سنڌ جو پلس دنيا جو هي سال 2010 ڪيئن گذريو(وڊيوز )

'مختلف موضوع' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏3 جنوري 2011۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سنڌ جو پلس دنيا جو هي سال 2010 ڪيئن گذريو(وڊيوز )​
    ۔

    [​IMG]
    ۔ وقت جي اٿاهه ساگر جي ڪُن ڪيترائي جڳ ڳهي چڪي ۽ صدين سالن جي ان سفر ۾ سال 2010 جو آخري سج به لهي ويو، ۽ هاڻ وري 365 ڏينهن تائين اسان جي هر عمل تي 2011ع جو ليبل چنبڙيل هوندو، ۽ اهڙي ريت اسان جي زندگي جو آخري سج به اسان جي سامهون اچي بيهندو۔ جنهن لاء شاه صاحب فرمايو آهي ته ( ڏينهن مڙوئي ڏون اٿي لوچ لطيف چئي۔ ) هن سال جون آخري گهڙيون تمام دکدائڪ ۽ نيڻن مان نير وهائڻ جهڙيون هيون، هن سال ويندي ويندي ڏکن ۾ واڌارو ڏنو هي سال سنڌين جي سرزمين تي ارمانن جو ٻج پوکي ويو آهي.هي سال تاريخ جي نه وسرندڙ سالن مان هڪ رهيو، هن مهراڻ جي واديءَ ۾ هڪ وڏي ٻوڏ آندي جنهن سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۽ ڳوٺن کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو، جنهن جو نقصان سنڌ کي صدين تائين ڀوڳڻو پوندو ، سنڌ سلامت جا ساٿيو هون ته ڪو به اهڙو سال نه گذريو آهي جنهن ۾ سنڌ عذاب ۽ سور نه سٺا هجن، مگر هي سال به سنڌ جي ماڻهن جو ڪو چڱو ناهي گذريو۔۔۔ بقول ڪنهن شاعر ته سنڌ نه سنبري سک اڀري سج لهي ويا ۔۔۔ جنهن جو تفصيل ڏسڻ لاء توهان سنڌي ٽي وي۔۔۔ ڪي ٽي اين جي هي هڪ رپورٽ ڏسو۔ http://www.youtube.com/watch?v=zsIVLm0hrMQ
    http://www.youtube.com/watch?v=o7UlsiTRjI8
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو