• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ابوعمير حزب الله بلوچ

ابوعمير

سينيئر رڪن
السلام عليڪم
دوستو آئون آهيان ابوعمير حزب الله بلوچ۔ منهنجو تعلق کپري سان آهي۔ ابوزين هن فورم جو تعارف ڪرايو، ڪافي ڏينهن کان مهمان طور فورم تي ايندو رهندو هيس۔ اڄ همت ڪري رجسٽر ٿيم۔

اڃان فورم تي نئون آهيان، سنڌي لکڻ ۾ ڏکيائي ٿئي ٿي، اميد ته آهستي آهستي ڪافي ڪجهه سکي وٺبو۔ انشا الله۔
 
جواب: ابوعمير حزب الله بلوچ

ادا ابو عمير اوهان کي سنڌ سلامت فورم تي خوش آمديد ٿا چئون

سدائين گڏ
 
جواب: ابوعمير حزب الله بلوچ

دوست ابو عمير صاحب کي سنڌ دوست اوطاق تي دل جي چاهه سان ڀليڪار چئجي ٿي،

ڀلي ڪري آيا ۔۔۔ جي آيا

دوست اوهين مهمان طور اسانجي اوطاق تي موجود دوستن سان خاموش دوستي نڀائيندا رهيا آهيو، اميد ته هاڻ رجسٽر ٿيڻ کانپو ڳالهه ٻولهه پڻ ٿيندي ۽ جڏهن ڳالهه ٻولهه ٿيندي ته هڪٻئي جي تورتڪ به ٿي ويندي ۔۔۔

ابو زين هن اوطاق جو سلڇڻو ۽ پيارو دوست آهي، سندس سچائي ۽ وفا جا قائل ته اسين هن اوطاق جي شروع ٿيڻ کان آهيون ۔۔۔

اميد ته اوهان به پنهنجي علم ۽ ڏاهپ سان سنڌ دوستي جي مان ۾ سنڌي ٻولي جي شان وڌائڻ واري ڏس ۾ اسان دوستن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلندا ۽ پنهنجو قومي فرض نڀائيندا ۔۔۔ سٺا ۽ سچا دوست رب جي رحمت هوندا آهن ۽ باعث فخر ۔۔۔۔

اوهانکي هن اڱڻ تي پنهنجا ليک موڪلڻ ۾ ڪا ڏکيائي ٿي ته سنڌ سلامت سکيا وري ڌاڳي ۾ وڃي موجود ليک پڙهي ڏسندا ۽ جي اڃان به ڏکيائي ٿي ته پڇڻا نه منجهڻا واري ڌاڳي ۾ وڃي سوال موڪليندا ته انشاء الله اسانجا دوست اوهانجي خدمت ڪرڻ ۾ نه ڪيبائيندا ۔۔۔

رب العالمين اسانکي سنڌ ۽ سنڌيت جي راهه ۾ اڳتي وڌڻ جي همٿ عطا فرمائي ۔۔۔ آمين
 
جواب: ابوعمير حزب الله بلوچ

ادا ابو عمير کپري وارا اسان اوهان کي سنڌ سلامت جي اڱڻ تي خوش آمديد چئون ٿا ۽ اسان ادي ابو زين جا به تمما گهڻا ٿورائتا آهيون جن اوهان کي هن فورم بابت ٻڌايو اسان کي اوهان جي لکڻين جو انتظار رهندو
 
جواب: ابوعمير حزب الله بلوچ

ڀاء ابو عمير اوهان کي سنڌ سلامت تي اچڻ تي ڀليڪار

ادا خوشي آهي جو اوهان سنڌ سلامت جا ميمبر ٿيا آهيو۔ ادا ابو زين به هن ساٿ جو سچو ساٿي آهي جيڪو هميشه فورم جي دوستن جو ٻانهن ٻيلي رهندو آهي۔ سندس ٿورا جو اوهان جهڙي دوست سان ملاقات ڪرايائين۔

يقينن اوهان سنڌ سلامت جي ٻولي لاء ڪيل خدمتن کان با خبر هوندا۔ باقي اوهان آيا آهيو اسان جو حوصلو وڌيو آهي۔ اوهان جي تحريرن جو انتظار رهندو۔

5cxhdd.jpg
 
Back
Top