آءُ نسيم شيخ منٿلي انتظام ميگزين ڪراچي جو ايڊيٽر آهيان۔ ادا طاهر سنڌي جن جي دعوت تي هن فورم ۾ اوهان جي خدمت ڻ حاضر ٿيو آهيان۔ سنڌ ڌرتي لاءِ منهنجون ڪوششون هميشه رهنديون، سنڌ جا لڪيل رائيٽر ۽ گمنام سپاهي جنهن هن ڌرتي لاءِ پنهنجي جانن جو نظرانو ڏنو، انهن کي منهنجي طرفان سلام سدائين جاري رهندو۔ اوهان سان درخواست آهي ته هن سلسلي ۾ منهنجو رسالو (انتظام ڪراچي) انهن گمنام سپاهين جي ڪارنامن ۽ خدمات کي جيئرو ڪندا۔ هن ۾ اوهان ڀائرن جي مدد جو طلبگار آهيان۔
جواب: اسلام عليڪم [justify]سائين محترم نسيم شيخ صاحب! سڀ کان پهريان ته اوهانکي دل جي گهراين سان ڀليڪار، اوهان جنهن ماهوار مئگزين سان منسلڪ آهيو انجو ٿورو تعرف ڏيو ها ته اڃان وڌيڪ ڄاڻ ملي ها ۔۔۔ تمام سٺي ڪم سان لڳل آهيو، اسانجون نيڪ تمنائون ۽ اسانجون خدمتون حاضر آهن، اوهان کي ڪهڙي ، ڪيتري ۽ ڪڏهن ان معلومات جي ضرورت پوندي ۔۔۔؟ وغيره جهڙن سوالن جا جواب ملن ته هوند آساني ٿي پوندي ۔۔۔ اسانجو دوست طاهر، سنڌ دوست ۽ سنڌ سلامت جو سهڻو يار آهي، جيڪڏهن اوهانجو به ويجهو دوست آهي ته بس اوهان اسانجا به تمام ويجها دوست آهيو ۽ اسانجي سگهه آهيو ۔۔۔ سنڌ سلامت جي هيءَ اوطاق پڻ انٽرنيٽ جي دنيا ۾ سنڌ ۽ سنڌيت جي پرچارڪ آهي ۔۔۔ اميد ته اسين سڀ ملي جلي سنڌي ٻولي ۽ سنڌ جي مفادن جو دفاع ڪندي اڳ کان اڳرا ٿيندا رهنداسون ۔۔۔ بس اوهان جهڙن دوستن جو ساٿ اسانجي سگهه ۽ همٿ افزائي ٿيندي ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت[/justify]
جواب: اسلام عليڪم السلام عليڪم ادا نسيم شيخ صاحب ، سنڌ سلامت جي پياري اڱڻ تي اسان اوهان کي ڀليڪار چئون ٿا ادا اوهان ادي طاهر جي چوڻ تي هتي هلي آيا اسان ادي طاهر جيڪو اسان جي محفل جو مور آهي جا تمام گهڻا ٿورائتا آهيون ۔ ادا اسان کي اوهان جي لکڻين جو شدت سان انتظار رهندو اسان جي طرفان هي تحفو قبول هجيو
جواب: اسلام عليڪم ادا اوهان کي ڀليڪار سنڌ سلامت تي اوهان کي کوڙ اهڙا دوست ملندا جن جون لکڻيون تمام سٺيون آهن۔ خاص ڪري سائين نثار ابڙو ، ممتاز وگهيو ، رشيد سمون ۽ سليمان وساڻ سڀني جو ڪم ڏاڍو ڀلو ۽ ڇاپڻ لائق آهي۔
جواب: اسلام عليڪم اسان پنهنجي دوست پنهنجي ڀاء نسيم شيخ صاحب کي سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ جو ميمبر ٿيڻ تي دلي ڀليڪار پيا ڪيون۔ اسان کي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي جو ماهوار انتظام ميگزين ڪراچي جو ايڊيٽر اسان جي ساٿ ۾ شامل ٿيو آهي۔ ادي طاهر سنڌيء جون لک مهربانيون جنهن جي ذريعي محبتي ماڻهو اسان جي ساٿ ۾ شامل پيا ٿين۔ ادا اوهان کي به شاباسون هجن جو سنڌي ٻولي جي خدمت ۾ مشغول آهيو ۽ رسالو پيا ڇاپيو۔ دوست اسان جو ساٿ اوهان سان هر دم قائم هوندو، جڏهن به ڪو ڪم پوي ته بلا جهجهڪ چئجو۔ اسان کي خوشي ٿيندي جو اوهان نون دوستن جا ليک هتي ونڊ ڪري اسان جي ڄاڻ ۽ علم ۾ واڌارو ڪندا۔ ساڳي وقت هتي ونڊ ڪيل بهتر موضوعن کي اوهان پنهنجي رسالي جي زينت بڻائي سگهو ٿا۔ سنڌ سلامت جو فورم جيڪو انٽرنيٽ جي دنيا جو سڀ کان وڏو سنڌي فورم آهي اهو به سنڌي ٻوليء جي ترقيء ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ اوهان جي راين ۽ صلاحن جو انتظار رهندو۔
جواب: اسلام عليڪم ادا نسيم اوهان کي هن اوطاق تي سڀئي ڀليڪار چئون ٿا اوهان پنهنجي رسالي بابت به ڪجهه ٻڌايو ته خوشي ٿيندي نجم الدين ڪنڀر
جواب: اسلام عليڪم ادا وعليڪم السلام۔ ادا هن سنڌي پرچارڪ فورم تي ڀلي ڪري آيا۔ هتي سڀ دوست سنڌ دوستي جي بنياد تي گڏ ٿيا آهن سڀني جي ڪوّشش آهي، ته سنڌي ٻولي کي ان جو حقيقي مان ملي، وادي مهراڻ کي ان جي حقيقي منزل۔ انشاءِ الله گڏجي ان لاءِ هلندا سين، اسان اوهان جي هر ممڪن مدد ڪرڻ تيار آهيون جئين ڀاءُ نثار ابڙو صاحب چيو۔ سائين ڀلي ڪري آيا۔
جواب: اسلام عليڪم سڀني دوستن جي مهرباني جن منهنجي پياري دوست نسيم شيخ صاحب جن جي هن اڱڻ تي آجيان ڪئي۔