کدڙن لاءِ نوان سڃاڻپ ڪارڊ

'دلچسپ ۽ عجيب' فورم ۾ علي ظفر طرفان آندل موضوعَ ‏3 جنوري 2011۔

  1. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    کدڙن لاءِ نوان سڃاڻپ ڪارڊ


    پاڪستاني حڪام 1 جنوري کان کدڙن کي اهڙا سڃاڻپ ڪارڊ جاري رڪڻ جو اعلان ڪيو آهي جنهن ۾ انهن جي جنس ”مخنث“ لکي ويندي. پاڪستان جي قومي ڊيٽا بيس ”نادرا“ جي نائب چيئرمين طارق ملڪ ذريعن کي ٻڌايو ته انهيءَ سلسلي ۾ هن قانون واري وزارت کي سفارش ڪئي آهي ته قانون ۾ ترميم ڪئي وڃي.
    هن چيو آهي ته ”نادرا“ پنهنجي سافٽ ويئر ۾ تبديلي ڪري ورتي آهي ۽ 1 جنوري کان کدڙن لاءِ نوان سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪيا ويندا. هن ٻڌايو آهي ته سندس اداري اِهو قدم سپريم ڪورٽ جي هدايت تي کنيو آهي جتي سسٽم ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي هتي انهيءَ قانون جي متعلق قانون سازي لاءِ حڪومت کي سفارشون پڻ موڪليون ويون آهن.
    ”مخنث“ جو سڃاڻپ ڪارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ صحت واري کاتي کان هڪ سرٽيفيڪيٽ حاصل ڪرڻو پوندو جنهن جي مدد سان نادرا کين سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيندو. هن چيو آهي ته اِهو خيال غلط آهي ته ”نادرا“ پهريان کدڙن کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري نه ڪندو هو.
    طارق ملڪ موجب هينئر تائين اسي هزار کدڙن کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪيا ويا جن ۾ کدڙن جي جنس مرد لکي ويندي هئي. هاڻي سڃاڻپ ڪارڻ تي انهن جي جنس ”مخنث“ لکي ويندي ۽ کدڙو هجڻ وارو رڪارڊ صرف نادرا وٽ هوندو.
    هن ٻڌايو آهي ته پاڪستان ۾ کدڙن جي صحيح تعداد جي خبر ناهي ۽ عدالتي حڪم موجب سروي جاري آهي جنهن کانپوءِ صحيح تعداد معلوم ٿيندي. پاڪستان ۾ کدڙن کي ٽين درجي وارو شهري سمجهيو ويندو هو پر ڪجهه مهينا اڳ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري حڪومت کي کدڙن جي تعداد معلوم ڪري کين عام شهرين جي برابر حق ڏيارائڻ جي هدايت ڪئي هئي.
    هن پاڪستاني حڪومت کي پاڙيسيري ملڪ هندستان وانگر ٽيڪس جي اوڳاڙي لاءِ کدڙن جي مدد ڪرڻ جو مشورو ڏنو هو.
    عدالتي حڪم تي نادرا پاران پنهنجي نظام ۾ تبديلي ۽ حڪومت کي موڪليل سفارش کانپوءِ کدڙا خوش آهن ۽ اڱاري تي ڪراچي سوڌو مختلف شهرن ۾ جلوس پڻ ڪيا ويا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو