مبارڪ علي لاشاري کان علمي/ادبي انٽرويو سوال: ادبي نظرين تي اوهان جو مطالعو به آهي ۽ ڪم به، مروج ادبي نظرين تي روشني وجهو ۽ اهو به ٻڌايو ته انهن نظريو جو وجود ڪيئن پيو؟ جواب: انسان ۾ فيصلي Judgment جي قوت ازلي آهي. آئون Generally انسان ذات جي ڳالهه ڪيان ٿو.. اهو عمل کيس ورثي ۾ مليل آهي ته هو شين جي پرک ڪري ۽ انهن جي خوبين ۽ خامين جو کليو کلايو اظهار ڪري. اهڙو حس يا پرکڻ وارو شعور ڪنهن هڪ انسان يا ڪنهن علائقي يا ثقافت جي مرهون منت نه پر انسان ذات جو گڏيل ورثو آهي. ان حوالي سان مون کي اجازت ڏيو ته پهريان اهو واضع ڪيان ته نظريو Theory اسان وٽ (سنڌي اديبن/ماڻهن) ڇا آهي؟ اسان وٽ محرومي پنهنجي انتها تي پهتل آهي ۽ انهي انتها تي پهتل محرومي جو احساس اسان جي سوچن کي انتها تي پهچائي ڇڏيو آهي. تنهنڪري اسان انتهائن جي جڪڙ مان نه نڪري سگهيا آهيون.....سياست ته انتها،...غلط يا صحيح.....هاڪاري يا ناڪاري...فائديمند يا نقصانڪار...پر انتها.. اها به منطقي rational/logical نه پر رڳو هٿوراڙيون..، مثلن جيڪڏهن سياست ڪبي ته ادب لاءِ ٽائيم ناهي...اديب ٿيندو ته سياست سان ڪو واسطو ناهي...جوان پوليس ۾ سپاهي ڀرتي ٿيو ته پنهنجي غربت ۽ مظلوميت وارو احساس ختم... پوءِ پاڻ جهڙن غريبن تي پيو ظلم ڪندو.. ۽ اهڙا سوين رويا اسان کي اسان جي معاشري ۾ ملي ويندا. ان جي ڀيٽ ۾ برطانيه جا ڪافي حڪمران وڏا اديب رهيا آهن. . ...ونسٽن چرچل جون لکڻيون..بهترين مقرر..مدبر..ليکڪ..،ظهيرالدين بابر جو بابرنامو...ادب جو شاهڪار آهي...واجپائي بهترين شاعر ۽ سياستدان آهي، وڊرو ولسن، آمريڪي صدر هڪ ناميارو دانشور هو.....اهڙا سوين مثال وٺي سگهجن ٿا. اسان وٽ ادب جي دنيا ۾ جڏهن به لفظ “نظريي” جوذڪر اچي ٿو ته ان کي يڪدم سياست يا مارڪسزم سان جوڙيو وڃي ٿو ۽ ساڳئي وقت ان کان اهو چئي جان ڇڏايو ٿووڃي ته اسان جو سياست يا سياسي نظرين سان ڪو واسطو ڪونهي....ڇا نظريا رڳو سياست جا هوندا آهن؟ يا نظريو رڳو مارڪسزم جو نالو آهي؟ پهرين ڏسو ته نظريي جي معنيٰ ڇا آهي؟ نظريو Theory ڪن منظم Systematic خيالن، تجربن، مشاهدن ۽ تجزين جو نچوڙ آهي...اهو رڳو سياست تائين محدود ناهي. ..ڪجهه هفتا اڳ روزاني عبرت جي تخليقڪار صفحي تي هڪڙي مشهور اديب جو مضمون هو ته “ڇا ادب لاءِ نظريو ضروري آهي؟” ان ڦوراً مارڪسزم يا سياست کي نشانو بڻايو...چئي لطيف سرڪار مارڪسزم کا اڳ جو آ ۽ مارڪس بعد ۾ ڄميو آ پر پوءِ به لطيف سائين بهترين شاعري ڪئي آهي..لطيف سائين ڪو نظريو نه پڙهيو هو... وغيره ...بلڪل درست پر...، چوڻ جو مطلب ته نظريا صرف سياست لاءِ ته ناهن هوندا..مثال اسان وٽ چيو ويندو آهي ته سنڌي ٻولي جي اصليت بابت ڊاڪٽر بلوچ جو نظريو يا سراج ميمڻ جو نظريو...اهي نظريا سياست ته ناهن...ته پوءِ نظرين کي سياست واري تعصبي Biased سوچ سان ڇو ٿو ڏٺو وڃي؟ نظريا ادبي به آهن...لساني به آهن..سماجي به آهن...فلسفي جا به آهن، معاشي به.... نظريي بابت ٻي غلط فهمي هي آهي ته نظريو چوي ٿو(جيئن هي سمجهن ٿا) ته اديب کي پڪڙي مجبور ڪجي ته فلاڻي شيءِ نه لک ...فلاڻي شيءِ لک.. اها ڳالهه بنهه غلط آهي. نظريو(خاص ڪري ادبي نظري) اهو قطئي ڪونه ٿو چوي ته هي ڪهاڻي لک ۽ هي نه لک، پر نظريو اهو تجزيو ڪري ٿو ته اديب پنهنجي ادبي لکڻي ۾ ڇا لکيو آهي؟...هن اهو ادبي شهپارو ڇو سرجيو آهي؟...جيئن ادبي ڪارج جي ڳالهه ڪجي ٿي ته....اديب هن ذريعي ڪهڙو مقصد حاصل ڪرڻ گهري ٿو، اهو مقصد صرف سياسي ته نه هوندو آهي..اديب ڪڏهن ڪڏهن ادبي تحرير ذريعي ڪنهن سچائي جواعتراف ڪري ٿو...ڪڏهن ڪڏهن معاشري يا انسان کي وسريل قدرن بابت ياد ڏياري ٿو...ڪڏهن ڪو پيغام ڏيڻ چاهيندو آهي...ڪڏهن ماڻهن کي تفريح مهيا ڪندو آهي...ته ڪڏهن جمالياتي حسن جو پنهنجي فن ذريعي اظهار ڪندو آهي. انهي پس منظر ۾ نظريو رڳو Decode ڪري ٿو ته اديب انهي فنپاري ۾ ڪهڙو پيغام سمايو/ encode ڪيو آهي ۽ ڪيئن سمايو آهي...؟ اديب آزاد آهي جيڪو چاهي تخليق ڪري، لکي..سرجي پر ان جي گهڻ پاسائين پيغام کي نظريا ئي پروڙيندا آهن. ان ڪري ادبي نظريا ادب کي سرجڻ لاءِ نه پر ادب کي سمجهڻ ۽ ان جي ڪارج ڏسڻ لاءِ ضروري آهن. پر بد قسمتي سان سنڌي ادب ۾ ان ڳالهه تي نه ته ڪڏهن ڌيان ڏنو ويو آهي نه ان پهلو کي سمجهڻ ۽ لاڳو ڪرڻ لائق ئي سمجهيو ويو آهي. نتيجتًا اسان نظريي کي هڪڙي محدود عينڪ سان ڏسڻ جا عادي ٿي ويا سي جنهن سان نه صرف تنگ نظري ۾ اضافو ٿيو پر محرومي اڃا وڌي وئي. ۽ نظريي جو تصور به ڀوائتو ٿي ويو. شيخ اياز جڏهن چيو هو ته نظريا سڀ خاڪي آهن ۽ ادب ئي لافاني آهي ته ان کي به غلط سمجهيو ويو. اياز جو مطلب اهو هو ته ادب نظريي کان مٿاهين تخليق آهي ۽ نظريا پاڻهي ادبي شهپاري جو تجزيو ڪندا ۽ ادب جي پٺيان ايندا پر اديب کي هڪڙي نظريي جي عينڪ چاڙهي پروپئگنڊا وارو يا ٻئي ڪنهن نصيحت وارو ادب نه سرجڻ گهرجي. پر ادب خود ادب هجي ۽ نظريا پاڻهي پيا ان جو تجزيو ڪندا. پر پوءِ اديبن ان کي بنياد بڻائي تنقيدنگاري کي ئي نا پسنديده بڻائي ڇڏيو ۽ نتيجي طور سنڌي ادب ۾ تنقيدنگاري وارو پاسو پروان چڙهي ئي ناهي سگهيو. تنهنڪري نظريي جي خلاف اها بيگانگي alienation ادب کي پوري طرح سمجهڻ کان محروم رکيو پئي اچي اسان کي... هاڻي اچون ٿا ادب جي مروج نظرين ڏي... ادبي نظرين ٻولي ۽ ليکڪ جي کي سمجهڻ ۾ وڏي مدد ڪئي آهي. جنهن سان انساني سوچ جا نوان زاويا دريافت ٿيا آهن. نه صرف ايترو پر ثقافت، تاريخ، تمدن ۽ سياست جا نوان پهلو سمهون آيا آهن. مثلاً مارڪسي ادبي تنقيدنگاري ذريعي معاشري جي طبقن ۽ انهن جي تضادن بابت اسان کي مواد ملي ٿو، جيڪو ٻڌائي ٿو ته ادبي لکڻيون به انهي هيٺ مٿاهين کان خالي ناهن. آئون جيڪڏهن انهي سڄي ڳالهه کي ٽن حصن ۾ تقسيم ڪريان ته نظرين سمجهڻ ۾ وڏي مدد ملندي. سڀ کان پهريان ته هن وقت پوري دنيا ۾ متن- متعلق Text-based نظريا آهن. انهن نظرين ذريعي نقاد ۽ اديب اهو ڏسڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته متن Text کي مصنف Author کان الڳ ڪري فن /آرٽ طور پروڙجي. انهن نطرين ۾ شامل آهن...ٻولي جو علم Philology، هيئت- پسندي Formalism، ساختيات Structuralism، ساختيات- پڄاڻان Post-structuralism/Deconstruction، نئين تنقيدنگاري New Criticism، ۽ نشانين جو مطالعو Semiotics اچي ٿا وڃن. پر جيڪڏهن مصنف جي تناظر وارا نظريا Author based approaches ڏسجن ته انهن نظرين ۾ Biographical-Historicism، تحليل- نفسي تنقيدنگاري Psychoanalytic، مظهريات Phenomenology اچي ٿا وڃن. جڏهن ته قاري اساس/ پڙهندڙ جي اوليت پسندي Reader based وارن نظرين ۾ نظريه قبوليت Reception Theory، اتهاسي-قبوليت Reception-History، ۽ قاري اساس تنقيد Reader-response Criticism شامل آهن ۽ آخر ۾ خالص تناظر Context جي بنياد تي ٻڌل نظريا آهن. انهن ۾ ادبي-تواريخ Literary History، مارڪسي تنقيدنگاري Marxist Theory، عورتازاد تنقيدنگاري Feminist Theory، نئين اتهاسي تنقيدنگاري New-Historicism ۽ ثقافتي مطالعو Cultural Studies ۽ ٻيا نظريا جيڪي هن وقت ياد نٿا اچن شامل آهن. ٿلهي ليکي اسين چئي سگهون ٿا ته هڪڙا نظريا اهڙا آهن جيڪي مصنف جي ذاتي زندگي يعني آتم ڪٿائي ائپروچ کي تنقيدنگاري جو مرڪز بڻائن ٿا. ٻيا نظريا وري پرهندڙ جي پسمنظر وارا آهن جيڪي ڏسن ٿا ته پڙهندڙ وٽ انهن جي قبوليت ڪيتري آهي، يعني مقبوليت، ڪتابن جي ڪاپين جي وڪري ۽ پڙهندڙن وٽان انهن جو ريسپانس ڪهڙو آهي، جيڪو پاپولر ادب آهي. ان بعد Contextual يعني تناظر يا پسمنظر وارا نظريا آهن جيڪي متن کان اڳتي وڌي سماج جي رهڻي ڪهڻي يا سماجي اوچ نيچ ۽ ڦير گهير متعلق آهن. پر انهن سڀني مان جن نظريو لساني مطالعي کي زور وٺايو ۽ انهن کي ادبي دنيا ۾ نيون وسعتون بخشيون اهي آهن متني Textual تنقيدنگاري.....، انهن تنقيدي نظرين سموري ادب ۽ سماج ۾ هلچل برپا ڪري ڇڏي. خاص ڪري ساختيات ۽ ساختيات- پڄاڻان وارا نظريا لساني ۽ ثقافتي حوالي سان دنيا ۾ نوان بحث کولي ڇڏيائون. جنهن ڪري نه صرف ادب ۽ ٻولي جون سمتون Paradigms تبديل ٿيون پر...ٻين سمورن سماجي علوم Social Science جهڙوڪ علم الانسان Anthropology سياسيات Political Science سماجيات Sociology، فلسفو Philosophy ....تقريبً سمورن علمن تي نوان زاويا کلي ويا...اهڙي طرح سان جديديت- پڄاڻان ۽ بيٺڪيت –پڄاڻان جو مطالعو به اچي وڃي ٿو...جديديت- پڄاڻان تي پوءِ اچون ٿا. جيستائين انهن نظرين جي وجود ۾ اچڻ جو سوال آهي ته انهن پٺيان مختلف محرڪ آهن...مثال ساختيات ۽ ساختيات – پڄاڻان فرڊيننڊ ڊي سوسيئر Ferdinand De Saussure جي خيال کان متاثر ٿيا ته ٻولي هڪ نظام جو حصو آهي. جنهن نموني سمورا نظام وري ڪنهن وڏي سسٽم جو حصو آهن....جنهن چيو ته اسين شين کي ٻين شين جي ضد متضاد Binary Opposition ڪري سڃاڻون ٿا....يا هيئت- پسند وري حقيقت نگاري جي مخالفت ۾ آيا...هنن چيوته ادب ۽ ٻولي کان اخلاقيات، سياسيات، سماجيات وغيره کي الڳ ڪيو وڃي...ادب خود هڪ ادبيت واري هجي جنهن ۾ ٻين عنصرن جيئن ليکڪ ڇا هيو ڇا چاهيوٿي ....کي ٻاهر ڪڍيو وڃي ۽ پوءِ ڏٺو وڃي ته ان تحرير جي اندر ادبيت Literariness ڪيتري آهي. جيئن مارڪسزم تنقيدنگاري وري معاشي ۽ سماجي اڻ بابري کي ادب ۾ ڏسي ٿي...تحليل نفسي وري نفسيات کي محرڪ بڻائي ٿي....مقصد ته مختلف نظريا مختلف شين ۽ ان وقت موجود لقائن جي ڪري ٿيا يا وري گذريل ادبي ماڻ ماپن جي ضد ۾ آيا...بحرحال اهڙي سرگرمي نون شين کي سامهون آڻي ٿي.... سوال: جديديت- پڄاڻان کي سنڌي ادب جي تناظر ۾ ڪيئن ڏسو ٿا؟ جديديت- پڄاڻان ڪا اهڙي شيءِ ناهي جنهن کي سامهون رکي سنڌي اديبن ان پئراميٽر تي لکيو وڃي....بلڪه سمورا ادبي نظريا اهڙا آهن....جيئن ٻڌائي آيس ته... اهي اديب کي لکڻ لاءِ پابند نٿا بڻائن پر انهن جي ذريعي انهي ادبي تحرير کي مختلف نقطئه نظرکان سمجهي ۽ ڏسي سگهجي ٿو...پر ها...مروج حالتون اديب تي اثانداز ضرور ٿينديون آهن انهن شين ۽ لقائن کي پنهنجي مخصوص نظر سان ڏسي ۽ لکي...اسان وٽ جديديت ۽ جديديت- پڄاڻان واري حالت Modern/Postmodern condition جو اهوروپ ناهي جيڪو اولهه وٽ آهي...اهي تيزي سان ايندڙ تبديلي کي ويجهو کان ڏسن ٿا ۽ انهن جو ردعمل پڻ اوتري تيزي سان ايندو آهي....اسان وٽ ادب ۾ ته دنيا جو نقطئه نظر World View آهي ئي ڪونه (لطيف سرڪار، اياز ۽ ڪجهه ٻين تخليقڪارن کانسواءِ)...اسان جو اديب انهن بين الاقوامي مسئلن ڏي توجه ئي ڪونه ٿو ڏي...رچرڊ رورٽي Richard Rorty جڏهن ائنٽي فائونديشنلزم Anti-Foundationalism ...جي ڳالهه ڪري ٿو ته اسان جو اديب ان کي رد ڪرڻ يا قبوليت جو پابند هجڻ نٿو سمجهي...اياز نٽشي جي سپر مئن کي رد ڪندو هو.....لطيف سائين ڪائنات جي جوڙجڪ يا وجود ۾ اچڻ پنهنجي انداز ۾ ٻڌائي ٿو...الست بربڪم، جڏهن ڪن پيوم....دنيا جي وجود ۾ اچڻ جو هڪڙو نقطئه نظر آهي....ڪنهن به حوالي سان...مذهبي يا غير مذهبي پر هڪ پوائينٽ آهي جنهن تي هو پنهنجي ڳالهه عالميت جي ويو پوائينٽ World view/ International Point of View کان ڪري ٿو...باقي وقتي ننڍڙن حالتن تي سڀ اديب لکن پيا ...شاعري ٿئي پئي...پر محدود دائري ۾...محدود نقطئه نظر....گهر جي مسئلن جي ڳالهه... ڳوٺ..پاڙي، شهر سان سندن واسطو گهٽ آهي....بادريلار Budarillard جڏهن چوي ٿو ته حقيقت گم ٿي وئي آهي اسين تصويرن جي دنيا ۾ رهون ٿا..Hyperreality آهي.....ميڊيا جي يلغار ۾ رهون ٿا...ڇا ٿا چئو؟...اسين ان ڳالهه جي قبوليت يا رد لاءِ ڪي دليلون ڏنيون آهن يا اسان وٽ صورتحال مختلف آهي...اسان جي زندگي ...مذهب...عقيده..ثقافت ان ڳالهه کان ڪيترو متاثر ٿيا؟ يا مورڳو اها ماس ميڊيا اسان وٽ پهتو ئي ناهي.... باقي ادب ۾....ڪهڙي علائقي/خطي جو ادب هجي ان ۾.....کوڙ ڳالهيون هونديون آهن پر ضرورت آهي اسان پنهنجي ادب کي دريافت ڪرڻ جي....توهان سنڌي ٻولي جي شاعري کڻي ڏسو...اياز کڻوبخاري کڻو...آثم ناٿن شاهي يا وفا ناٿن شاهي پڙهو..لڪشمڻ دبي جي شاعري پئي پڙهيم...مون ۾ مان ناراض....کوڙ ساريون ڳالهيون ...چئي ڌرتي سڄي تقسيم ٿي چڪي آ هاڻي هاڻي آسمان جا ٽڪرا ڪندا...هوڏانهن آئرلينڊ جي شاعر ڊبليو بي ييٽس W.B. Yeats جو تصور ڏسو... Turning and turning in the widening gyre The falcon cannot hear the falconer; Things fall apart c; the centre can not hold; Mere anarchy is loosed upon the world, The blood-dimmed tide is loosed, and everywhere The ceremony of innocence is drowned; The best lack all conviction, while the worst Are full of passionate intensity. لڪشمڻ ڏسو ۽ هي ڏسو ٻنهي وٽ هڪڙي کوئيل شي جو احساس آهي، جيڪا رد- تشڪيل يا ساختيات- پڄاڻان تنقيدنگاري جو محرڪ آهي. انسان مرڪزيت کان ڏور آهي...شيون ٽٽي چڪيون آهن...سچ، حقيقت، سچائي، پاڪائي، خالص پڻو آهي ئي ڪون...رڳو Hyberdity آهي...هيٺ پينٽ پاتل آهي مٿان قميض....انهي صورتحال ۾ نقصان جو اظهار آهي... بلڪل ايئن اسان جي خوبصورت شاعر ايوب کوسي وٽ آهي. ..اهي سموريون شيون اسان کي جديديت- پڄاڻان واري فلسفي ....جنهن ۾ چوي ٿو ته انسان سائنسي ترقي ۾ دٻجي ويو آهي ۽ وٽن قدر کوئيجي ويا آهن. مرڪزيت....وڏا بيانيه ذريعا Metanarratives، به ناڪام آهن. ايئن صديق مڱيو جون ڪهاڻيون پڙهو، آثم ناٿن شاهي، وفا، سڪندر مگسي....مشتاق گبول...ڪيترا نالا کڻجن!..شيخ اياز وٽ جديديت- پڄاڻان ڏسو.. ميلي ۾ تون تنها تنها ڪنهن کي ڳولين ٿو، اک ۾ ڳوڙها هٿ ۾ گجرا ڪنهن کي ڳولين ٿو. هاڻي هي ڏسو جديديت- پڄاڻان ۾ ماڻهو وڃائجي ويو آهي. ميلو معنيٰ ڇا؟ ماڻهن جي گهڻائي... پر پوءِ به هو تنها آهي. سائنس جي ترقي...جديديت- پڄاڻان مطابق ماڻهو Suffocated، ڪري ڇڏيو آهي، انٽرنيٽ، موبائل، آءِ پوڊ، ڊيجيٽل ڪيميرا، ليپ ٽاپ...سڀ ڪجهه هوندي به ماڻهو تنها آهي. هاڻي ڏسو ته جديديت Modernism ماڻهو جي انهي نقصان Loss تي شرمندو آهي ۽ روئي پٽي ٿو ته سائنسي ترقي سبب انسان پنهنجي داخليت کان پري ٿي ويو ۽ انهي کان محروم ٿي ويو، جڏهن ته جديديت- پڄاڻان ان نقصان تي روئي پٽي ڪونه ٿو پر ويتر خوش ٿئي ٿو ته انهي نقصان سبب ئي سهي ماڻهو پنهنجي داخليت تي توجه ڏيندا. شيخ اياز جو مٿيون شعر ڏسو ته ...اک ۾ ڳوڙها..، جيڪا افسردگي جي نشاني آ... ڏک ۾ ورتل آ، ڪاشي وڃائجي ويل آ، پر ڇا انهي لاس Loss/ نقصان تي رڳو ويهي روئجي؟ بلڪل نه... پر اڳتي وڌجي اهو به... هٿ ۾ گجرا کڻي...اهو ڇا آهي؟ وڃائجڻ کان پوءِ انهي جي اميد اها به خوشي ڀري! اها جديديت- پڄاڻان جي علامت آهي.ساڳئي حوالي سان ايب کوسي جا نظم ڏسو ڪيڏو افسرده Mournful ٽون اهي وٽس...سندس شعور وهڪرو ڏسو انهن ۾... . لطيف سائين چيو آ.. مليا ته ملندياس، نه ته گهوري جان جتن تان. اهو ڏسو ته جان جو نقصان اهو به خوشي سان، فخر سان، ڪنڌ اوچو،..جديديت وانگر رڳو روئڻ نه...لطيف سائين ڀلا جديديت- پڄاڻان ويهي پڙهي پوءِ شعر نه چوندو هو نا....پر پوءِ به هو جديديت- پڄاڻان کان اڳتي آهي. يا سندس شعر، ميائي جياس، جي وڃي مڙهه ملير ڏي! ڏسو ته جديديت- پڄاڻان جي نقطئه نظر کان، زندگي جو نقصان ٿئي ٿو پر ان تي به مارئي سرهي آهي ڇوته انهي طريقي سان سندن داخليت زنده رهندي...انهي داخليت کي جيارڻ واري خيال سان جديديت- پڄاڻان Humanism جي قريب اچي وڃي ٿو، جنهن جو جوهر هو ته انسان ئي هر شيءِ جي ڪسوٽي Man is the measure of everything آهي. جديديت- پڄاڻان ۾ تصويرن Images کي جاچيو ويندو آهي ته انهن ڪيئن ماڻهن جي ذهنن ۽ ثقافتن تي اثر ڇڏيو آهي. ۽ انهن تصورن انسان قد کان وڏا خيال ڏنا آهن، بخاري چوي ٿو، نه ڪم نبريو نه غم نبريو، جو نبري ويو سو دم هوندو يعني ڪم ۽ غم جو قد انسان کان وڏو...Larger than life تصور آهي. انسان جي زندگي هن جديديت- پڄاڻان ۾ گم آهي...شيون وڏيون آهن، مسئلا وڏا آهن، غم اڳي کان وڏا، هي سمورون شيون اسان جي ادب ۾ موجود آهن يا جيئن بخاري چوي ٿو... پيار ڪرڻ لاءِ زندگيون هجن سو سهڻا..هڪري زندگي ۾ ڇا ٿو ٿئي..؟.ادب اڳي ئي موجود آهي پر ان کي سمجهڻ جا پئمانا نوان آهن...جيئن پاڻي آهي ان جون بوتلون ٻيون ٻيون...انداز نوان....جديديت- پڄاڻان ڪا اهڙي شي ناهي جو ان کي آڏو رکي ادب لکجي پر ان ڪسوٽي کي کڻي هر قسم ۽ هر دور جي ادب کي سمجهجي... انهي طريقي سان جي ويهي سنڌي ادب جو تجزيو ڪجي ته ڪافي نيون شيون ملنديون، نه صرف نقطئه نظر جي حوالي سان پر خود تخليقڪار لاءِ به نوان موضوع ۽ خيال سامهون ايندا، جن جي لکاري کي به خبر نه هوندي...کيس رڳو کوليو ته سهي... سوال: سنڌي ادب دنيا جي ٻين ٻولين جي ادب جي ڀيٽ ۾ ڪٿي بيٺو آهي؟ جواب: سنڌي ادب تمام ٿوري تعداد ۾ شايع ٿئي ٿو...تمام ٿورا پڙهندڙ آهن...لکندڙ به آزاد آهن، مهيني اڌ ۾ هڪ ٻه شيون لکيون ويٺا آهن...ڪي وڏا موضوع ناهن لکندڙن جي تحريرن جي ڪا جوڳي ڇنڊ ڇاڻ ڪونه ٿي ٿئي...هڪڙو زبردست ڪم ٿيو آهي ته...اديبن نقادن کي چپ ڪرائي ڇڏيو آهي....تنقيد کي برداشت نٿو ڪيو وڃي...جيڪو لکجي ٿو،جيڪا ڇپجي ٿي اها ڦٻي وڃي ٿي. ته اهڙي صورتحال ۾ اهو جائزو ڪيئن وٺجي ته سنڌي ادب وڏن بين الاقوامي راين بابت ڪهڙي نقطئه نظر رکي ٿو؟ ڦهلجندڙ ۽ تبديل ٿيندڙ ثقافتي وايو منڊل تي اسان جو نمائنده اديب ڇا سوچي ٿو...ٻي ڳالهه توهان کي ٻڌايان ته اسان جو اديب ڪنهن نئين ڳالهه ڪرڻ کان ڊڄي ٿو...نون موضوعن تي نٿو لکي...ڪي نوان نقطئه نظر نٿو ڏئي..بس هلندي کي هلائي ٿو... ٻه چار ٽيڙو لکي آڱر ڪٽائي شهيدن ۾ نالو لکرائي ٿو...ناول تمام گهٽ ۽ محدود موضوعن تي آهن...اهي به يا ته جذباتي وهڪري ۾ وهندڙ...يا فلمي ڊائيلاگ بازي...يا حقيقت کان ڏور هيرو ورشپ....جنهن جا ڪردار معاشري جي سمجهه کان پري...ڪهاڻي به بانبڙن ۾....نسيم کرل جي ڪهاڻي وارو پلاٽ ۽ لهجو آهي ئي ڪونه...وري به محمد صديق مڱيو بهترين ڪهاڻيون لکي پيو، ...پر انهن ۾ وري به سماج اشوز آهن...نفسيات اسان جي ڪهاڻي جو حصو ٿي نه سگهيو ڪڏهن....ارتقا يا انساني ترقي ڪهاڻي جو موضوع ناهي هتي...انسان جي داخلي ۽ خارجي تضادن بابت نه لکيو ويو، ڪهاڻي ۾ بين الاقوامي مسئلا ڪونه آيا.... ته اهڙيون کوڙ شيون آهن..مان ته ايئن چوندس ته تنقيدنگاري سان دشمني ڪري ان کي پنهنجي حلقي مان ڌڪاري ڪڍڻ ئي اسان جي ادب جي پسماندگي جو اصل سبب آهي...ڀلي ان جي جواب ۾ ڪير ڪيترا به دليل ڏئي...مڃي يا نه مڃي...بيشڪ ته شڪار اکيون ٻوٽي شڪاري کان بچڻ جي ڪوشش ڪري پر ايئن ٿي نٿو سگهي. جيستائين توهان تنقيدنگاري کي جاءِ نه ڏيندئو توهان موضوعاتي ، ٻولي، هيئت، ساخت ۽ نفسياتي طور اڳتي نه وڌي سگهندئو...اسان ته پنهنجي پيرن تي پاڻ ڪهاڙو هنيون بيٺا آهيون. پاڻ کي پاڻ ئي انڌاري ۾ رکيون ويٺا آهيون. توهان هيڪر بحث جا نوان موضوع ۽ انهن جا دروازا ته کوليو ته توهان وٽ روشني ايندي. اياز بين الاقوامي موضوعن تي نه لکيو ڇا؟...بخاري تاريخي مسئلن تي نه لکيو ڇا؟... ٻيو ته اسان وٽ قاري يا Reader به اڻ لڀ آهي...اديب ئي لکن ٿا اديب ئي پڙهن ٿا...اهي اديب به محدود...پنهنجن يارن دوستن جون شيون پڙهبيون ۽ صرف تعريف ئي ڪبي....ٻيو ڪجهه چئبو ته دوستي به ويندي ۽ دشمني به وڌندي...سڀاڻي سندن خلاف ئي ڪات ڪهاڙا کنيل هوندا....ٻي صورت ۾ پڙهندڙ طبقي جي ريسپانس سان ئي شيءِ جي مقبوليت جي خبر پوي ٿي، جيڪو طبقو اسان وٽ آهي ئي ڪونه.. ڪنهن سنڌي ڪتاب جون بيشڪ ته ٻه ملين ڪاپيون نه هلن ۽ Bestselling قرار نه ڏجي پر 7 ڪروڙ جي آبادي مان ڏهه هزار ماڻهو ته ڪتاب وٺن ۽ پڙهن....ڪنهن به ڪتاب جون هزار ڪاپيون ٿيون ڇاپجن ته مشڪل آ جو وڪرو ٿئي ...پوءِ ليکڪ وتندو آ ڪاپيون ورهائيندو يا منٿون ڪندو..مقدار ئي معيار ۾ تبديل ٿيندو آ، کنڊ هجي ئي اڌ چمچ ته کير جو پيالو مٺو ڪيئن ٿيندو؟...باقي ڏات ڪنهن علائقي يا مخصوص قوم ۽ ملڪ لاءِ ناهي ...اسان جي سرزمين خزانن سان ڀريل آهي... پر انهن کي درست رخ نه مليا يا انهن خزانن کي ڳوليو نه ويو آ.. توهان تنقيدنگاري کي جيارو ته توهان جو ادب ڇال ڏيئي مٿي اچي ويندو.. سوال: اوهان لکڻ جي شروعات شاعري کان ڪئي پر جلد ئي نثر طرف هليا ويا ان جا ڪهڙا سبب آهن؟ جواب: مون جڏهن محسوس ڪيو ته اندر ۾ درد آهي، ڪا شي ٻاهر اچڻ چاهي ٿي...پر مون کي خبر نه هئي ته ان جي ساخت ڪهڙي آهي...هاڻ به محسوس ڪندو آهيان ته مان شاعري ڪيان، پر اها شي جيڪا ٻاهر اچي پئي ان مان مطمئن نه هيس...الئه ڇو لڳي پيو ته منهنجي اندر ۾ جيڪا هلچل آهي ان جو اظهار ايئن ڪونهي..هي ڪونهي...يعني جيڪو لکان پيو ته اها شي ٻي لڳي پئي....۽ اندر جي ڳالهه اڻ پوري رهجي وڃي پئي....هاڻ جڏهن لساني نظريا پڙهيم تڏهن محسوس ٿيو ته ٻولي واقعي محدود آهي اها انسان جي آنڌ مانڌ کي سمائي نٿي سگهي...ڪوشش ته ڪبي آ سڄي دنيا ڪري پئي..لاتعداد شاعر ڪن پيا...ٻيو ته شاعري جو موضوع فلسفي کان به اڳتي آهي جيئن ڪوزي ۾ سمنڊ سمائڻ آهي....تنهنڪري مون نثر ۾ پناهه ورتي. باقي شاعرن کي سلام پيش ڪيان ٿو... سوال: ادبي حوالي سان اوهان ڪيترو ڪم ڪيو آهي؟ جواب: ههه....ممم.....ادبي حوالي سان مون ڪي به اڪ ڪارا ڪونهن ڪيا، ڪو وڏو ڪم ناهي ڪيو... ڪوشش ڪئي آهي..شروعات جيئن ته شاعري کان ڪئي آهي..اهو 95ع وارو عرصو هو..پر پوءِ شاعري کان نثر طرف اچي ويس. هڪ ڪتاب جيتري شاعري ڪئي آهي...مشتاق گبول، آسي بولچ ۽ نازڪ شيدائي کان وٺي آثم ناٿن شاهي تائين منهنجا ادبي استاد رهيا آهن. نثر تائين اچڻ واري مرحلي ۾ سماجي مسئلن جي حوالي سان مون هڪ ناول لکڻ جي ڪوشش ڪئي پر اڃا پورو ڪري نه سگهيو آهيان جنهن جو مک ڪردار هڪڙو استاد هوندو آهي، ۽ ڪيئن هو سماجي مسئلن ۾ ڀوڳيندو آهي ۽ سماج کي ٽٽندي ڪيئن ڏسي ٿو...ٻئي ناول جي ڪوشش به ڪئي هئي جيڪو محبت جي موضوع تي آهي.....ڪهاڻيون به لکيون آهن... پر مضمون وڌيڪ لکيا آهن. انٽرنيشنل اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد ۾ اچڻ پڄاڻان ادبي نظريا پڙهيم....جديديت- پڄاڻان ۽ بيٺڪيت- پڄاڻان مان متاثر ٿيم...ايڊورڊ سعيد، نوم چومسڪي، زن، ضياءِالدين سردار، ڀاڀا، گرامچي، فينن، مشل فوڪو ۽ ٻين متاثر ڪيو ....مون انهن مختلف ثقافتي ۽ ادبي موضوعن تي مضمون لکيا جيڪي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا....دوست ساراهيو، حوصله افزائي ڪئي. مون به محسوس ڪيو ته انهي موضوع تي سنڌي ادب ۾ مواد جي کوٽ آهي بلڪه اڻلڀ آهي. سو لکيم...ڪتاب جديديت- پڄاڻان ۽ بيٺڪيت- پڄاڻان 2007۽ 2008 واري عرصي ۾، جيڪو عنقريب اوهان جي هٿن ۾ هوندو، ان بعد مون جديد ادبي تنقيدي نظرين تي ڪم ڪيو ڪافي لکي چڪو آهيان ڪافين تي ڪم هلي پيو....ان کان علاوه تحقيقي مضمونن ۾ شاهه لطيف ۽ مولانا رومي جي شاعري ۾ محبت جو تصور انگريزي ۾، تقابلي ادب ۾ اچي ٿو...اسان وٽ سنڌي ۾ تقابلي ادب Comparative Literature تي پڻ ڌيان نه ڏنو آهي، جڏهن ته دنيا ۾ اهو موضوع وڏين يونيورسٽين ۾ ميجر سبجيڪٽ طور پڙهايو وڃي ٿوجنهن سان مختلف تهذيبون ويجهو ٿين ٿيون ۽ سوچ جي انداز جو پتو پوي ٿو. شيخ اياز جي شاعري تي مارڪسي تنقيدنگاري لاڳو ڪري تحقيقي مقالو لکيو ...اهو به انگريزي ۾،....جيڪو شيخ ايازڪانفرنس 2008، ۾ چونڊيو ويو هو. لطيف سائين جي شاعري ۽ امريڪا جي مشهور شاعروالٽ وٽمئن Walt Whitman جي شاعري ۾ جسم ۽ روح جو تصور...اهو به انگريزي ۾ تقابلي مطالعو آهي، جنهن کي اسلامي يونيورسٽي جي رسالي Spectrum جو سڀ کان بهترين مقالو قرارڏنو ويو آهي. ان کان سواءِکوڙ سارو ڪم ڪيو آهي پر پوءِ به سوچان ٿو ته مون ڪجهه به ناهي ڪيو.....جيترو پڙهيو آهيان اوترو ڪم نه ٿي سگهيو آهي...بيروزگاري سر تي آهي....معاشي تنگي..ذهن کي کائي رهي آهي....مستقبل Uncertain آهي...ادارن ۾ پنهنجا ڀرتي ڪيا وڃن ٿا.....ماڻهن/ادارن جي سربراهن کي Yes men کپن ڪم ٿئي نه ٿئي....پهرين روزگار يا نوڪري ٿئي ته ماڻهو ٿانيڪو ٿئي ۽ ڪم ڪري... سوال: روشن خيالي ڇا آهي؟ روشن خيالي جي نالي ۾ مضبوط ٿيندڙ روايتن کي ڪيئن ٿا ڏسو؟ جواب: روشني خيالي مان توهان جو مراد جيڪڏهن اٺارهين صدي جي فرانسيسي عقلي تحريڪ آهي جنهن ۾ عقل Reason کي سڀ ڪجهه چيو ويندو هو جنهن ۾ نيوٽن لاءِ پوپ چيو هو ته Nature and Nature’s Laws lay hid in Night. God said, Let Newton be! And All was Light. اهي جيڪي عقليت پسند Rationalist هئا انهن جو سمورو زور انساني عقل تي هو ته اهو ئي علم جو سڀ کان وڏو ذريعو Epistemologyآهي ۽ انهن تجربيت Empiricism ۽ وجدان Intuition کان انڪار ٿي ڪيو..جديديت- پڄاڻان اڄوڪي سائنسي گهٽ ٻوسٽ جو ذميوار انهي روشن خيالي کي قرارڏي ٿو. سندن چوڻ موجب انهي عقل کي عقل ڪل قرار ڏيڻ جي نتيجي ۾ انسان جوهري هٿيار، مهاڀاري لڙايون ۽ سامراجي هٽيون Imperial monopoly ۽ سائنس جو انسان جي اندر کان پري ڪرڻ يعني خارجيت ۾ انسان کي گم ڪرڻ جو ذميوار آهي. جنهن ۾ انسان جي داخليت کائنس موڪلائي وئي پر هاڻي به وقت آهي ته انهي داخليت ڏانهن موٽ کائون ڇوته روشن خيالي واري سائنسي ترقي جي حقيقت پڌري ٿي وئي آهي ۽ دم ٽوڙي چڪي آهي. پر جيڪڏهن توهان جي سوال جو مطلب اسان جي معاشري ۾ ٿيندڙ ڀڃ ڊاهه ۽ عورتن جو گهران ڀڄي وڃي شادي ڪرڻ، موبائيل ۽ انٽرنيٽ ۾ منفي شيون پالڻ، ڪيبل ڪلچر ۽ عرياني ڏانهن ڊوڙ آهي ته اهو عڪس آهي اسان کي انهن عالمي ترقين کي نه سمجهڻ جو.... جنهن شيءِ پڙهيل لکيل دنيا ۽ انساني شعور ڌڪاري گهڻو پوئتي ڇڏي آئي آهي ان شي جو اسان وٽ ظهور هاڻ ٿئي ٿو. ان ڳالهه مان اندازو لڳايو ته اسان انساني شعور ۾ ڪيرو پٺتي آهيون. .....اسان وٽ علم / تعليم جي کوٽ سبب عورت/مرد ڪنهن بي راهه روي جو شڪار پاڻ کي نٿو سمجهي پر ان کي سندن فتح سمجهي ٿو جو اسان جي دانشور طبقي به انساني معاشري جي رهنمائي نه ڪئي آهي....ته انهي فعل جا اسين سڀ برابر جا ذميوار آهيون. سوال: ترجمي جي حوالي سان ٿيندڙ ڪم نهايت سست ٿي ويو آهي ان جا ڪهڙا سبب آهن؟ جواب: ترجمو اسان وٽ هيو ئي محدود....مرزا قليچ بيگ کان وٺي ولي رام ولڀ تائين انفرادي سطح تي ڪوششون رهيون آهن..اجتماعي ڌيان نه ڏنو ويو آهي....۽ اهو ڪم ڪنهن انفراديت جي ڪرڻ جي آهي ڪو نه....ايران ۾ پندره وار ۽ ماهوار رسالا به راتورات ترجمو ٿي پنهنجي ٻولي ۾ پهچي وڃن ٿا ته انهن کي پنهنجي قوميت ۽ ثقافت تي هلڻ ۽ اپنائڻ ۾ کين فخر محسوس ٿيندو آ...اسان وٽ بس بکون ڏيئي ڪو ترجمو پهچائڻو هوندو آهي....آئون ڪم ڪيان ٿو پيو بک تي...روزگار ڪونهي...گهر وارا/مٽ مائٽ بک تي... پاڻ چانهه جي پئسن ۾ کٽي ٿا پئون....هفتن جو هفتو سگريٽ ناهيان وٺي سگهندو اسلام آباد کان ڳوٺ (گهوٽڪي) جو ڪرايو نه هوندو آهي...ڳوٺ کان اسلام آباد جو نه هوندو آهي.....بس پوءِ به ڪم ڪيون پيا...ڪير ٿو پڇي...؟ مارڪيٽ ۾ نوان ڪتاب اچن ٿا ته ڪيئن وٺجن پوءِ ويٺا انتظار ٿا ڪيون ته ڪڏهن ان جي نقل Pirated ڪاپي ٿي شايع ٿئي پوءِ پراڻن ڪتاب گهرن Old Bookshops پيا چڪر ڏيون....ته انهي صورتحال ۾ سنڌ جو ادب ۽ ثقافت پيو هٿوراڙيون هڻي.... سوال: سنڌي ادب جي مختلف صنفن ۾ ٿيندڙڪم مان ڪيترو مطمئن آهيو؟ جواب: سنڌي ۾ شاعري تي گهڻو ڪم ٿيو آهي...گهڻي ڪم مان مراد گهڻي شاعري ڪئي وئي آ، ڪئي وڃي ٿي.....شاعري کي سمجهيو گهٽ ويو آ...اياز شاعري کي فلسفي سان سلهاڙيو آ...بخاري ان کي سادگي ۽ عوامي ويس پهرايو...آثم ۽ وفا انهي کي نج انساني تجربي ڏانهن وٺي آيا...تبسم شاعري کي محفلن ۾ راڳ ۾وٺي آيو جنهن جو بخاري مضبوطي سان بنياد وڌو هو ۽ تاجل ان کي لوڪ ڏاهپ ڏانهن وٺي آيو...ايوب کوسي ۽ احمد سولنگي نظم تي سٺو ڪم ڪيو..اسحاق سميجي...شاعري تي ڪم ڪيو چونڊ غزلن جومجموعو آڻڻ بهترين ڇال آهي. وسيم سومرو “پاڻي” جي رزميه ڪهاڻي لکي بهترين ۽ ڪامياب تجربو ڪيو آهي شاندار ڪم آهي.....نوجوان حبدار سولنگي..امر ساهڙ...مشتاق گبول...سڪندر مگسي... رجب ٻگهيو، سعيد ميمڻ، روبينه ابڙو، حسن درس.....مفتون ڪورائي خيال کي منفرد انداز ۾ کڻي ايندو آهي.....کوڙ سارا نالا آهن... پر شاعري تي تنقيدي ڪم نه ٿيو آهي ٻيو ته ٺهيو سنڌي اندر ئي موضوعاتي تقابلي جائزو نه ورتو ويو آهي...جنهن ڪري شاعر کي پاڻ کي به خبر ناهي ته علم جي اصليت بابت سندن ڪهڙو نظريو آهي، محبت بابت سندن ڪهڙو خيال آهي....ثقافت بابت سندن اظهار ڪهڙو آهي...ڪهڙي مڪتبئه فڪر جو پوئلڳ آهي..ڇوته زمان ۽ مڪان کان ٻاهر ڪير به ناهي هر ڪو ڪنهن نه ڪنهن مڪتبئه فڪر جو حامي آهي بيشڪ ته هو پاڻ کي نيوٽرل سڏي، نه مڃي ته ڪو هو ڪنهن شي کي مڃيندوآ...پوءِبه هو مسلمان/هندو ته آهي...ايشيائي ته آهي ته...تصوف کي مڃيندو آ....آمريڪا ۽ برطاينه کي برو ڀلو چوندو...عالمي راءِ عامه سان اختلاف رکندو پنهنجي حلقي ۾ ئي اختلاف رکندڙ هوندو آهي پوءِ ڪيئن چئون ته هو نيوٽرل آهي. ڪوبه انسان نيوٽرل ٿي نه ٿو سگهي. شاعري ۾ هندستان ۾ به بهترين ڪم ٿيو آهي....ايم ڪمل کان ويندي لڪشمڻ، صدف ...تائين سٺو لکيو ويو آهي...پر اسان وٽ ناول ۽ ڪهاڻي تي بلڪل گهٽ ڪم ٿيو آهي...نه صرف موضوعاتي حوالي سان پر فني حوالي سان اهو ڪم نه ٿيو آهي...آتم ڪٿائي ناول نه لکيو ويو آهي...نفسياتي موضوع تي گهٽ لکيو ويو...سياسي اتار چڙهاءَ تي نه لکيو ويو..سماجي ناول ناهن...تمام گهڻا موضوع آهن. باقي تاريخي ناولن ۾ ڏيپلائي جو سانگهڙ، محبت بابت طارق عالم ابڙو جو رهجي ويل منظر......ٻئي طرف آغا سليم جو همه اوست....بهترين ناولن ۾ ڳڻي سگهجن ٿا پر اهي تعداد ۾ بنهه گهٽ آهن... سوال: اڄوڪي دور جو اديب وقت جي گهرجن مطابق ڪردار ادا ڪري رهيو آهي يا نه، جي نه ته ان جا ڪهڙا سبب ۽ انهن کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ اوهان وٽ ڪهڙيون تجويزون آهن؟ جواب: اسان جواديب ويچارو ڇا ٿو ڪري سگهي؟...سنڌ جو اڄوڪي دور جو اديب پنهنجي سڃاڻپ ۽ مڃتا Recognition به حاصل نه ڪري سگهيو آهي. هتي اديب معنيٰ ڪنهن به سماجي ڪم ڪار وارو نه، هوائي ڳالهيون ڪرڻ ۽ هوائي دنيا ۾ رهڻ وارو نه آهي....هو سماج کان عملي طور ڪٽيل آهي. ڇوته اسان سو سال تائين انگريزين جي غلامي هيٺ رهڻ سبب ۽ پاڪستان جي سڄي ڄمار ۾ حق ۽ سچ جو آواز دٻيل رهيو آهي. سچ پڇو ته اسان ڪنڌ کڻڻ سکيو ئي ناهي...نفسياتي طور اسان جواندر دٻيل آهي.جرئتون ڪم ناهن ڪنديون، پوليس اسان جي رکوالي ڪندڙ ملازم نه پر آقا آهي، ڪلرڪ اسان جي سهولت لاءِ نه پر اسان کي خوار ڪندڙ آهي...حق ڦرجي ٿو سڀ ڏسون ٿا محسوس ڪيون ٿا پر ڳالهايون ڪونه ٿا ته متان پوليس ڪاوڙجي، متان وڏيرو ناراض ٿئي..انهي وڏيري جي تابع رهي رهي .....سچ پڇو ته هر اديب/صحافي/دانشور/سياستدان جي اندر ۾ هڪڙو وڏيرو ويٺو هوندو آهي. اهو وڏيرڪي پاڻ کان جونيئر تي اهي شيون آزمائي ٿو جيڪو مٿن هي نظام آزمائي چڪو آهي. شيخ اياز چوندوهو هي نظام آ خراب ، ٺاهه ڪو نئون نظام جنهن کي چڱو چئي عوام.....اهو نقطو شيط اياز جي پنهنجي شاعري کي آخر ۾ Disown ڪرڻ سان ختم ٿي ويو ۽ سڀ اديب چپ ڪري ويهي رهيا...نظام بدليو جو خاموشي ٿي وئي..؟ نئون نظام اچي ويو؟ انهي نظام کي عوام چڱوچئي ٿو...؟ معاشري جي تبديلي جا داعي ڪير ٿيندا.؟..ڪي مٿان فرشتا ته لهي ڪونه ايندا...؟ بس رڳو انتظار آهي ته من پي پي پي وارا سندن پٽ کي ڪا سڻڀي نوڪري ڏين.....کيس ڪانفرنس ۾ گهرائي پٽڪو ٻڌائين...سوال آهي...ته .Status-quo کي ڪير چيلينج ڪري..؟ ڪير لطيف سائين جي ڳالهه کي لبيڪ ڪري ته... اک الٽي ڌار، ونئون الٽو عام سين، جي لهوارو لوڪ وهي، تون اوچو وهه اوڀار، اها الٽي اک ڪهڙي آهي...؟ ڪير ڌاري....؟ اياز ته بيشڪ پنهنجي مزاحمتي شاعري مان هٿ کڻي ويو پر لطيف سائين ته انهي Status-quo کي چيلينج ڪرڻ واري ڳالهه تان هٿ ڪونه کنيو هو...نا!.. پوءِ رڳو مارڪس ۽ ڪميونزم جي دشمني يا ساڄي ڌر وارن سان ياري پاڙڻ ڪري معاشري جي دانهن ۽ ڪوڪ کي ورنائجي به نه؟ معاشري جي تبديلي رڳو مارڪس کي کپي ڇا؟ اسان کي تبديلي جي ضرورت ناهي ڇا؟ اسان کي انقلاب نه کپي ڇا؟ يا انقلاب ۽ تبديلين جا سڀ رستا سياست ۽ مارڪسزم وٽ گروي ٿيل آهن ڇا؟ ادارن ۾ ڪيترو ڪم ٿيو آ ڪيترو ڪم نه ٿيو آ، ڪير به نٿو ڳالهائي....سنڌي معاشرو اڳتي نه وڌي سگهيو آ، وڏيري جي غلامي مان نه نڪري سگهيو آ، ڇو؟ .....ڪيرذميوار آ سنڌي سماج کي هن ڌٻڻ ۾ ڦاسائڻ جو؟...