ويڙها ويران ڪندڙ قبائلي جهيڙا اعجاز علي کوسو سنڌ صوفين، درويشن،ساڌن ۽ سنتن جي ڌرتي آهي.جتي هميشه پيار امن دوستي ۽ ڀائچاري جا درس ڏنا ويندا هئا ذات پات کان هٽي ڪري انسان ذات جو نعرو بلند ڪندڙ اسان جي سنڌ جا اهي عظيم صوفي بزرگ جن مذهبن کي ملائي فرقن کي ختم ڪيو ذات پات جي اونچ نيچ کي دفن ڪري انسان ذات کي هڪ ئي ڌاڳي ۾ پروڙي ڇڏيو اهو انسانيت وارو ئي درس هو جن ملن، مولوين، پنڊتن، پادرين، سردارن، نوابن ۽ غلامن کي احساس ڏيارو ته انسان جو وجود ئي خدا جي وحدانيت جو جيئرو جاڳندو ثبوت آهي ڇو ته خدا جو اهو فرمان ته مان توهان جي نهن کان به وڌيڪ توهان جي ڪريب آهيان مان مراد ته انسان کي پنهنجو رب ايترو ته قريب آهي جيترو انسان تصور ڪري سگهي ٿو انسان جي دل ۾ ئي خدا سمايل آهي جيڪڏهن جو پنهنجي دل کي خدا جو گهر سمجهي ان ۾ نفرت، ويڇا،گلا ۽ غيبت بدران پيار محبت سچائي ۽ برداشت جو ٻوٽو پوکي ۽ مالڪ حقيقي جي تصور ۽ ان جي ذڪر ۽ فڪر سان انهي ٻوٽي جي آبياري ڪري ان مان جيڪي گل ڦٽي نڪرندا سي هن ڌرتي ۽ان تي رهندڙ انسان ذات لاءِ اهڙي هٻڪار بڻجي ويندا جنهن جي خوشبو سان انسانيت کي هڪ نئون وجود ملي سڳهي ٿو پر ان لاءِ شرط اهو ئي آهي ته انسان پهريان ئي پاڻ کي سڃاڻي ۽ پنهنجي وجود کي پروڙي ڏسي پر اڄ جو انسان خدا جي خوف کان وانجهيل آهي ڪوڙي انا ۽ خود فريبي سندس وجود کي بي پاڙي جيان وڪوڙي ڇڏيو آهي جتي قانون ٻوڙو۽ گونگو هجڻ سان گڏ منڊو ۽ ٽنڊو به هجي ته اتان جو سماج انارڪي جي ڪهڙين حدن تائين پهچي سگهي ٿو اهو ڏسڻ لاءِ اسان جي سنڌ دنيا اڳيان هڪڙو مثال آهي روزانو قبيلائي جهيڙن ۾ ڪيترائي گهر ويران ٿيو ٿا وڃن ڪيترائي معصوم ٻارڙا يتيم ۽ عورتون بيواهه ٿيو ٿيون وڃن اهي ٻارڙا جن جو عمر اڃا راند روند جي هجي ٿي تن کي ڊوڙائي ڊوڙائي ڳولين جو کاڄ بڻايو وڃي هڪ ٻئي سان خونن جا انگ اکر برابر ڪرڻ لاءِ عورتن ۽ پوڙهن کي به راڪيٽ لانچر جهڙن موت مار هٿيارن جو نشانو بڻايو ٿو وڃي انسانيت سوز اهڙيون ڪاروايون پاڻي جي واري تان،مينهن جي چوري تان،سڱاوتي تڪرار تان شروع ٿين ٿيون جنهن ۾ ڪيتريون ئي بيگناهه جانيون ذات پات جي چڪر ۾ ضايع ٿين ٿيون. سوال هي آهي ته اهو سڀ ڪجهه آخر ڇو ٿو ٿئي؟ انهي جا ڪارڻ ڪهڙا آهن؟۽ اهڙين ڪارواين کي روڪڻ لاءِ حڪومت اپاءُ ڇو ڪو نه ٿي وٺي هي ۽ اِن جهڙا انيڪ سوال ماڻهن جي ذهنن ۾ گردش ڪن ٿا پر بنيادي ڳاگهه اها آهي ته قانون ۽ انصاف جو بنيادي سرشتو ايترو ته ڪمزور ٿي چڪو آهي جو ماڻهن پاڻ هٿيار کڻي ورتا آهن بظاهر اسان لاءِ اهي ڳالهيون ننڍڙيون ۽ بي وزن آهن ته مينهن جي چوري، پاڻي جو وارو، معمولي رقم جي ڏيتي ليتي تان انسان انسان جو خون ٿو وهائي ڇڏي پر حقيقت ۾ ڏسجي ته هڪ ماڻهو جي گذر سفر ۽ ٻچن جي پيٽ پالڻ لاءِ کيس ٻه چار جريب ٻني جو سهارو آهي ۽ جڏهن ڪو هن جو پاڻي روڪيندو ته هو دانهون ڪوڪون ڪندو انصاف لاءِ پاڏائيندو سردارن، ڀوتارن،پوليس آفيسرن، ڪورٽ ۽ ڪچهرين ۾ انصاف لاءِ دانيهندو ۽ جڏهن کيس ڪو به ٻڌڻ وارو نه هوندو ۽ هر جاءِ تان مايوس ٿيڻ کان پوءِ هو پنهنجي هٿن ۾ هٿيار ٿو کڻي ته ان جو ذميوار ڪير آهي؟ انهي جو ذميوار اسان جو معاشرو آهي،اسان جو عدالتي نظام آهي، اسان جاچونڊيل نمائندا ۽ حڪومتِ وقت آهي جنهن جو ڪم پارليامينٽ ويهي قانون سازي ڪري ادارن کي مضبوط ڪرڻ آهي نه ڪي پنهنجا من پسند ڪامورا ۽ پوليس آفيسر مقرر ڪرائي پنهنجا جائز ۽ ناجائز ڪم وٺڻ آهي. اڄ اسان جا ڳوٺ وسنديون ۽ واهڻ هڪ ٻئي لاءِ نو گو ايريا بڻيل آهن اهي جهيڙيندڙ ڳوٺاڻا پنهنجي بچاءُ لاءِ ۽ جهيڙيندڙ ڌر کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجي برادري جي ماڻهن کي پاڻ وٽ ترسائي سڄي رات مورچن ۾ پهريدارن ۽ چوڪيدارن جيان ڄاڳي راتيون گذارن ٿا وڏي انگ ۾ ترسيل ماڻهن جي کاڌ خوراڪ جو بندوبست ڪرڻ لاءِ وٽن هڪڙو ئي دڳ باقي وڃي بچي ٿو اهو آهي ڦر لٽ ڪرڻ وارو دڳ. اڪثرجهيڙيندڙ هٿياربند سج لٿي کان پوءِ روڊن رستن تي اچو ٿا بيهن ۽ ڦر لٽ ڪري پنهنجو گذر سفر به ڪن ٿا ۽ هٿيار بارود به خريد ڪن ٿا اتر سنڌ ۾ جهيڙيندڙ اهڙين قبيلن جا چڱامڙس جهيڙا ڪرائي ماڻهو مارائي پنهنجن قبيلن کان مهوار اڳاڙيون ڪن ٿا هڪ طرف غريب پورهيت ،هاري ۽ ڪجهه ننڍا ملازم انهن جهڙين سبب پنهنجو زندگيون بچائڻ لاءِ روزگار ۽ ملازمتون ڇڏي پنهنجن گهرن ۾ محصور ٿيو ٿا وڃن بيروزگاري ۽ غربت وٽن گهر ڪريو ٿي وڃي ته ٻئي طرف انهن کي پنهنجي قبيلن جي مالي مدد ڪرڻ لاءِ چڱا مڙس ايترو ته مجبور ٿا ڪن جو وٽن ڏيڻ لاءِ ڪجهه ڪو نه هجي ٿو ته پوءِ انهي جي گهر ۾ ٻچن جي پيٽ پالڻ لاءِ پيل داڻا به پاڻ سان کنيو وڃن يا سندن گهر ۾ بيٺل اها ٻڪري جيڪا ڪنهن ميصوم ٻار جي پيٽ جي بک وسائڻ لاءِ کير جو آخري سهارو هجي ٿي تنهن کي به ڪن مان وٺي ڪاهيو وڃن جيڪڏهن ڪو ڪڇي ته ان کي چڱا مڙس ۽ سردار اهو چئي خاموش ڪرائي ٿا ڇڏين ته توهان جي قبيلي جي بقا لاءِ وڙهندڙ اهي مجاهد ڪٿان کائيندا ۽ هٿيار خريد ڪرڻ لاءِ به پئسه کپن توهان کي پنهنجي قبيلي جي بقاعزت ۾ ناموس لاءِ هر حال ۾ مدد ڪرڻي آهي. آخر انسانيت جو خون وهائيندڙن جي اهڙي ڪاروبار کي روڪڻ لاءِ ڪير اٿندو؟ جيڪو انهن اٻوجهه ماڻهن کي سمجهائي ته توهين جن پيرن،ميرن ۽ سردارن تان سر گهوري پنهنجي قبيلي جي ڪوڙي ناموس لاءِ هڪ ٻئي جو ناحق خون وهائي ٿا ڇڏيو خدارا ڪجهه هوش ڪريو پنهنجن ٻچن کي يتيم ٿيڻ کان بچايو، پنهنجن ٻچن کي تعليم ڏيارو نه ڪي انهن کي ننڍڙي عمر ۾ هٿيار کڻڻ سيکاريو پنهنجا ڳوٺ ڳليون ۽ وٿاڻ آباد ڪريو،ڦر لٽ ڪندڙ پيرن،سردارن ۽ جڙتو رئيسن جي چوڻ ۾ اچي هڪ ٻئي جو ناحق خون نه ڪريو. ڪير آهي جيڪو اهڙو عَلم بلند ڪري، ته عبدالرحيم گرهوڙي جي اها اڳ ڪٿي سڀني سنڌ واسين کي ياد ڏياري جنهن ۾ هن لکيو ته سنڌ کي ڪنڌاران لڳندي اڄ اسان جي چوڌاري ڪنڌاري يلغار ٿيندي پئي وڃي ۽اسين پنهنجي جيجل ماءُ سنڌڙي جي حفاظت ڪرڻ بدران ۽ هڪ سنڌي قوم بڻجڻ بدران ذات پات ۽ اونچ نيچ جهڙي نه سلجهندڙ سُٽ کي سلجهائڻ ۾ لڳا پيا آهيون پنهنجا ڳوٺ اجاڙي رهيا آهيون اسين پنهنجن ئي مستقبل جي معمارن کان تعليم ۽ قلم جهڙو هٿيار کسي انهن کي جاهل،مجرم ۽ محڪوم بڻائي رهيا آهن اسين هڪ ٻئي جي خون جا پياسا بڻجي پنهنجي چوڌاري بيٺل دشمن کي ڄڻ ته دڳ ڏيئي رهيا آهيون اسان بک ۽ بد حالي جي هن دور ۾ بکون ڪاٽي پنهنجي ٻچن جي وات مان گرهه کسي هٿيار ۽ بارود خريد ڪري رهيا آهيون اسين پلاند ڪري ڏاڍا سُرها ٿا ٿيون، معصوم ٻارڙن کي يتيم بڻائي،ونين کان پنهنجا ور کسي ۽ مائرن جون جهوليون خالي ڪري اسين خوشي وچان فائرنگون ٿا ڪريون. قوم جي ويري سردارن،جاگيرادرن پيرن ۽ رشوت خور آفيسرن کان پڇاڻو ڪيو وڃي ته هنن سنڌ سان آخر اهڙ ڪم ڇو ڪيو آهي نالي ماتر سردارن ۽ ڀوتارن پنهنجون عدالتون لڳائي جِرڳائي نظام کي قائم ڪري پنهنجو تسلط قائم ڪري مسڪين ۽ غريب ڳوٺاڻن کي هيسائي پنهنجي کوکلي سرداري نظام کي عدالتن مٿان حاوي ڪري ڇڏيو آهي. اهڙا فيصلا ڪندي کين ڪو احساس ۽ ڪهل به ڪو نه ٿو اچو ته جيڪڏهن هڪ ڌر 10 خون ڪري ٿي ۽ ٻي ڌر 9 خون ڪري ٿي ته 9 خون 9 خونن ۾ پاڙي باقي هڪ خون جو ڏنڊ رکيو وڃي ٿو ۽ چيو وڃي ٿو توهان جو ٺاهه ٿي ويو. او چڱا مڙس 19 گهر اجڙي ويا تون انهن لاءِ ڪجهه ڪو نه سوچيو اهي بيگناهه ۽ واٽ ويندي جيڪي ماريا ويا تن جو عيوضو ٻين خونن ۾ تو پاڙي ڇڏيو هي تنهنجي ڪهڙي عدالت آهي. ٿورو گهڙي کن لاءِ سوچيو ته جيڪڏهن اسان جي معاشري ۾ پاڻ کي عدل ۽انصاف جو عَلم بردار سڏائيندڙ سرپنچ اهڙا جرڳا ڪندا ۽ جيڪڏهن انصاف ڪندڙن جي حد اها آهي ته پوءِ ڏوهاري، مجرم ۽ هڪ جابر جي انتها ڇا هوندي اسان کي هاڻي قبيلائي سوچ مان ٻاهر نڪرڻو پوندو اسان کي هڪ قوم ٿيڻو پوندو جيڪا پنهنجي قديم سنڌو ندي تي راتاها هڻندڙن سان مهاڏو اٽڪائيندي،جيڪا سنڌي قوم کي اقليت ۾ تبديل ڪندڙن جي ارادن کي پاش پاش ڪري ڇڏيندي جيڪا سردارن، جاگيردارن،ميرن ۽ پيرن جي چنگل مان آزاد ٿي پنهنجي نسلن کي باوقار سنڌي قوم جو درجو ڏياريندي جيڪا قوم شاهه،سچل،۽ سامي جي هن ڌرتي تي امن جي پکيڙن کي پاليندي ۽ نپائيندي اچو ته وچن ڪريون اچو ته وچن ڪريون....