرڻ ۽ پاڪستان جي اصل حڪمرانن کي خوش ڪرڻ لاءِ پئي جتن ڪيا آھن. ھنن جي سدائين اھا ڪوشش رھندي آھي ته ملڪ جا اصل آقا سندن خدمتن ۽ خوشامد مان راضي رھن پوءِ اھي ان جي عيوض سنڌ جو ناڻو ۽ پاڻي ته ڇا پر سڄي سنڌ ئي ڳھي وڃن ته به سندن آڱوٺي کي به ڪا پرواه ناھي. يا اھي سياسي نابالغ وڏيرا پنھنجن خصيص مفادن خاطر سنڌ ۽ سنڌي قوم کي ڳھه/گروي رکڻ يا داءَ تي لڳائڻ ۾ ڪا گھڙي پلڪ سوچ ويچار ڪرڻ به گواره نه ڪندا. مسلم ليگ (جنهنجون سنڌ جي عوام ۾ ته ڪي خاص پاڙون ڪونه آھن پر پوءِ به اقتداري آقائن ۽ روز روز سياسي جُبا مٽائيندڙ وڏيرن جي ڪري سندس وجود سنڌ اندر ھر دؤر ۾ نظر اچي ٿو) ۽ پ پ کان پوءِ سنڌ ۾ ٻه وڏيون قوتون سنڌي قومپرست ۽ ايم ڪيو ايم رھيون آھن جن وٽ سنڌ اندر سياسي پڙھيل ڳڙھيل ڪارڪنن جو چڱو خاصو تعداد موجود آھي. جن مان ايم ڪيو ايم نج شھري آباديءَ تي مشتمل اُڙدو ڳالھائيندڙ آباديءَ کي پنهنجي سياست جو محور بڻايو آھي، جڏھن ته سنڌي قومپرستن مان سڀ کان سگھاري ڌر جيئي سنڌ جا مختلف ننڍا وڏا گروپ آھن جيڪي سائين جي ايم سيد کي پنهنجو سياسي قبلو ۽ رھبر سمجھن ٿا سي وري اڄ تائين چونڊن واري سياست کي پاڻ لاءِ حرام سمجھندي پئي آيا آھن، توڻي جو سندن ڪارڪن سڌي يا اڻ سڌي طرح چونڊن دوران ڪنهن نه ڪنهن سياسي اتحاد، پارٽي يا ڪنهن سياسي وڏيري جي چونڊ مھم ۾ شامل رھندا آيا آھن جنهنجو سياسي طور پارٽيءَ کي يا انجي ڪارڪنن کي ڪو خاص فائدو حاصل نه ٿيو آھي ۽ نه ئي سندن ووٽ بينڪ ڪنهن ڳاڻاٽي ۾ ايندو آھي. قومپرست پارٽين وٽ چونڊن واري سياست کان پري رھڻ جا پنهنجا پنهنجا دليل آھن انهن تي بحث ٻئي ڀيري ڪبو پر سندن ان پري رھڻ واري روِش جو فائدو سڌو سنؤن سنڌ دشمن قوتن کي ئي رسي ٿو. قومپرستن کي چونڊن واري سياست ڪرڻ گھرجي يا نه اھو بحث ڪو اڄ جو يا نئون نه آھي سن واري سائين جي دؤر ۾ ئي اھو موضوع بحث ھيٺ رھيو ۽ آخرڪار ”سنڌ قومي اتحاد” جي پليٽ فارم کي چونڊن لاءِ ڪتب آڻڻ لاءِ سائين جيئيم سيد نه صرف اجازت ڏني پر پاڻ چونڊ وڙھندڙ اميدوارن جي ورڪ ڪرڻ لاءِ سندن چونڊ تڪن ۾ وڃي ورڪ پڻ ڪيائون، انهن چونڊن جا نتيجا کڻي ڪھڙا به نڪتا ھجن پر قومپرستن جي انهيءَ محدود چرپر ۽ محدود پيماني تي چونڊن ۾ حصو وٺڻ واري قدم اسلام آبادي قوتن ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو ھو، توڻي جو سنڌ قومي اتحاد جي ٽڪيٽ تي چونڊ وڙھندڙ اميدوار پڻ ساڳيا پراڻا سياسي وڏيرا ئي ھئا جيڪي ماضيءَ ۾ ڪڏھن پ پ ته ڪڏھن مسلم ليگ پاران اقتداري مزا ماڻي چڪا ھئا تنهن ھوندي به اقتداري آقائن کي قومپرستن جي پليٽ فارم تان سندن چونڊجي اچڻ ھضم ٿي نه سگھيو ھو ڇو ته کين اھا ڀلي ڀِت ڄاڻ ھئي ته جيڪڏھن قومپرستن انهيءَ عمل کي مستقبل ۾ به جاري و ساري رکيو ته پوءِ مستقبل قريب ۾ سياسي ۽ شعوري طور پخته قيادت توڙي قومي ڪارڪنن کي اسيمبلين کان گھڻي وقت تائين پري رکڻ نه رڳو مشڪل پر ناممڪن عمل بڻجي سگھجي ٿو ۽ انهنجي اسيمبلين ۾ موجودگي نه رڳو سندن مٿي جو سُور بڻبي پر آھستي آھستي سنڌ جون وکون قومي آجپي طرف پڻ وڌڻ شروع ٿينديون جيڪا ڳالھه کين ڪنهن به قيمت تي منظور ڪونه ھئي/آهي. ھروڀرو ائين به ڪونه آھي ته ڪو سنڌي عوام قومپرستن سان گڏ ڪونه آھي يا وري کين اليڪشني سياست ۾ رد ڪري ڇڏيندو، ڪي ڌريون شايد اھو محسوس به ڪنديون ھجن پر کين سنڌ قومي اتحاد جي اميدوارن کي مليل ووٽن جو جائزو وٺڻ گھرجي، سنڌ قومي اتحاد پاران بيٺل اميدوارن کي ڪا ڳڻپ جوڳي ڪاميابي ته ڪونه ملي ھئي تڏھن به کين ملندڙ ووٽن جوتعداد مايوس ڪندڙ به نه ھيو. جڏھن ته 2000ع ۾ ٿيل بلدياتي چونڊن ۾ پڻ قومپرستن پنهنجي روايتي سردمھريءَ جو مظاھرو ڪندي چونڊن کان پري رھڻ جا اعلان ڪيا ھئا تنهن ھوندي به مقامي سطح تي لاڙڪاڻي، دادو، نواب شاھ، شڪارپور، سکر، نوشھري فيروز، حيدرآباد، ڪراچيءَ ۽ سنڌ جي ٻين شھرن ۾ ڪجھه ڪارڪنن پاڻمرادو سڌي طرح حصو ورتو ھيو ۽ حيرت انگيز طور سندن ڪاميابيءَ جو تناسب 90 سيڪڙو کان به مٿي رهيو!! ڪاميابيءَ جي انهيءَ تناسب کي ڏسندي اھو ويساھ پختو ٿيو ھو ته ايندڙ بلدياتي چونڊن ۾ قومپرست يا انهن جي ڪا ھڪ ڌر باضابطھ طور حصو وٺڻ لاءِ ضرور اڳڀرائي ڪندي ۽ شروعاتي طور ائين ڏسڻ ۾ پڻ آيو، سائين جيئيم سيد جي پارٽي جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين سيد ذين شاھ جي قيادت ھيٺ سن ۾ اھڙيون گڏجاڻيون پڻ ٿيون پر پوءِ اڻڄاتل سببن ڪري اھو مامرو ھڪ ڀيرو ٻيھر سردخاني حوالي ٿي ويو. قومپرستن جي اليڪشني سياست کان پري رھڻ سبب، سندن ننڍين توڙي وڏين پارٽين کي، ٿيندڙ نقصان جو احساس ڀلي کين نه ٿيندو ھجي پر سندن انهيءَ عمل جو سڌو سنؤن فائدو سنڌ دشمن گروھن، قوتن ۽ موقعي پرست سياسي وڏيرن کي ضرور رسي ٿو، اھي قوتون اليڪشن جي دور ۾ سنڌ جي قومي حقن جون ڳالھيون ڪري، قومپرستيءَ جون ٺلھيون دعوائون ڪري ۽ نعرا ھڻي، قومپرستن جي ڪلھن تي بندوق ھلائي سنڌي عوام کان ووٽ حاصل ڪري اقتداري ايوانن تائين رسي سنڌ ۽ سنڌ جي قومي حقن جا سودا ڪنديون رھن ٿيون جن مان ماضيءَ جي سنڌ ڊيموڪريٽڪ الائينس (ايس ڊي اي)جو مثال ئي ڪافي آهي. انهن سڀني ڳالھين ۽ ماضيءَ جي تجربن کي سامھون رکندي سنڌ جون ساڃاھ وند ڌريون ان ڳالھه تي زور ڏينديون رھيون آھن ته سنڌ اندر ڪا اھڙي سياسي ۽ سگھاري پارٽيءَ جي شديد ضرورت آھي جيڪا سنڌ جي قومي حقن لاءِ جلسن جلوسن، احتجاجن، ھڙتالن کان ويندي اسيمبلين تائين ھر مورچي ۽ محاذ تي ويڙھ ڪري. اھڙي ضرورت ھن دور ۾ اڃا به شدت اختيار ڪري ورتي آھي ڇوته سنڌ ۽ سنڌي قوم ھن وقت چوڌاري خطرن ۾ گھيريل ۽ واڳن جي وات ۾ آھي، ھڪ طرف حڪمرانن پاران ڪالاباغ سميت اٺ ڏھه ننڍا وڏا ڊيم ھرحال ۽ ھر قيمت تي ٺاھڻ جا سرِعام اعلان ٿي رھيا آھن ۽ عملي طور انھن تي ڪم پڻ شروع ٿي چڪو آھي ته ٻئي پاسي انڊيا، بنگلاديش، برما، افغانستان ۽ ٻين ملڪن مان ڌارين کي گھرائي کين جعلي دستاويزن وسيلي سنڌ جي مختلف شھرن جا سڃاڻپ ڪارڊ توڙي پاسپورٽ ٺھرائي ڏئي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ سنڌ دشمن قوتون تيزيءَ ۽ نھايت ئي ھوشياريءَ سان عمل ۾ آھن، ٽئين پاسي سنڌ جي وڏن شھرن تان سنڌين کان مالڪيءَ جو حق کسڻ لاءِ سنڌي آبادين خلاف ڪات ڪھاڙا کنيا ويا آھن ۽ نام نھاد ترقيءَ جي آڙ ۾ ڪراچيءَ جي سامونڊي پٽيءَ سميت سنڌ جا ٻيٽ ڌارين ڪمپنين کي وڪرو ڪري اُتي ڌارين جا ڪٽڪ آباد ڪرڻ جون رٿائون جوڙيون ويون آھن. ان کان علاوه سنڌ اندر ھٿ سان مذھبي فرقيواريت کي ھٿي ڏئي ۽ سنڌ اندر ھڪ اونھي سازش ھيٺ قبائلي جھيڙا شروع ڪرائي سنڌ جي ٻڌي ۽ وحدت کي ڀسم ڪرڻ جون شعوري طور ڪوششون شروع ٿي چڪيون آھن. سنڌ کي چئني طرفن کان اھڙي طرح سوگھو ڪيو ويو آھي جو جيڪڏھن ڪابه ڌر چاھي ته اڪيلي سر انھن حالتن ۽ مصيبتن جو مقابلو ڪري نه ٿي سگھي. ڇوته حڪمرانن کي بلوچستان جي مزاھمت جو تازو تجربو ٿيل آھي ۽ ھو ڪنھن به صورت۾ اھڙا موقعا سنڌ کي ڏيڻ لاءِ ھرگز تيار نه آھن انڪري سنڌ ۾ مذھبي، فرقيواري، قبائلي جھيڙا شروع ڪرائڻ سان گڏ سنڌ جي سياسي توڙي قومپرست ڌرين ۾ ھڪ سازش ھيٺ دوريون پيدا ڪيون پيون وڃن ته جيئن سنڌ جو شعور پنھنجي ڄنڊاپٽ ۾ پورو ھجي ۽ سنڌ دشمن قوتون بنا ڪنھن سگھاري مزاھمت جي پنھنجو ڪم جاري رکيو اچن. اھڙي صورتحال ۾ جتي سنڌ کي ھر محاذ تي خطرو آھي اُتي اسيمبلين جھڙو اھم محاذ ۽ مورچو، جتي قومن جي قسمتن جا فيصلا ٿيندا ھجن، خالي ڇڏڻ ڪٿان جي عقلمندي چئبي؟ اھڙي سگھاري محاذ يا سياسي پليٽ فارم جي ڪنهن وفاقپرست قوت کان اميد ڪرڻ ٻٻرن کان ٻير گھرڻ برابر ٿيندو انڪري اھڙي عمل جي ابتدا ۽ سرواڻيءَ لاءِ نظرون ھميشه سنڌ جي قومپرست سياست جي قبلي سن طرف ئي کڄنديون ٿي رھيون. ھاڻي جڏھن ھڪ نئين سياسي پارٽيءَ جو نه رڳو اعلان ٿي چڪو آھي پر ان جو باضابطه بڻياد پڻ پئجي چڪو آھي ۽ انجي سرواڻيءَ جو سھرو پڻ سن جي حوالي ٿيو آھي ته ان پارٽيءَ کي واقعي سنڌ جي نمائندا پارٽيءَ طور سامھون آڻڻ ۽ انجون پاڙون سنڌي عوام جي روح تائين پھچائڻ لاءِ ھڪ ڊگھي ۽ فيصلائتي جدوجھد جي شروعات سان گڏ اھو پڻ ذھن نشين ڪرڻ گھرجي ته اھو سڀ ڪجھه اَڪَ جي ماکي به ھروڀرو ڪونه آھي جو تريءَ تي بهشت ٿي پوندو جنهنجا اسين ھميشه طلبگار رھيا آھيون ان لاءِ اُٻهرائپ بجاءِ صبر، تحمل ۽ تدبر کان ڪم وٺڻو پوندو. پارٽيءَ جو اڳواڻ جيئن ته جديد سنڌ جي واڳڌڻي ۽ سنڌ ۾ قومپرست تحريڪ جي ابي سائين جيئيم سيد جو پوٽو ۽ سنڌ جي قومي حقن لاءِ سنڌ اسيمبليءَ جي ايوان ۾ گونجندڙ اڪيلي ۽ بيباڪ آواز سائين امداد محمد شاھ جو پٽ جلال محمود شاھ آھي، جنهن جي خاندان جو ”جيھا جي تيھا مون مارو مڃيا” منشور پئي رھيو آھي، سو ان ناتي جلال محمود شاھ کي نه فقط پنهنجي خاندان جي شاندار ماضيءَ ۽ روايتن جو امين بڻجڻو پوندو پر ان سان گڏ بيپناھ سھپ جو پڻ مظاھرو ڪرڻو پوندو ڇوته سندس قافلي ۾ شامل ساٿين ۾ اڪثريت سندس محترم ڏاڏي سائين جيئيم سيد جي دادلن جي آھي کين سندن ماضي ياد ڏيارڻ ته ”توھان 30 سالن ۾ قومپرستيءَ جي سياست ڪري ڇا حاصل ڪيو آ" وغيرھ جھڙا جملا نئين سرجندڙ پارٽيءَ کي لاڀ بدران ھاڃو رسائي سگھن ٿا ۽ اھڙن جملن سان قومي ڪارڪنن جي ھمدردين بدران سندن تنقيد ۽ تيرن جو نشانو بڻجڻ مان سنڌ نڪي نئين پارٽيءَ جو ڪو ڀلو ٿيڻو آهي. جڏھن ته پارٽيءَ جي مک قيادت کي اھو يقيني بڻائڻو پوندو ته سندن پارٽي سنڌ ۾ موجود ٻين پارٽين خاص طور وفاقپرست ۽ موقعي پرست قوتن کان بلڪل الڳ ۽ نرالي آھي ان جو مقصد ڪنھن به صورت۾ صرف چونڊون ۽ اسيمبليون نه ھئڻ گھرجي پر انجي منشور توڙي مقصدن ۾ سنڌ جي قومي حقن لاءِ جدوجھد کي نه رڳو نمايان جڳھه ڏني وڃي پر ان لاءِ جدوجھد جي طريقن جو پڻ تعين ڪرڻ گھرجي ۽ سنڌ ئي ھر صورت ۾ مقدم و مقدس سمجھيو وڃي ائين کڻي چئجي ته سياست جو محور ھميشه و ھر موڙ تي صرف ۽ صرف سنڌ رهي. نئين سياسي پارٽي ”سنڌ يونائيٽڊ پارٽي” جو باقائده اعلان ٿيڻ کان ترت پوءِ ئي ان خلاف اڳ موجود پارٽين جي اڳواڻن پاران بيانبازي شروع ٿي وئي جن مان پ پ جي مخدومن، رسول بخش پليجي ۽ ٻين جي مخالفت ته سمجھه ۾ اچڻ جوڳي آھي پر جيئي سنڌ قومي محاذ (جسقم)يا محمد راھمون جي مخالفت سمجھه کان ڪجھه مٿڀري آھي ڇو ته جسقم سڌي طرح اليڪشني سياست کي رد ڪندي پئي آھي نئين پارٽيءَ جو ان جي سياست تي ڪو خاص اثر پوڻ وارو ڪونه ھيو/آھي ۽ سندن سياسي قبلو سن ۽ سائين جيئيم سيد آھي، سن جي سيد خاندان سان قومي ڪارڪنن کي ھڪ خاص قسم جي عقيدت آھي ته پوءِ ھن شروعاتي مرحلي تي مخالفت ڪرڻ جو ڇا مقصد؟ سنڌيءَ جي چوڻي ”جي ڏجي نه ته ڏکائجي به نه !" وانگر اوھان حمايت ڀلي نه ڪيو پر بيمقصد مخالفت ڪري ڪنهن کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي؟! آخر ۾ اھو جائزو وٺڻ انتهائي ضروري آھي ته ھڪ قومي سوچ رکندڙ سگھاري پارٽي يا سنڌي عوام وٽ ٽيون آپشن موجود نه ھئڻ جي صورت ۾ اھو سنڌي عوام يا طبقو جيڪو وفاقي پارٽين کان ناراض آھي ڪيڏانهن ويندو يا ڪھڙي سياسي ڌر طرف وڃي سگھي ٿو ۽ ان صورت ۾ سنڌ جي صورت يا وحدت ڪھڙي بيھندي؟ جيئن ته مٿي ذڪر ڪري آيا آھيون ته ھن وقت سنڌ اندر ٽي سگھاريون سياسي قوتون آھن (ھتي ان ۾ ھڪ ٻي ڌر جو پڻ واڌارو ڪجي ٿو) جن ۾ 1. وفاقپرست (پ پ،مسلم ليگ ۽ ٻيا ننڍا گروپ) 2. ايم ڪيو ايم 3. قومپرست (جيئي سنڌ جا مختلف ڌڙا، سنڌ نيشنل فرنٽ، سنڌ ترقي پسند پارٽي ۽ ٻيا گروپ) 4. مذھبي ڌريون شامل آھن جن کي سڌي يا اڻ سڌي طرح عوامي پٺڀرائي حاصل آھي، جن مان ايم ڪيو ايم جو دائرو ھن وقت تائين شھري علائقن ۾ نج اُڙدو ڳالھائيندڙ طبقي تي مشتمل آھي ۽ ڪوششن جي باوجود اڃا تائين اندرونِ سنڌ ۾ ڪي پاڙون پيدا ڪري نه سگھي آھي، سنڌين سان سندس ماضيءَ وارن روين توڙي ورتاءَ سبب، سنڌي عوام جي دلين ۾ نرم گوشو پيدا ڪرڻ ۾ کين اڃا تائين ڪافي ڏکايون پيش اچي رھيون آهن. وفاقپرستن کي سنڌي عوام بار بار آزمائي چڪو آھي ۽ ھاڻي انهن مان جند آجي ڪرڻ گھري ٿو جنهنجو واضح مثال چونڊن ۾ سنڌ جي سڀ کان وڏي پارٽي پ پ جو ڪرندڙ گراف آھي، گذريل چونڊن ۾ ڪا ٽين ڌُر نه ھجڻ جو فاعدو مذھبي ڌرين کي پھتو جيڪا ڳالھه سنڌي سماج لاءِ لمحهِ فڪر آھي ۽ جنهن نموني سان سنڌ مذھبي توڙي فرقيواريت طرف وڌي رھي آھي جنهن کي ڪنهن سگھاري پارٽيءَ وسيلي ٻنجو نه ڏنو ويو يا سنڌي عوام کي ٽيون آپشن نه ڏنو ويو ته پوءِ سنڌي عوام وٽ وفاقي پارٽين کان پوءِ مذھبي ڌريون ئي رھنديون يا وري ايم ڪيو ايم، جنهن چالاڪيءَ سان سنڌ جي عوام طرف رجوع ڪرڻ شروع ڪيو آھي، ٻنهي صورتن ۾ سنڌ جي قومي وحدت جو متاثر ٿيڻ اڻٽر آھي. جيڪڏھن واضع حڪمت عمليءَ سان ھاڻي کان ئي اھڙي عمل جي روڪٿام لاءِ اثرائتا قدم نه کنيا ويا ته سنڌ جو تمام وڏو نقصان ٿيڻ جو انديشو ھروقت موجود رھندو . اسان اڃا به ذاتي انائن سبب ھڪٻئي سان سھڪار واري روش اختيار نه ڪئي ۽ انجي نتيجي ۾ سنڌ جي قومي وحدت کي ڪو ھاڃو رسيو ته ان جي ذميواري ساڃاھه وند ڌرين خاص طور قومپرست قوتن تي ئي آئد ٿيندي . الا ائين نه ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙھجي، ته ھُئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي! (نارائڻ شيام