بيشڪ ته سنڌ جو اديب انهن کي سزا نٿو ڏيئي سگهي پر سنڌ جي ادبي، علمي، سماجي، سياسي پسماندگي جو جائزو ته وٺي سگهي ٿو انهن ناڪاري پهلوئن کي وائکو ته ڪري سگهي ٿو..نا!..پر ڇو پنهنجي Status-quo کي بچايون ويٺو آهي؟ اسان جو اديب حقيقي صورتحال ۾ باهه جو رکوالو ناهي بس پنهنجي اجاراداري جو قائم رکيوويٺو آهي...آثم ناٿن شاهي هو مون کيس ويجهو کان ڏٺو هو....نجم عباسي هو....اهي اڏول ڪردار هئا هاڻ اهڙا گهٽ آهن..... اڄ ڪير به الزام کڻڻ لاءِ تيار ناهي...سڀ هلندي کي هلائين پيا. هتي تقليد آهي انڌي تقليد...بي سمجهي واري....Immature فالواپ... سوال: انساني رويا جبلتن جا اظهار هوندا آهن يا سماجي لقائن جا اظهار؟ جواب: انهي سوال کي جيڪڏهن نظرين جي پس منظر ۾ ڏسجي ته مارڪسزم چوندو ته اهي رويا مادي شين جو اظهار آهن، سماجي حيثيت جو اظهار آهن. هو چوي ٿو ته “توهان مون کي ٻڌايو ته ڪنهن ماڻهو جي سماجي حيثيت ڪهڙي آهي مان توهان کي اهو ٻڌائيندس ته هو ڇا سوچي ٿو.” انسان جي سوچ مادي جي پيداوار آهي ۽ تاريخي طور مادو ئي انساني ارتقاءَ جو بنيادي محرڪ آهي. اهو محرڪ معاشي پيداواري ذريعن ۾ لڪل آهي ۽ انهي معاشي اڻ بابري واري ورهاست سبب ئي انسان جي سوچ جو تعين ٿئي ٿو ۽ سماج جي اوچ نيچ ۽ طبقا به انهي اڻ برابري سبب آهن. ٻي طرف سگمنڊ فرائيڊ انهي کي Libido جي پيداوار چوندو جو ماڻهو پنهنجي جنسي جبلت جو غلام آهي ۽ سمورا عمل انهي لاشعور ۾ لڪل آهن... جتان اهي بغير ڪوشش جي اظهارجي ويندا آهن. اهڙي طريقي سان نفسيات جي علم ۾Jean Piaget چوندو ته اهو انسان جي اندر ئي موجود آهي ۽ داخليت ئي خارجيت کي ٺاهي Shape ڏي ٿو. ان جي ڀيٽ ۾ روسي نفسياتدان Lev Vygotsky پياجي جي ڳالهه کي رد ڪري ٿو، چوي ٿو ته انسان جي آسپاس جو ماحول ئي انسان جي روين کي تشڪيل ڏي ٿو....انهي صورتحال ۾ انساني روين ۽ سوچن جو اڃا ڪو فائنل سانچو نه جڙيو آهي جيڪو ابدي Absolute سچ يا محرڪ ٻڌائي سگهي. اها ئي ته اصل ۾ انسان جي وضاحت آهي ته هو جامد ناهي....ارتقاءَ ۾ يا وهڪري ۾آهي....باقي اها سمجهه پڻ زمان ۽ مڪان سان لاڳاپيل Relative آهي، اسان جي سچائي ضروري ناهي ٻي خطي لاءِ به ايئن هجي...انهن جو سچ/اظهار/حقيقت انهن جي پنهنجي معاشري جي ئي پيداوار آهي. سوال: اوهان جا پسنديده ليکڪ ۽ انهن جون اوهان کي وڻندڙ لکڻيون؟ جواب : پسنديده ليکڪ کوڙ سارا آهن، اهو به انسان جي حيثيت عمر ۽ حالتن سان لاڳاپيل آهي. جيڪو ليکڪ ننڍپڻ ۾ وڻندو هو ٿي سگهي ٿو اڄ نه وڻي.. اڄوڪو وڻندڙ سڀاڻي وري اهڙي شيءِ نه لڳي..اهو پڻ Relative آهي. بهرحال لطيف سائين، اياز، ٽئگور، گارشيا مارڪيز، دوستو وسڪي، هرمن هيس، آثم ناٿن شاهي، آڪاش انصاري، لڪشمڻ دبي، ايڊورڊ سعيد، چومسڪي، ارون ڌتي راءِ ۽ ٻيا لاتعداد نالا آهن. ايڊورڊ سعيد جي ڪتابن Orientalism ۽ Culture and Imperialism مون تي ڏاڍو اثر ڪيو فينن ۽ گرامچي جا ڪتاب به سٺا لڳا. هومي ڀاڀا جو Location of Culture سوسيئر جو The Course in General Linguistics، ....فيض جو نسخه هاءِ وفا، شاهه جو رسالو سدائين منهنجي اتساهه جو ذريعو رهيو آهي ۽ رسول بخش پليجي جي تحريرن پڻ وڏي رهنمائي ڪئي آهي منهنجي..... گارشيا مارڪيز جو ناول One Hundred Years of Solitude ۽ نڄاڻ ڪهڙن ڪهڙن ڪتابن....نالا کڻڻ ڏاڍو ڏکيو ٿو لڳي سڀني جو. ادبي نظرين تي وڏا ڪتاب آهن سڀ سنڀارڻ جهڙا.... سوال: سنڌ جي نو جوانن کي ڪهڙي طريقي سان قائل ڪري سگهجي ٿو هو فضول وقت وڃائڻ بدران پنهنجو پاڻ مڃائين؟ جواب : جيستائين انهي سوال جو تعلق آهي…. مان ان جي جواب ۾ به اهوئي چوندس ته انهي سوال جي اڀرڻ جو سبب ڇا آهي؟ جواب آهي ته اسان جي نوجوان کي پاڻ مڃائڻ جو Systematic Mechanism مليو ئي نه آهي. سنڌ جو نوجوان ڀٽڪندڙ ماحول ۾ آهي ۽ سندن معاشرو ڪنهن به منظم سوچ، طريقي، فلسفي ۽ اصولن Principles تي آهي ئي ڪونه... اسان جي نوجوانن کي ادارن جو مڪينزم نه ملڻ ئي انهن جي بي راهه روي جو سبب آهي. سنڌ جي تعليمي نظام ۾ ڪاپي ڪلچر نوجوان کي علم جي پهچ کان محروم ڪري ڇڏيو آهي. ماحول سکيا گهر هئڻ بجاءِ بگاڙ گهر وڌيڪ آهي. سماجي ڍانچو ۽ تقريبً سمورا ادارا نوجوان کي مثبت پاسي وٺي وڃڻ بجاءِ باغي بڻائي رهيا آهن. جيڪو ٻار اسڪول کان ئي اهو سکي ته بي ايماني / خيانت ڪري ڪاپي ڪري پاس ٿيڻو آهي، جنهن جو بنياد ئي اهڙن اصولن تي هوندو...سندن اڳيان ڪاميابي جو راز محنت، سچائي، همت، نه پر چاچي بابي جي سفارش ۽ ذاتي لاڳاپن تي هجن....وڏي نوڪري يا عهدو به سفارش يا پئسن عيوض ملندڙ هجي.... چڱي مڙس جي علامت پوليس واري هجڻ، ڌاڙيل هجڻ، ڏاڍي هجڻ، غنڊي هجڻ ۽ پهچ واري هجڻ جي ڪري هجي ته نوجوان جو آئيڊيل شيخ اياز ڇو هوندو ......اديب يا استاد ڇو هوندو؟... سڌريل ملڪن ۾ ادارن جو مڪينزم آهي جيڪو ڪم ڪري ٿو، مثبت تربيت ڏي ٿو..چٽاڀيٽي جو ماحول ۽ صحتمند روايتون مهيا ڪري ٿو جنهنڪري نوجوانن کي قائل ڪرڻ جي ضرورت ئي ناهي، نوجوان تعليم، صحت، روزگار وغيرو جي حوالي سان والدين جي مٿي جو سور آهن ئي ڪونه پرنوجوان رياست ۽ ادارن جي مڪينزم سبب کين تحقيق کان وٺي تعمير، نفسيات کان فلسفي تائين جي ميدانن ۾ پاڻ مڃائي رهيو آهي ۽ پنهنجن پنهنجن معاشرن ۾ تعميري ڪم ڪري پنهنجي ملڪ کي به ترقي وٺرائن ٿا ۽ پنهنجو نالو به روشن ڪن ٿا. انهي ڏس ۾ آئون نوجوانن کي سڏ ڏيان ٿو ته اچو ته عهد ڪريون ته ادارن جي مڪينزم....اصول پرستي...ايمانداري...چور دروازي بجاءِ سڌي دروازو وٺون..... اهو تنظيمي هجي تعليمي هجي، سياسي هجي سماجي هجي ان کي مضبوط ڪرڻو آهي. ان سلسلي ۾ اچوته اسان جي تعليم مان ڪاپي ڪلچر خلاف جهاد ڪريون ان کي پنهنجي ذهنن، يادن، وقتي فائدن ۽ گريڊن.... مان ڌڪاري ڪڍون. استاد، شاگرد، والدين ۽ انتظاميه ملي ڪري جيڪڏهن انهي ڏس ۾ اڳتي وڌون ته اهو ناممڪن ناهي رڳو ارادي جي پختگي سوال آهي پر جيڪڏهن شروعات اتان نٿا ڪريون ته پوءِ معاشري ۾ ڪهڙي با معنيٰ تبديلي اسان آڻي سگهنداسين....؟ ڪاپي ڪلچر جو خاتمو اڄ ڪنهن جي به ايجنڊا تي ناهي...استاد تنظيمون، سياسي سماجي تنظيمون، سياسي پارٽيون ۽ انتظاميه سڀ انهي تباهي تي چپ سبي پنهنجي نام نهاد عزت بچائڻ ۾ پوريون آهن. سوال : ويجهي مستقبل ۾ اوهان جا ڪهڙا علمي ادبي منصوبا آهن؟ جواب : هههه...... هزارون خواهشين ايسي، ڪه هر خواهش په دم نڪلي.... واري ڪار الاهي ساريون ڳالهيون آهن،.. پروگرام آهن پر بدلجندڙ حالتون ۽ وقت، تقاضائون ئي ٻيون ڪن ٿيون. سوچان ٿو پهرين ايم فل وارو مقالو ڪتابي صورت ۾ ڇپايان..جيڪو انٽر ليول جي انگريزي نصاب تي آهي، اهو ڇاڪاڻ ته سنڌ جي نصاب تي آهي تنهنڪري چاهيان ٿو ته سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ انهي ڏس ۾ اڳتي اچي ته کيس مواد حوالي ڪيان ۽ ڇپايان جيڪو نه صرف نصاب تي تحقيق کي هٿي وٺرائيندو پر ان جي افاديت ۽ ڪارگر هجڻ واري پهلو تي پڻ ڪارآمد رهندو. ان مان نصاب تي تحقيق ڪندڙ به مدد وٺي سگهندا ۽ ان سان گڏوگڏ استاد ۽ شاگرد به استفادو حاصل ڪري سگهندا. ان کان علاوه انگريزي مضمونن جو ڪتاب آهي جنهن۾ شيخ اياز، شاهه لطيف، سنڌي گرامر ۽ ٻين موضوعن تي ريسرچ آرٽيڪلز آهن، ادبي ۽ سماجي مضمونن جو مواد آهي ....جديد ادبي تنقيدي نظرين تي ڪم ڪري رهيو آهيان خواهش آهي ته اهو به ڪتابي صورت ۾ سٺي نموني اچي ماڻهن جي هٿن تائين پهچي..... ان کان علاوه پي ايڇ ڊي پرگرام ۾ ارادو آهي ته لطيف سائين جي شاعري جي بيانيه ساخت Narrative Structure تي ڪم ڪيان ڇوته اهو ٻڌائي ٿو ته ڪو شاعر يا ليکڪ ڪنهن ڪهاڻي/قصي کي کڻي ڪٿان ۽ ان جي Reportability ، ڪيئن آهي. ڏسو نه ڪنهن به ڪهاڻي/داستان/شاعري ۾ کوڙ سارا واقعا هوندا آهن ۽ انهي ڪهاڻي جي ڪردار وٽ به سرگرميون ڪافي هونديون آهن پر فنڪار/شاعر اهي سڀئي ڳالهيون ته ڪونه ٿو ڏئي نا.... ته هن ماني ڪٿي کاڌي ڇا کاڌي، ڪنهن سان ملي، والدينن کيس ڇا چيو.....پر رڳو اهي شيون کڻڻ ....جن جو سڌو واسطو پلاٽ ۽ ڪهاڻي سان هجي، پرهندڙ جي توجه ۽ دلچسپي برقرر رهي ۽ ٻيو ته هو اها ڪهاڻي ڇو ٿي ٻڌائڻ چاهي.... اها ريپورٽ ائبلٽي آهي...ان ۾ لاها چاڙها Climax and Anti-climax ڪيئن جڙيل آهن. انهي قصي جي وچ ۾ زمان ۽ مڪان جو تفاوت ڪيترو ۽ ڪيئن آهي. وغيره انهي مطالعي جا موضوع آهن. ان کان سواءِ لطيف سائين جي شاعري جي Discourse Analysis، جي حوالي سان به ڪم ٿيڻ گهرجي. جي اهڙو موقعو مليو ته ڪندس... عبدالقادر جوڻيجي جو ڊرامو“چهوٽي سي دنيا” تي بيٺڪيت- پڄاڻان تنقيدنگاري لاڳو ڪري مقالو لکڻ چاهيان ٿو...ڇوته ان ۾ کوڙ سارا عنصر قابل غور آهن ۽ انهن جي افاديت صرف سنڌي ادب ۽ ٻولي تائين نه پر بين الاقوامي مظهر آهن جنهن جي گهرج پوري دنيا جي علمي حلقن ۾ آهي جيڪي بيٺڪي راڄ جو شڪار رهيا آهن ۽ ساڳيا حڪمران اڄ نئي- بيٺڪيت Neo-colonialism، ذريعي حڪمراني ڪري رهيا آهن. ان کي ڪو ماڻهو بيشڪ ته سياسي مطالعو يا ادب ڪوٺيندو هجي... پر اصل ۾ اهو ثقافتي به آهي. مثال طور سندن ڊرامي ۾ مراد علي خان جڏهن لنڊن کان واپس ايندو آهي ته پنهنجي مقامي ملڻ جلڻ جي انداز کي نيچ ۽ جاهلاڻو قرار ڏيندو آهي جيڪو سامراج جي Superiority ڏيکاريندو آهي. اها اٿ ويهه واري برتري سياسي نه پر ثقافتي تبديلي آهي...ان سلسلي ۾ هومي ڀاڀا جا ثقافتي لوازمات Mimicry, Hybridity, Ambivalence ۽ ايڊورڊ سعيد جا Representation, Resistance, ، عبدل جان محمد جو Manichaeism وغيره اچي وڃن ٿا. مثال طور جڏهن جانو جرمن ۽ مراد علي خان وچ ۾ انگريزي ٻولي ڳالهائڻ جو ملاکڙو ٿئي ٿو ته ان ۾ مراد علي خان صرف ان ڪري هارائي وڃي ٿو جو مراد علي خان انگريزي ڳالهائڻ دوران ٽي اکر (اصل ۾ لفظ) رمضان، گلاس ۽ سئو پنهنجي مقامي ٻولي جا استعمال ڪري ٿو جڏهن ته جانو جرمن ون ٽو ٿري ٻڌائي ٿو ۽ ان ۾ مقامي ٻولي جو ڪو به اکر نه هوندو آهي. جيڪو ظاهر ڪري ٿو ته آقا/سامراج/حاڪمن جي ٻولي برتر Superior ۽ غلام ۽ محڪوم ماڻهن جي ٻولي بدتر Inferior آهي. ڪالونائيزرز جي هر شي خالص آهي تنهنڪري ان ۾ غلامن جي ثَقافتن جو ميلاپ کيس Impure ڪري ڇڏي ٿو. اڄ به اولهه وٽ اوڀر جو ماڻهو خواري، دهشتگردي، ذلت، بک، بيماري ۽ بد حالي جي علامت آهي. جوڻيجي صاحب انهي جي Depiction ۾ ڪمال ڪيو آهي ۽ بين الاقوامي مسئلا ان ڊرامي ۾ سمايا آهن. اهو ڊرامو انهي مطالعي جي لاءِ انتهائي شاهوڪار Rich آهي. جنهن تي ڪم سان نه صرف ليکڪ ۽ هدايتڪار پرپوري دنيا ۾ سنڌ جي مڃتا ٿيندي. خبر ناهي وقت ۽ حالتون اهڙو موقعو ڏين الئه نه...ٻيا به الاهي سارا موضوع ۽ ڪم آهن، شيخ اياز جي شاعري تي Pragmatics Theory لاڳو ڪري ان جي لساني خوبين جو جائزو وٺڻ گهرجي...سائين آثم ناٿن شاهي جو شاعري تي ڪم ڪجي ۽ ان کي مٿي آڻي مڃتا ڏجي.... بهت نڪلي ميري دل ڪي ارمان پهر بهي ڪم نڪلي....